• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يونيورسٽي آف صوفي ازم ڀٽ شاهه

داني شاه

سينيئر رڪن
السلام عليڪم!
خميس واري ڏينهن عمارت نه ٺهڻ جي خلاف يونيورسٽي آف صوفي ازم جي شاگردن پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي، جنهن جي اڳواڻي ۾ سيد عريض شاهه بخاري، محمد صالح خاصخيلي ۽ طاهر احمد راجپوت، جيڪي يونيورسٽي جا ئي شاگرد هئا.
اها ريلي يونيورسٽي کان پريس ڪلب تائين هئي، جنهن ۾ ريلي جي اڳواڻن چيو ته پهريون سميسٽر اسٽڊي جي حوالي سان ته بهتر رهيو ان وقت يونيورسٽي ڪئمپس هئي جنهن جو پرو وي سي اسلم پروز ميمڻ هئو، پر جڏهن کان يونيورسٽي جي وي سي ميڊم پروين منشي بڻي آهي تڏهن کان اسٽڊي ۾ وَر پئجو ويا آهن، مارڪر به بورڊ تي لکڻ لاءِ شاگرد پنهنجي پاڪيٽ مني مان وٺيو پيا اچن، صفائي، پاڻيءَ جي سهولت به موجود ڪونهي، مين پرابلم ته اسان اڄ به تعليم ڀٽ شاهه جي ڪاليج جي بلڊنگ ۾ حاصل ڪري رهيا آهيون،،ذاتي يونيورسٽي کي بلڊنگ ئي هن وقت تائين ڪونهي....... ۽ وي سي جڏهن کان مستقل منقعد ڪئي وئي آهي تڏهن کان هڪ يا ٻه دفعا آئي آهي،،،باقي ڏينهن ڇو نه؟
هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي مستقبل گل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي،،،،،،اسان شاگردن جي محترم جناب آصف زرداري، بلاول ڀٽو، ۽ سي ايم سنڌ کي گذارش آهي ته يونيورسٽي جي جلد کان جلد عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن اسان پنهنجي اسٽڊي کي بهترين انداز سان حاصل ڪري سگهون.!!
والسلام.
 
مون ان يونيورسٽيءَ جو نالو ئي اڄ ٻڌو آه... ڏاڍو عجب آهي پنهنجي لاعلميءَ تي
 
آئون مڪمل اول کان اڄ ڏينهن تائين مضمون بڻائي فورم تي اپلوڊ ڪيان ٿو...اوهان کي ٽيگ ڪندس.
 
Back
Top