مون شعر چيا ته هن سڀني کان وڌ واه واه پئي ڪئي. دعوت ختم ٿيندي ئي مونسان ملي. هيلو هاءِ ٿي، تعارف ٿيو، خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ڪجھ ئي هفتن ۾ هزارين شعر سندس نظر ڪيم. هر شعر تي ڀرپور داد ڏنائين. مون ايتري گھٽ وقت ۾ ايترا شعر اڳ ڪڏهن به نه لکيا ها. لڳم ته ڪجھ ڏينهن ۾ پورو ڪتاب لکي ويندس دل جي ڪيفيت بدلجي وئي. خيالن جا گھوڙا آسمانن تي ڊوڙڻ لڳا. تصور جي اڏام ڪهڪشائن کان اڳتي نڪري وئي. مون اهو به ٻڌو جيڪو هن ڪڏهن چيو به نه هو ۽ اهو به محسوس ڪيو جيڪو هن ڪڏهن سوچيو به نه هو هڪ ڏينهن اچانڪ ڪنهن پريشاني ۾ ڦاسي پيس ۽ ڪجھ ڏينهن ساڻس ملاقات ٿي نه سگھي. جڏهن واندو ٿيس ته خبر پئي هو ڏاڍي پريشان ٿي هئي. مون کي ڏاڍو ڳوليو هيائين، رابطي جي وڏي ڪوشش ڪئي هيائين. مان هن جي محبت جو قائل ٿي پيس دل ئي دل ۾ کيس سندس سوچ کان به وڌ چاهڻ جو وچن ڪيم ۽ ملاقات لاءِ روانو ٿي پيس مون کي ائين اچانڪ پنهنجي سامهون ڏسي روئي پئي. سندس چهري جي تاثرن منجھ غم سان گڏ سخت ڪاڙ نمايان هئي. مون کي لڳو هو مون کي چماٽ هڻي ڪڍندي پر هن ايئن نه ڪيو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين ۽ ڪافي دير تائين ٽيبل جي ٻئي پاسي ڪرسي تي ڪنهن يوگي جيان مراقبي ۾ رهي. جڏهن ڪنڌ کنيائين ته دل ئي دل ۾ پنهنجي لاپرواهي تي ڏاڍي ڪاوڙ آيم. هٿ ٻڌي معذرت به ڪيم هن پاڻ سنڀاليندي چيو ” ڪٿي گم ٿي ويو هئين ؟ تو کي اندازو به هو ته مان ڪهڙي ڪرب منجهان گذري آهيان !!؟“ مون شرمندگي وچان نظرون جهڪائي ڇڏيون. مون کي واقعي به اندازو نه هو ”تنهنجي شعرن بنا هي سمورو وقت منهنجي دل تي ڪيترو بوجھ بڻجي گذريو آهي … تون ان جو اندازو به نٿو ڪري سگھين ! تو ڪنهن سان محبت ڪئي هجي ته اندازو هجي نه توکي !!؟؟“ هو گرجندي ۽ وسندي رهي دل ۾ آيو ته ٻڌايانس ته مان ايترو به بي خبر ۽ لاپرواه ناهيان، مون کي به ساڻس بي پناه محبت آهي.. منهنجي دل به هاڻي سندس نالي جو ورد ڪري ٿي پر چپ رهيس. ”مون کان پڇ ! مون ڪئي آهي محبت! … “ هو ڳالهائيندي رهي ” ۽ تنهنجا شعر ئي اهو وسيلو آهن جن سان هو مون ڏي متوجه ٿيو ! متاثر ٿيو ! ۽ منهنجي قريب اچي ويو پر تنهنجي ايئن اچانڪ غائب ٿي وڃڻ سان مان کانئس لڪندي ٿي وتان ! ساڻس ملي نٿي سگھان ! تو کي اندازو ئي ناهي ته “ دل تي ڄڻ وڄ ڪري پئي … هو ڳالهائيندي رهي … جھڻڪيندي رهي … نه ڄاڻ ڪيتري دير تائين … پر منهنجي ڪنن سندس آواز ٻڌڻ جي سگھ وڃائي ڇڏي هئي ۽ منهنجن اکين ۾ سندس وجود ڌنڌلو ٿيندو پئي ويو