ايتري وقت کان پوءِ اچانڪ پٽ جي اچڻ تي ٻڍڙي ماءُ ۽ پوڙهي پيءُ جي نيڻن ۾ خوشي جي لڙڪن کان وڌيڪ حيرانگي اڀريل هئي. فواد پاڻ سان آندل ملازمن جي مدد سان والدين کي وهنجاري سهنجاري نوان ڪپڙا پارائي تيار ڪرايو. گھر جي اڱڻ تي نم جي وڻن جي ڇانو هيٺان کٽ رکرائي ان تي رلي وڇرائي. جڏهن سڀ ڪجھ تيار ٿي ويو ته رلي وڇايل کٽ تي ويٺل فواد پنهنجي ڊرائيور کي اشارو ڪيو جنهن هڪدم پهرين صاحب جي پيءُ ۽ پوءِ ماءُ کي سندس سيراندي کان ويهاري ڪئميرا سان ڪجھ تصوريرون ٺاهيون. ٻنهي تصويرن کي الڳ موقعي مهل جو اهڃاڻ ڏيڻ خاطر تصويرن جي بيڪ گرائونڊ سان گڏوگڏ صاحب جي شرٽ ۽ هيئر اسٽائل ۾ به تبديليون ڪيون ويون. اهو سڀ ڪجھ ايترو تڪڙ ۾ پئي ٿيو جو والدين کي پنهنجي پٽ سان ڳالهائڻ جو موقعو به نه ملي سگھيو. فوٽوگرافي جي ختم ٿيندي ئي فواد ڦڙتي سان اٿي بيٺو ۽ والدين کي اچرج ۾ ڇڏيندي گاڏي تي چڙهي روانو ٿي ويو. ”سائين ! اوهان ته فادرز ڊي جي فيسبڪ پوسٽ لاءِ فوٽوگرافي ڪرڻ آيا هئا نه ؟ پوءِ هي اچانڪ اوهان کي امان سائڻ سان فوٽو ڪڍرائڻ جو ڪهڙو خيال آيو ؟“ گاڏي ٿورو اڳتي هلي ته ڊرائيور پڇيو. ”ها پلان ته اهو ئي هو پر هتي اچڻ کان پوءِ سوچيم ته مدرز ڊي لاءِ وري ڪير پنڌ ڪندو. ڇو نه اهو ڪم به هاڻي ئي نبيري ڇڏجي.“ فواد وراڻيو ۽ پوءِ فيسبڪ تي فادرز ڊي جي حوالي سان تصوير مٿان عنوان لکڻ ۾ مشغول ٿي ويو