شهيد ممتاز علي درس خادم گھراڻو نصرپور جو هڪ اهڙو انسان جنهن کي اڄ به نصرپور جو هر ماڻهو ياد ڪري ٿو . هي سماجي ورڪر به هو ته هڪ بهترين اديب به هو پر گھڻن کي اها سڌ نه آهي ته هيءُ ڪو ڪهاڻيون لکندو هو . اهو انسان آهي شهيد ممتاز علي درس جنهن جو جنم هڪ غريب يار محمد درس جي گھر ۾ 08 مارچ 1952 ع تي نصرپور ۾ ٿيو پاڻ مئٽرڪ جو امتحان نصرپور جي گورنمينٽ هائي اسڪول مان مارچ 1968ع ۾ پاس ڪيو . بي ايس سي آنر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان 19 جولاءِ 1977 ع ۾ پاس ڪئي ان بعد پاڻ جلد ئي نيشنل بئنڪ ۾ ملازم ٿيا نيشنل بئنڪ ۾ او جي 2 طور 24 ڊسمبر 1977 ع تي مقرر ٿيا آخري وقت ۾ پاڻ نيشنل بئنڪ ٽنڊوالهيار ۾ مئنيجر هئا . ممتاز مرحوم ڪيترن ئي سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ رهيا جن گلن جھڙا ٻارڙا ، سگا ، مهراڻ سوشل ويلفيئر ڪلب ، ماروئڙا سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن . انهن ۾ بنا ڪنهن ذات پات رنگ نسل جي ڪم ڪيائون . پاڻ نصرپور ۾ ٻارن جو ميلو پنهنجي ساٿين سان گڏ سگا ۽ مهراڻ ڪلب جي طرفان لڳايو هو . جنهن ۾ نالي وارين شخصيتن شرڪت ڪئي هئي . رات هجي ڏينهن هجي پر پاڻ سماجي تنظيمن ۾ ڪم جي حساب سان اڳيان هوندا هئا . نصرپور جي هڪ نوجوان جي بيگناهه قتل جي خلاف آواز اٿاريو . پنهنجي ساٿين سان گڏ سينو تاڻي بيهي رهيو کين خدا کان سواءِ ڪنهن جو به ڊپ نه هو . سماجي تنظيمن جي پليٽ فارم تان هڪ مسڪين نياڻي جو جناح اسپتال مان چندو گڏ ڪري علاج ڪرايو هر وقت ان جي پڇا ڪندا رهندا هئا . سندن سوچ هوندي هئي ته نوجوان اڳيان اچن پاڻ هر وقت نوجوانن کي اها نصيحت ڪندا هئا ته انڊر گرائونڊ نه ٿيو اوور گرائونڊ ٿي پنهنجي صلاحيتن کي ملهايو ۽ ماڻهن جي خدمت ڪريو انسانيت جو جذبو اندر منجھه روشن رکو . توهان ان هڪ ميڻ بتي جي مثال وانگر ٿيو جيڪا پاڻ ته جلي ٿي پر ٻين کي سهائو ڏي ٿي .سندس ڪوشش اها هوندي هئي ته نوجوان اڳيان اچن پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کي محسوس ڪن . پاڻ هر وقت نوجوانن سان ملندا هئا انهن سان اهڙو ته پيار پاٻوهه سان ملندا هئا جو اهي هر وقت هن جا پيا گڻ ڳائيندا هئا . جڏهن نصرپور ۾ هڪ ظلم ٿيو ته پاڻ اڳيان آيا نوجوانن کي چيو ته پنهنجي شهر جي پاڻ حفاظت ڪريو جابرن کي ڊوڙائي ڪڍو . توهان متحد ٿي ويا ته ڪابه طاقت اوهان جو وار ونگو نه ٿي ڪري سگھي . پاڻ نوجوان اتحاد جي نالي سان پنهنجي دوستن سان گڏجي نوجوانن کي کڻي هڪ تنظيم ٺاهي پر پاڻ اڳتي هلي محسوس ڪيائون ته ان ۾ ٻين کي به حصو وٺڻ گھرجي ان لاءِ نوجوان اتحاد کي ماروئڙا سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن ۾ تبديل ڪيو جنهن جو پهرين صدر نصرالله دائودپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري محمد بچل دائودپوٽو هو . اها تنظيم ٽنڊوالهيار ۾ ٽاپ تي هئي ڪابه فلاحي ڪيمپ لڳندي هئي ته هن تنظيم جا ساٿي ان ۾ بهرو وٺندا هئا . تعليم ۽ صحت جي لاءِ هن تنظيم اهم ڪردار ادا ڪيو بلڊ گروپ چيڪنگ بلڊ ڊونيٽ ڪرڻ فري ميڊيڪل اسٽور وغيره جهڙا ڪم ڪيا . جڏهن هيءُ هڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيو ته ان بعد تنظيم به آهستي آهستي گروپ بندي جو شڪار ٿي ويئي . جڏهن پاڻ هوندا هئا ته نصرپور ۾ سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو ڄار هو اهي سڀ سرگرم عمل هونديون هيون پر هن وقت صرف سنڌي ادبي سنگت جي شاخ ۽ هڪ ٻه سماجي تنظيمون آهن . جتي پاڻ سماجي ڪمن ۾ اڳيان هئا اتي ادبي ميدان ۾ به هئا مون هڪ دفعو جڏهن آئون پڙهندو هوس ته نصرپور مان هڪ رسالو نڪتو هو ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ ان ۾ مون سندن ڪهاڻيون پڙهيون هيون . سندن هڪ فرزند مجاهد ممتاز مون کي ٻڌايو ته بابا جي هڪ مون ڊائري ڏٺي هئي جنهن ۾ بابا ڪافي ڪجھه لکيو هو . پر اها هاڻي مون کي ڪانه ٿي ملي . جڏهن شهيد ممتاز اسان کان جدا ٿيو هو ته ان وقت سندن اولاد ننڍو هوندو هو . مون هڪ مضمون لکيو هوجيڪو ممتاز فورم نصرپور طرفان نڪرندڙ رسالي ماهوار مشعل ۾ شايع ٿيو هو اهو به هتي پيش ڪجي ٿو اديب هڪ اهڙو انسان هوندو آهي جيڪو حساس طبيعت جو مالڪ هوندو آهي هو هر ڪنهن شيءِ تي غور ۽ فڪر ڪندو آهي ان جي پرک ڪندو آهي اسان جو پيارو ممتاز به ائين هو . جڏهن ڪنهن مسڪين جي مٿان ظلم جي ڪهاڙي وهندي ڏسندو هو ته هن جي دل جوش کائيندي هئي انهن ظالمن جي ظلمن کي نندڻ برباد ڪرڻ لاءِ ڪوري ڪاغذ جي مٿان دل جا ارمان احساس اوتيندو هو اديب جيڪي آهن انهن پنهنجي قلم جي وسيلي پنهنجو پاڻ کي امر بنائي ڇڏيو آهي اهڙن پيارن حساس دل دوستن مان ممتاز علي درس به هڪ هو . هيءُ هڪ هيرو هو هن کي جيترو به گھڙيو سهڻو ٿيندو . ممتاز علي درس سماجي ادبي خدمتن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو .هيءُ اهو ئي انسان هو جنهن نوجوان کي متحد ڪري هڪ هنڌ گڏ ڪيو . اهي ان نوجوان هن جي ٻاريل لاٽ کي روشن ڪندا اچن ڌرتتي پبليڪيشن ۾ هن جي لکيل ڪهاڻي پڙهنداسين ته اسان کي محسوس ٿيندو ته ممتاز اهو قلمڪار هو جنهن هر مظلوم جو روپ ورتو ڪا مظلوم ناري هجي ڪا مظلوم ماءُ هجي ڪا مظلوم زال هجي ڪو پورهيت هجي جنهن جي مٿان ظالم جي ظلم جو ڪڪر هجي هن انهن جو روپ وٺي انهن جي دردن کي عوام جي اڳيان ظاهر ڪيو آهي . ته ڪيئن اهي مظلوم جن جيڪي هن دنيا جي سونهن ۽ سوڀيا آهن ظالمن جي ظلم هيٺيان زنده رهي رهيا آهن . رت ست به هيءُ وهائين پگھر به هنن جو نڪري پوءِ به هنن جي مٿان سور ۽ تڪليفون هنن جو اولاد خوشين کان محروم مڪتب ڏانهن وڃڻ کان ڏور انهن ظلمن جي داستانن کي ممتاز وائکو ڪيو آهي جنهن جي ڪاوشن ۾ حق سچ ۽ پيار هجي سچ جو سنيهو هجي اهي عوام اڳيان نه آيون آهن اڏوهين جو کاڄ بنجي رهيون آهن اسان جو نسل اهو ئي سوال ڪري ٿو سماجي ۽ ادبي شخصيت ممتاز علي درس ڪير هو ؟ اسان هن جي محنت کي ضايع ٿيڻ کان بچايون هن جون ڪاوشون جيڪي اڻلڀ بنجي ويون آهن انهن کي هٿ ڪري ڇپايون جيڪي هن جا خواب ۽ سپنا اڌورا رهجي ويا آهن انهن کي تعبير تائين رسايون دنيا وارن کي ٻڌايون ته ممتاز امر هو جيڪو هميشه دلين ۾ زنده ۽ روشن رهندو ممتاز جي قلم مان جيڪا به تخليق نڪتي اها پٿر تي ليڪو هئي ممتاز ادب ۽ سماجي ميدان ۾ پاڻ ملهايو اڄ به هن جي ياد هر ڪنهن کي آهي هن عظيم انسان لاءِ جيترو به لکجي ٿورو آهي پر هن جي ٻڌايل ڳالهه تي اسان کي عمل ڪرڻ ته اتحاد هڪ ٻار جي مثال آهي جيڪو آهستي آهستي وڌندو آهي هن جي پرورش ڪرڻ تمام ڏکي هوندي آهي اسان نوجوان هن ديس جا وارث آهيون اسان کي پنهنجي لڪل صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ گھرجي ( ماهوار مشعل نصرپور 1992 ع ) اڄ اسان وٽ ممتاز درس نه آهي پر هن جون يادون اسان وٽ آهن جن نوجوانن ممتاز کي نه ڏٺو هو پر هن جا قصا ٻڌا آهن اهي به ممتاز سان محبت پيار ڪن ٿا ان جو هڪ مثال اهو آهي ته نصرپور جا اهي نوجوان جيڪي ڪرڪيٽ راند کيڏين ٿا انهن شهيد ممتاز درس جي نالي سان شهيد ممتاز ڪرڪيٽ ڪلب ٺاهي آهي جيڪا ڪافي پراڻي آهي ان جي طرفان ڪيترائي ميچ کٽيا آهن آهن . اسان کي هن انسان کي وسارڻ نه گھرجي پر اسان کي هن جي هر سال ورسي ملهائڻ گھرجي هي پيارو ماڻهو 27 آگسٽ 1988ع جي ان بدنصيب رات جو پنهنجي ڊيوٽي تان واپس پنهنجي جنم ڀومي اچي رهيو هو ته نصرپور ٽنڊوالهيار روڊ تي ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جنهن ۾ هيءُ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو جڏهن هن جي شهادت جي خبر نصرپور ۾ پيئي ته هر اک مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا هن غمگين ماحول ۾ پورو شهر بند ٿي ويو ٻئي ڏينهن به شهر بند رهيو . هر ڪوغمگين هو هن جي واکاڻ ڪري رهيو هو . شهيد ممتاز علي درس کي نصرپور جي تاريخي قبرستان احمد شاھ غوري جيئي شاھ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو جتي شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني به مدفون آهي . نصرپور جي سهڻي شاعر سليم گل چيو ته ممتاز تنهن جي سا آ جوت جاڳائي ڇڏي مون به پنهنجي زندگي آءُ داءُ تي لائي ڇڏي ڍول گھراڻو چوي ٿو ممتاز مور جاني ٿو ساٿ توکي ساري ڪيڏي ڪري جدائي وئين محب هائي ماري ڪيڏيون ڪيون رهاڻيون راڻا ويهي تو سٿ ۾ هيڻن اٻوجھن مارن جا هٿڙا گڏي تو هٿ ۾ ڪري قرب يار ايڏا ڇڏيا هانوَ تو اُجاري خادم گھراڻو چوي ٿو ته ڇو اڪيلو ڇڏي وئين تون ، ڪهڙي هئي خطا خاموشي سان راهي سفر ٿئين تون , ڪهڙي هئي خطا