جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا، زندگي ۽ زمانو به هڪ عجيب شيون آهن جيڪي وقت ۽ حالات مطابق گهڻو ڪجهه سيکارن ٿيون، اڄ کان تقريبن 15 سال پهرين مان دادوشهر ۾ ڪاليج روڊ وٽ پنهنجي والد صاحب سان گڏ ڪرياني جو دڪان هلائيندو هئس ۽ دڪان تي ڪيترائي گراهڪ پيا ايندا هئا ۽ پنهنجو سودو سامان وٺي ويندا هئا، پر انهن گراهڪن مان مون کي هڪ گراهڪ ذهن تي سجهي آيو آهي ، ۽ اهو گراهڪ هو هڪ پوليس جمعدار جنهن جو نالو هو حسن بخش پنهور جيڪو انتهائي ايماندار شخص هو ۽ پوليس ۾ رهي ڪري به حرام جي ڪمائي کان بچندو رهيو، اهو پوليس جمعدار مون کان دڪان تان مهيني جي اوڌر تي سامان کڻندو هو، هڪ ڀيري اهيو ٿيو ته جڏهن هي مون وٽ پنهنجو حساب ڪتاب چڪائڻ لاء آيو ته سندس ننڍو پٽ به ساڻ هو ۽ انهيء سندس پٽ جڏهن اهيو ڏٺو ته بابا دڪاندار کي پيئسا ڏئي رهيو آهي ته اتي انهيء ننڍڙي اهيو انگل ڪيو ته بابا هاڻي ته مون کي سينڊل وٺي ڏئي، ۽ ڪيترن مهينن کان چوندو پيو اچين ته وٺي ڏيندو سائين مگر وٺي ڪو نه ٿو ڏين، ته ان تي سندس پيء ( انهيء پوليس جمعدار ) اهيو چيو ته بابا کنڌي جا پيئسان ڏيون ۽ تنهن کانپوء پيئسن جي گنجائش هوندي ته پوء توکي سينڊل وٺي ٿو ڏيان، ۽ پوء مون کيس اهيو چيو هو ته چاچا توهان کنڌي ۾ پيئسا ڀلي هن مهيني گهٽ ڏيو پر هن کي سينڊل وٺي ڏيوس، ۽ پوء اين ئي ڪيائين، ۽ اهو جمعدار هميشه مون وٽ اچي ويهندو هو ۽ هوٽل تان هڪ چانهن گهرائيندو هو ان مان مون کي به ڏيندو هو ۽ پاڻ به پيئندو هو ، جڏهن ته ڪيترا دفعا مون کيس چيو ته چاچا چانهن جا پيئسا مان ٿو ڏيان مگر هميشه اهيو چوندو هو ته ممتاز اگر آئينده اهيا ڳالهه ڪندي ته پوء تنهنجي دڪان تي به مان ويهڻ ڇڏي ڏيندس۔ بس تون پنهنجي دڪان تي ويهڻ ٿو ڏين اهيا به تنهنجي مهرباني آهي، ۽ ڪڏهن به منهنجي چانهن نه پيتائين، بقول سندس ته مان ڪنهن جي چانهن ناهيان پيئندو، ان تي مون کيس کان پڇيو ته چاچا توهان رشوت وٺندا آهيو ته( ان تي ان پوليس جمعدار اهيو جواب ڏنو ته پٽ ممتاز اگر مان رشوت وٺان هان ته منهنجي سائيڪل جي پٺيان جيڪو تون رلي وهاڻو ڏسين ٿو اهيو رلي ۽ وهاڻو ڪو نه ڏسين هان،) ان تي مون کيس کان وضاحت معلوم ڪئي ته ان ٻڌايو ته ممتاز مان رشوت ڪو نه ٿو وٺان ان ڪري مون کي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ٿا بدلي ڪن، ڪڏهن ڪنهن موري تي ته ڪڏهن ڪنهن موري تي ۽ عيد واري به ڏينهن منهنجي ڊيوٽي لڳائي ٿي وڃي صرف ان ڪري جومان رشوت نه وٺان ٿو ۽ نه بالا آفيسرن کي وٺي کارايان ٿو سو ان ڪري مون کان منهنجا بالا آفيسر راضي يا خوش نه آهن، پوء مون کي سزا جي طور ڪڏهن ڪاٿي ٿا اڇلائين ته ڪڏهن ڪاٿي ٿا اڇلائين۔ ، بس مڙئي پيا زندگي گذاريون، بقول شاه صاحب جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا، ( خبر نه آهي ته اهو پوليس جمعدار ڪهڙي حال ۾ آهي زنده به آهي يا الله کي پيارو ٿئي ويو، بس منهنجي ته اهڙن ايماندارن لاء اهيا دعا آهي ته رب پاڪ انهن کي دنيا وِ آخرت ۾ ڀلايون عطاء ڪري ۽ دل جو سڪون ۽ ڪرار عطاء ڪري ۽ انهن جون مدايون ميٽي ۽ بلند درجا نصيب ڪري آمين۔ ) هون به هميشه سچي ۽ ايماندار ماڻهون کي هر هنڌ تنگ ڪيو ويندو آهي پر هر ڊپارٽمنٽ کان وڌيڪ پوليس جي کاتي ۾ سچي ۽ ايماندار ماڻهون کي ڪجهه وڌيڪ ئي تنگ ڪيو ويندو آهي،۽ انهيء لاء طرحين طرحين جون مشڪلات پيدا ڪيون وينديون آهن شايد ڪجهه ڳالهين کان توهان واقف به هجو پر پوء به اچو ته ڏسون ته انهيء ايماندار ( رشوت نه وٺندڙ ۽ نه کارائيندڙ ) کي زندگي جا ڪهڙا ڪهڙا مسئلا پيش اچن ٿا ۽ انهيء کي ڪئين ٿو تنگ ڪيو وڃي ۽ ڏسو ته هڪ ايماندار سپاهي جيڪو پنهنجي پوري جواني پوليس جي نوڪري ۾ گذاري ٿو ڇڏي، ۽ 28 سال نوڪري ڪرڻ کانپوء به سپاهي جو سپاهي ٿو رهي، ( سون جهڙي اسان کان جواني وٺي وار چاندي ڪيئي، عمر ايڏي ٺڳي۔۔ اياز ) ۽ مٿان سندس سروس بڪ به گم ٿا ٿئي وڃن۔۽ اهيا کيس صرف ايمانداري جي سزا ٿي ڏني وڃي۔ ۽ اهيو ويل صرف پوليس ۾ نه آهي پر اسان جي ملڪ جي هر شعبي ۾ هر ڊپارٽمنٽ ۾ آهي۔ اچو ته باقي هنن وڊيوز ۾ ٿا ڏسون۔ ۔ http://www.youtube.com/watch?v=fqbuy9_R0z0&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=H396cSixS48&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=l38PPixUxes&feature=related
جواب: جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا، ادا واه توهان ته سڄُو سون آهيون تمام سٺيون شيون شيئر ڪندا آهيو۔