دارالعلوم ديوبند ننڍي کنڊ سنڌ ۽ هند جو بزرگوار حڪيم ميون حاجي احمد مرحوم پروفيسر برڪت علي ڪريمي ابڙو دارالعلوم ديوبند ننڍي کنڊ سنڌ ۽ هند جي عوام جي سياسي رهنمائي جي لاءِ وجود ۾ آندو ويو ۽ حقيقي سياسي شعور جي جاڳرتا تڏهن ٿي ٿئي . جڏهن سچي دين جي اصل تعليم کان ماڻهو واقف ٿئي .اهوئي مکيه سبب هو جو حضرت مولانا محمد قاسم نانوتوي رحه پنهنجي مرشد حضرت خواجه امداد الله مهاجر مڪي رحه جي خاص هدايت تي دارالعلوم ديوبند جو بنياد وڌو ۽ انهيءَ عظيم درسگاهه نه رڳو برصغير سنڌ ۽ هن کي پنهنجن نوراني ڪرڻن سان منور فرمايو پر سموري دنيا ۾ اهي مثالي عالم دين پيدا ڪيا جن جي عظيم ڪارنامن سان تاريخ عالم جا ورق جڳ مڳ جرڪي اٿيا .اسان جو پيارو شهر نصرپور به قدرت جي انهيءَ عظيم انعام کان محروم نه رهيو . اسان جي اڄوڪي مضمون جو هيرو حڪيم ميون حاجي احمد مرحوم به انهن نوراني ڪرڻن جو هڪ ڪرڻو هو .جنهن جي بزرگانه ۽ مشفقانه ڪردار جا پرتوُ نه رڳو نصرپور پر سنڌ ۽ پري پري تائين پکڙيل آهن .سندن واسطو مٽيارين جي ان بزرگ خاندان سان هو جيڪي پشت در پشت سنڌي عوام جي ديني رهنمائي لاءِ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري سان لاڳاپيل رهيا . سنڌي الف ب ۾ قرآن شريف جو پهريون سنڌي ترجمو سائين محترم ميين حاجي احمد جي ڏاڏي قاضي عزيزالله عليه رحمت جو ڪيل آهي .جيڪو پور بندر گجرات مان ڇپيو سنڌي ترجمي سان گڏ شاھ ولي الله جو فارسي ترجمو ۽ حاشيه تي شيخ سعدي رحه جي سمجھاڻي ڏنل آهي .اهو دارالعلوم ديوبند ئي آهي جتي اسان جي نصرپور جو حضرت مولانا عبدالحق رباني مرحوم ۽ سائين محترم حڪيم حاجي احمد گڏ پڙهيا .اهو ڳانڍاپو ايتري قدر ته پختي ۽ پائدار درجي کي پهتو جو پورو جيون هڪ ٻئي کي ان طرح ارپي ڇڏيائون جو عام ماڻهو کين حقيقي ڀائر ڪري سمجھندو هو . ۽ ڇو نه هجي جو هو بزرگ هڪ ٻئي کي اخي جي پياري نالي سان سڏيندا هئا .۽ مولانا عبدالحق مرحوم جو اولاد کين چاچو سڏيندو هو .حقيقت ۾ مولانا عبدالحق رباني مرحوم جي ڀرپور قداور شخصيت کي فروغ ڏيڻ ۾ سائين محترم حڪيم ميين حاجي احمد جو ڀرپور ۽ بي غرض ساٿ هو .حضرت مولانا عبدالحق رباني مرحوم ديوبند کان واپس ٿي جڏهن نصرپور ۾ مدرسه مظهر الحق جو بنياد رکيو ته سائين محترم حڪيم ميون حاجي احمد مرحوم ان مدرسي جو مهتمم ۽ فارسي جو استاد ٿيو ۽ گڏوگڏ پنهنجي گذر سفر جي لاءِ دوا خانو کوليائون اسان جي ابڙا پاڙي جو اهو ڀلو بخت چوان جو سندن دوا خانو شاهي بازار جي منڍ ۽ اسان جي پاڙي سان بلڪل ڳنڍيل رهيو ۽ مون کي سندن بزرگ ۽ مشفق شخصيت جو پيارو پرتوُ منهنجي چئن پنجن ورهين واري عمر ۾ ايترو اثر ٿيو جو اڄ به کين پري ناهيان سمجھندو .سندن دواخانو نه رڳو جسماني بيمارين لاءِ مسيحا هو پر جھل ،شرڪ ، بدعت ۽ بڇڙين رسمن رواجن جي روڳ ۾ ورتل روحن لاءِ عظيم مسيحا جي حيثيت رکندڙ هو .. سندن دوا خانو جتي جسماني مريضن جي لاءِ مثالي شفا خانو هو اتي سندن بزرگانه ۽ مشفقانه محبت ۽ رويي سندن ڪردار کي هڏ ڏوکي ۽ همدرد ثابت ڪيو سندن اٿاهه محبت جي ستي جنهن کي به نصيب ٿي تنهن جا ٻئي جهان سنوارجي ويا مون اهڙا به مريض ڏٺا جن پنهنجي غربت ،افلاس ۽ تنگ دستيءَ سببان لا علاج مريضن وانگيان نا اميد ٿي پنهنجي پاڻ کي ڌڪيو پئي پر سندن مسيحانه پاٻوهه ۽ توجهه ٿورڙي علاج مان کين شفاياب ڪري ڇڏيو نه رڳو ايترو پر ساڻس لهه وچڙ ۾ رهندي ماڻهن کان سندن ذاتي مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ انهن جي حل لاءِ کين صلاحون ڏيڻ ۽ گڏو گڏ منجھن موجود روحاني روڳن جو نصيحتن ذريعي علاج ڪرڻ سائين جن جو عام شيوو هو . اڄ به جيڪي سندن صحبت جي فيض مان فيضياب ماڻهو موجود آهن انهن کان جي پڇيو وڃي ته هر هڪ ائين چوندو ته سائين محترم جن جو قرب هو ته مون سان هو .مطلب ته هيڻي جو همدرد ۽ ڏاڍي کي هڪ انداز ۾ سمجھائڻ سائين جن جي ڀرپور شخصيت جو هڪ انوکو انداز هو . جامع مسجد ۾ خطبو ته حضرت سائين مولانا عبدالحق رباني جن ڏيندا هئا پر جمع جي نماز جي امامت مستقل طور تي اسان جي سائين حڪيم ميين حاجي احمد جي حوالي هئي .سندن رهائش آخر تائين مدرسه مظهرالحق نصرپور جو اهو ڪمرو رهيو جيڪو ازل کان کين مهتمم طور مليل هو . روزانو نماز فجر کان پوءِ وٽن ڪچهري مچندي هئي جن به خوش نصيبن انهيءَ ڪچهريءَ ۾ شرڪت ڪئي هوندي انهن کي خبر آهي ته جست جي وڏي ڪٽليءَ مان بزرگ هٿن سان اوتي ڏنل ان چانهه جي چڪي جو مزو ئي ڪجھه اور هو .الله مهربان جي دردعا جا هٿ ته جيئن پاڻ مخلوق خداوندي تي ڇپر ۽ ڇانو ٿي رهيا ان کان به اربها درجا مٿي کين الله پنهنجي رحمت جي ڇپر ۽ ڇانو هيٺ رکي آمين ثم آمين