الطاف شيخ جو ادبي ۽ سامونڊي سفر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    الطاف شيخ جو ادبي ۽ سامونڊي سفر

    سليمان وساڻ


    سرزمين هالا ۾ 14 نومبر 1944ع تي ڄمڻ واري هن سفرناما نگار جو پورو نالو الطاف احمد شيخ ۽ قلمي نالو ’الطاف شيخ‘ آهي. الطاف شيخ جي والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو شريفان آهي جن جو تعلق پڙهيل لکيل خاندانن سان هو. الطاف شيخ جو والد اڃان ڪلاس ٻئي ۾ هو ته انهن جي والد يعني الطاف شيخ جي ڏاڏي عبدالرحيم شيخ جي وفات ٿي وئي. ان بعد کين والده مريم ۽ مامي ماستر محمد وريل نپايو. هنن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc پوني (انڊيا جي اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر) جي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ بعد ۾ M.Sc آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (اٿيڪا شهر) مان ڪئي جيڪو شهر نيويارڪ رياست ۾ آهي. B.Sc ڪرڻ بعد الطاف جي والد ڪراچيءَ مان شيخ اياز (مشهور شاعر) سان گڏ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري LL.B پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو جسٽس عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد ۽ الطاف جي نانيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٽ وڪالت ڪئي ان بعد PCS جو امتحان ڏئي مختيار ڪار ٿي رهيا. 1955ع ڌاري آمريڪا طرفان ٽنڊو ڄام ۾ کوليل ’وليج ايڊ ڪاليج‘ جا هو پرنسپال ٿيا. وليج ايڊ کاتو بند ٿيڻ تي پاڻ وري روينيو کاتي ۾ آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيا. کين پڙهڻ لکڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن لاءِ هو پنهنجن ٻارن جي به هر وقت همت افزائي ڪندو هو. ايتريقدر جو الطاف جيتوڻيڪ اسڪول يا ڪاليج ۾ اڙدو نه پڙهيو پر کيس گهر ۾ اڙدو پڙهڻ سيکاريو ويو. پاڻ کيس هميشه اهو چوندا هئا ته اڙدو اهم زبان آهي جنهن ۾ تمام گهڻا اسلامي ڪتاب آهن جن کي پڙهڻ لاءِ اڙدو سکڻ ضروري آهي. الطاف جي والد جا خاص سبجيڪٽ ائگريڪلچر ۽ ائنٿروپالاجي هئا ۽ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ ڪالم به لکيا ۽ سنڌيءَ ۾ سندن چار ڪتاب پڻ ڇپيل آهن، جهڙوڪ: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک، ڪوريئڙو ۽ گڏهه. ”گڏهه“ ڪتاب الطاف جي والد گل محمد شيخ پنهنجن دوستن ۽ ڪلاس ميٽن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڳوڻي VC ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وي سي ۽ جلباڻي صاحب سان گڏ لکيو.
    الطاف شيخ جو نانو سيٺ محمد حسن سومرو جيتوڻيڪ بزنيس مئن هو. هن حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان تاريخي هوٽل ”سنڌ زميندار“، هلائي ٿي پر کيس ادب سان به شوق هو ۽ پنهنجن ڏوهٽن پوٽن کي پنهنجي گهر جي لئبرري مان ڪتاب کڻي ڏيندو هو ته هو پڙهن. الطاف سندس ڏوهٽن پوٽن ۾ وڏو آهي جنهن تي هن گهڻو زور ڏنو. ان کان علاوه الطاف جڏهن پنهنجي ناني جي گهر حيدرآباد ويندو هو ته هن جي اتي مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهيءَ ۽ عرض محمد شيخ سان به ملاقات ۽ ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي جيڪي سندس ناني جي وڏين ڀيڻين غلام فاطمه بروهي ۽ زينت شيخ جا پٽ هئا.
    الطاف شيخ پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا جتي جي استادن جي الطاف وقت بوقت پنهنجي ڪالمن ۾ تعريف ڪئي آهي ته اهي محنتي، ايماندار ۽ Devoted هئا ۽ هنن پنهنجن شاگردن جي تعليم سان گڏ تربيت ۽ اخلاق تي پڻ ڌيان ڏنو ٿي. انهن ۾ هڪ ته الطاف جي والد جو مامو ماستر ڄام محمد وريل ميمڻ هو ۽ ٻيا هئا سائين محمد بچل قريشي، محمد اشرف قريشي، يار محمد تورپيو، عبدالهادي شيخ وغيره..... جن لاءِ الطاف لکيو آهي ته هنن درس تدريس کي پيغمبري پيشو سمجھي نڀايو ٿي.
    پرائمريءَ جا چار درجا پڙهي الطاف پنهنجي ڳوٺ هالا جي جھوني اسڪول مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڏهن ڪلاسن بعد نه پر يارهين ڪلاسن بعد مئٽرڪ ٿيندي هئي. چار درجا پرائمري جا جن ۾ صبح جو 8 کان 12 تائين ۽ وري شامَ جو ٻيو دفعو 2 بجي کان 5 تائين اسڪول وڃڻو پوندو هو ان بعد هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي انگريزيءَ ۾ داخلا وٺبي هئي ۽ اتي ست سال يعني ستين درجي (مئٽرڪ) تائين پڙهڻو پوندو هو. الطاف انگريزي اسڪول جي ٻئي درجي ۾ پهتو ته ڪئڊٽ ڪاليج کلڻ جو اعلان ٿيو جنهن ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار آيا هئا. هالا جي هن اسڪول مان الطاف کان هڪ سال سينيئر شاگرد شفيق الرحمان چنا ان ۾ داخلا ورتي جنهن کان موڪلن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جون ڳالهيون ٻڌي الطاف شيخ کي به شوق ٿيو ۽ ٻئي سال ٽيون درجو پاس ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته اڄ واري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت اڃان نه ٺهي هئي ان ڪري الطاف ٻه سال ڪئڊٽ ڪاليج جي ميرپورخاص واري عمارت ۾ تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد 1960ع ۾ هي ڪاليج ميرپور خاص کان پيٽارو شفٽ ٿي ويو ۽ الطاف 1961ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1963ع ۾ انٽر پاس ڪئي. 1960ع تائين جيئن ته سنڌ ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن وارو سسٽم اڃان شروع نه ٿيو هو ان ڪري الطاف ۽ سنڌ جي ٻين شاگردن کي ان وقت تائين مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ سنڌ يونيورسٽي طرفان ئي ملندو رهيو. انٽر پاس ڪرڻ تائين حيدرآباد ۾ بورڊ جي وجود اچڻ ڪري 1963ع ۾ انٽر جو سرٽيفڪيٽ ”سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن“ طرفان ڏنو ويو. سکر وارو بورڊ گهڻو گهڻو پوءِ ٺهيو.
    الطاف شيخ کي هالا جي هاءِ اسڪول ۾ به بهترين استاد مليا ۽ بقول سندس جي ته ”انهن جهڙا اڄ به فقط اڌ معيار جهڙا استاد ٿي پون ته سنڌ جي قسمت بدلجي وڃي“. سائين غلام رضا ڀٽو (جيڪو هيڊ ماستر هو ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن ۽ ٻين عهدن تي رهيو)، سائين محمود ابڙيجو، عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، دادوءَ جو باغ علي سهاڳ ۽ سائين الله بخش انصاري انهن مان ڪجهه هئا. هالا جو هي اسڪول 1944ع ۾ قائم ٿيو جنهن جو تعليمي معيار اڄ به بهتر سمجهيو وڃي ٿو .... هن اسڪول مان ملڪ جا ڪيترائي مشهور تعليمدان (عبدالرحمان ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، عبدالقدوس علوي NED يونيورسٽي جو VC، ڊاڪٽر حسن ميمڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال، عبدالرزاق ميمڻ اليڪٽرانڪس ۾ Ph.D ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال، ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ نيويارڪ جي يونيورسٽي جو ڊين ۽ ٻيا) ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ فوجي تعليم حاصل ڪري نڪتا ۽ هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي هر گهٽيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪَ Ph.D رهي ٿو.
    اهڙي طرح الطاف خوش نصيب آهي جو هن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به سٺا استاد مليا جن الطاف کي groom ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ تيار ڪيو. خاص ڪري ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس، ايڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود (جيڪو فوج ۾ جنرل جي پوسٽ تي پهچي رٽائرڊ ٿيو)، انگريزي جو ٽيچر عبدالله خادم حسين جيڪو اڳتي هلي تعليم کاتي جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ۽ ڪمانڊر اسرار الله وغيرهه جن الطاف ۽ ٻين شاگردن کي گهڻي کان گهڻا ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ زور ڏنو. الطاف مئٽرڪ کان وٺي ان وقت هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار جهڙن رسالن ۾ هلڪا ڦلڪا مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿيو.
    ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد جتي الطاف جي ٻين ڪلاس ميٽن ’پاڪستان نيوي‘ يعني جنگي جهاز جي تربيت لاءِ ڪراچيءَ جي ”پاڪستان نيول اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي اتي هن مرچنٽ نيويءَ (مال برادر ۽ مسافر کڻندڙ جهازن کي هلائڻ) لاءِ ان وقت چٽگانگ (چاٽگام) ۾ نئين کليل ”پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي. چٽگانگ بندرگاهه بنگلاديش ۾ آهي جيڪو ان وقت مشرقي پاڪستان سڏيو ويو ٿي.
    الطاف کي چٽگانگ (بنگال صوبي) جي موسم ۽ ماحول سنڌ کان بيحد مختلف لڳو.... چوڌاري ساوڪ ۽ وڻ وڻڪار.... هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳي.... جتي ڪٿي درياهه ۽ نهرون جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون. الطاف پنهنجي بنگالي دوستن کان يڪدم ٿوري گهڻي بنگالي ٻولي سکي ورتي ۽ موڪلن ۾ سندن ڳوٺن ۾ به وڃڻ لڳو. ان بابت هو دلچسپ ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ هر هفتي مهراڻ اخبار ۽ هلال پاڪستان رسالي ڏي موڪلڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان روزنامه اخبار نه پر ماهوار رسالو هئي.
    چٽگانگ ۾ الطاف کي ڪيترائي سنڌ جا سنڌي ڳالهائڻ وارا به ملي ويا. هڪ ته سندس ڳوٺائي هالا جو عبدالغفار انصاري انجنيئر هو جنهن جي 1971ع واري لڙائي ۾ گمشدگي اڃان تائين معمو بڻيل آهي. مٽيارين جو صابر شاهه ۽ خاص ڪري چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد نعيم دريشاڻي جنهن ان وقت کان شاعري ڪئي ٿي ۽ سندس شاعري سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالن ۾ ڇپبي هئي. شڪارپور جي هن ڊاڪٽر نعيم دريشاڻيءَ (جيڪو اڳتي هلي ”ڪن نڪ ۽ گلي“ جو ماهر سرجن ۽ پروفيسر ٿيو) الطاف کي مٿين رسالن جي ايڊيٽرن طارق اشرف ۽ حميد سنڌي سان متعارف ڪرايو ۽ اڳتي هلي جڏهن الطاف جهاز هلائڻ شروع ڪيا ته سامونڊي سفرن جو احوال ۽ ڪهاڻيون عبرت اخبار کان علاوه سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالي ۾ پڻ ڏيندو رهيو. سندس سفرنامي جو پهريون ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ سهڻي پبليڪيشن وارن سن 1969ع ۾ ڇپرايو جنهن کي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان“ بيسٽ بڪ آف دي ييئر قرار ڏنو ويو. هن ڪتاب کان اڳ الطاف جو ”اناميڪا“ نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو 1965ع ۾ تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو.
    مرچنٽ نيوي جي جهازن هلائڻ ۽ ٺاهڻ جي تعليم لاءِ دنيا جي مئرين اڪيڊمين (يا ميريٽائيم اڪيڊمين) ۾ چونڊيل ڪئڊٽن (شاگردن) جون ٻه برانچون ٿين ٿيون: هڪ ناٽيڪل ۽ ٻي انجنيئرنگ. ناٽيڪل برانچ وارا ڪئڊٽ نيويگيشن، Astronomy ، ڪارگو ورڪ، چارٽ ورڪ، Spherical ٽرگناميٽري، Ship Stability جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا ۽ مختلف پوسٽن تان ٿيندا آخر جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ نيول آرڪيٽيڪٽر، شپ ڪنسٽرڪشن، فيول ٽيڪنالاجي، ٿرموڊائنامڪس، مشين ڊرائنگ جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا. تعليم ۽ ورڪ شاپ ٽريننگ بعد هو جهاز تي جونئر انجنيئر (ففٿ انجنيئر) جي رئنڪ سان چڙهن ٿا ۽ هر دفعي مختلف مدي لاءِ (اٽڪل 21 مهينا) لڳاتار سمنڊ تي جهاز هلائڻ بعد ترقي لاءِ مقرر امتحان ڏين ٿا جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ورتا وڃن ٿا ۽ هو مختلف ڏاڪا طئه ڪري آخرڪار جهاز جا چيف انجنيئر ٿين ٿا. گهڻو ڪري دنيا جي هر جهاز تي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جو ساڳيو يونيفارم ۽ پگهار آهي پر چيف انجنيئر پنهنجي انجنيئرنگ برانچ جو هيڊ آهي ۽ ڪئپٽن نه فقط پنهنجي ڊپارٽمينٽ (ناٽيڪل) جو هيڊ آهي پر هو جهاز جي مالڪ جي به نمائندگي ڪري ٿو.
    ناٽيڪل ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٻه سال کن جهاز تي ٽريننگ وٺن ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٽي سال دنيا جي ڪنهن شپ يارڊ ۾ جتي جهاز ٺهندا هجن يا مرمت ٿيندا هجن، اتي پرئڪٽيڪل ڪن ٿا. چٽگانگ جي ٻن سالن جي تعليم بعد الطاف شيخ جا ڪلاس ميٽ جيڪي ناٽيڪل برانچ جا هئا انهن کي مختلف جهازن تي ”ڊيڪ ڪئڊٽ“ ڪري رکيو ويو انهن ۾ جهانگير حبيب نالي هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ الطاف جو دوست به هو. هو تعليم دوران ترڻ جي مقابلي ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو پر قدرت الاهي اها ٿي جو هن جو جهاز هڪ سفر پورو ڪري جڏهن چالنا بندرگاهه (چٽگانگ جي ويجھو) ۾ پهتو ۽ هو موڪل تي وڃڻ لاءِ جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي رهيو هو ته هن جو پير ترڪي ويو ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيو. هونءَ ته جهانگير تارو به سٺو هو ۽ سندس مدد لاءِ مٿان لائيف بئاءِ (Buoy) به اڇلايا ويا پر خليج بنگال جي خطرناڪ سامونڊي ڪُنن جو هو مقابلو نه ڪندي دم ڏئي ويٺو. سندس ياد خاطر الطاف شيخ ترجمو ڪيل افسانن جو هي ڪتاب ”اناميڪا“ جهانگير حبيب کي منسوب ڪيو آهي.
    الطاف کي پنهنجي گهر، ڳوٺ جي اسڪول، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ته لکڻ پڙهڻ لاءِ سٺو ماحول مليو پر هن کي نوڪري (سمنڊ تي جهاز) هلائڻ دوران به اهـڙو ئي ڪجهه ماحول مليو.... بلڪه ان کان به بهتر. الطاف جڏهن تعليم ختم ڪري 1968ع ۾ جهاز Join ڪيو ته ان وقت ڪنهن ورلي جهاز تي ڪو پاڪستاني آفيسر هو. هر جهاز تي سڀ گورا (يورپي) هئا. هونءَ ته پاڻي واري جهاز هلائيندڙن کي لکڻ پڙهڻ جهڙين شين لاءِ وقت گهٽ ئي ملي ٿو جو هڪ طرف ڪراچي کان ڪولمبو، چٽگانگ، پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، نگويا، موجي، پوسان ۽ سيول (يعني پاڪستان کان ڪوريا تائين) ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان بندر عباس، عدن، دبئي، دوحا، ڪويت، جدو بندرگاهه وغيره ٻن ٻن يا ٽن ٽن ڏينهن جي سفر تي اچن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جهاز کڻي ٻه چار ڏينهن رهي يا هفتو ٻه.... جهاز جي اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي بعد ماڻهو ڪناري جو ئي رخ ڪري ٿو ۽ خريداري نه ته ان بندگاهه جا روڊ رستا، پارڪ سئنيمائون ۽ مشهور جايون گهمڻ ۾ لڳو رهي ٿو.... بندرگاهه ۾ جهاز جي مکيه انجڻ جيڪا جهاز کي هلائي ٿي اها کڻي بند رهي ٿي پر جنريٽر، پمپ، بئائلر ۽ ٻيون مشينون هلنديون رهن ٿيون جن جي ڪري جهاز تي بجلي، ايئر ڪنڊيشن، پاڻي، رڌ پچاءَ لاءِ چلها ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ جي ڪم لاءِ جهاز جون ڊيرڪون (ڪرينون) هلن ٿيون. ان کان علاوه بندرگاهه واري ڊيوٽي ۾ مئرين انجنيئرن کي جهاز جي مقرر مرمت (Routine Maintenance) به ڪرڻي پوي ٿي. سو لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن لاءِ بندرگاهه ۾ وقت ملڻ مشڪل ٿئي ٿو. سمنڊ تي جڏهن جهاز هلي ٿو ته اتي يڪا 8 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ بدران هر انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. سمنڊ تي ڊيوٽي بعد البت ڪجهه وقت مليو وڃي پر بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٽي چار ڏينهن بندرگاهه وارو اهڙو ٿڪ رهي ٿو جو هر هڪ ننڊون پوريون ڪرڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو ۽ پوءِ جيئن ٿڪ ڀڄي ٿو ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي ۽ وري ساڳي هل هلان. هر جهازي (جهاز هلائڻ وارو) اهو ئي چاهي ٿو ته هن جو جهاز هر وقت بندرگاهه ۾ رهي ڇو جو سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي ڏکي ذميواري واري ۽ جسماني ۽ ذهني طرح پريشان ڪندڙ ڊيوٽي هڪ طرف آهي ته سمنڊ جا لوڏا ۽ سي سڪنيس بيماري ٻي طرف آهي.
    الطاف ان معاملي ۾ خوش نصيب نه رهيو جو الطاف شروع وارا سال جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ويو ٿي ان جهاز جي ڊگهي روٽ رهي ٿي.... ڪراچي کان لنڊن، ڪراچي کان ڪيوبا، ٽوڪيو کان لاس اينجلس جنهن ۾ هنجي جهاز کي هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙا وڏا سمنڊ ڪراس ڪرڻا پيا ٿي.... يا وري سندس جهاز روس رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي آيو ٿي جيڪو سفر اڄ ڪلهه سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري هفتي سوا جو آهي پر انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۽ ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري الطاف جي جهاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ هن کي هر سفر ۾ ٽيهن کان چاليهه ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هر جهازي ننڊون ڪندو هو پوءِ هر هڪ منجھيل رهيو ٿي ته وقت ڪئين گذارجي. جهاز جا گورا آفيسر جيڪي اسان جا سينيئر هئا انهن جا سمنڊ تي ٻه شوق هئا. هو جهاز هلائڻ بعد واندڪائيءَ ۾ يا پتي راند کيڏندا هئا يا بيئر يا وسڪي پي سمهي رهندا هئا.“
    الطاف هڪ هنڌ لکيو آهي ته هو جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڪئڊٽ (شاگرد) هو ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز تي هلندڙ ڪم ڏسڻ لاءِ هنن کي اڪيڊمي طرفان جهازن تي وٺي ويندا هئا ته اتي جي آفيسرن کي ’ٽرپل فائو‘ جي دٻي مان سگريٽ ڪڍي ڇڪيندو ڏسي يا بيئر جي بوتل پيئندو ڏسي دل چوندي هئي ته هو به جهاز جي نوڪري شروع ڪندا ته ائين ڪندا پر الطاف جي جنهن پهرين جهاز تي پوسٽنگ ٿي ان تي گوهر رحمان نالي اليڪٽريڪل انجنيئر هڪ نيڪ انسان اڳهين موجود هو جنهن کيس پهرين ڏينهن ئي نصيحت ڪئي ته ڇا به ٿي پوي ته سگريٽ يا شراب کي هٿ لائڻو نه آهي.
    الطاف ٻڌائي ٿو ته ان ڳالهه تان سندس يورپي آفيسرن کي ڏاڍي چڙ ايندي هئي، ايتري قدر جو سمنڊ تي هڪ رات هنن الطاف ۽ گوهر کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ته صبح تائين هي ٽي چار بوتلون بيئر جون ختم نه ڪندائو ته توهان کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو پر هي پنهنجي عزم تي اٽل رهيا.... ۽ نيٺ گورن آفيسرن هنن کي ڇڏي ڏنو.
    الطاف ٻڌائي ٿو ته جهاز تي جهازين (جهاز هلائڻ وارن آفيسرن) جي ٻي وندر برج نالي پتي راند هئي جيڪا الطاف کي سمجهه ۾ نٿي آئي جنهن ڪري هن کي ڪنهن به پنهنجو پارٽنر نٿي ڪيو. ٺلهو ڏسڻ لاءِ هو اچي ويٺو ٿي ته ڪنهن سينئر نيويگيشن آفيسر يا انجنيئر کيس بئري کي چانهه آڻن لاءِ ڊوڙايو ٿي يا پنو پين کڻي هنن جي راند ۾ کٽيل Points لکڻ لاءِ چيو ٿي. ان ڪري الطاف انهن ڳالهين کان بيزار ٿي وقت پاس ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪئبن ۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ لڳو ۽ بندرگاهن جون ڳالهيون. خطن ذريعي پهرين دوستن کي ۽ پوءِ عبرت اخبار ڏي موڪلڻ لڳو. هو ٻڌائي ٿو ته هن جي پهرين سفر جي خطن جو مجموعو جڏهن ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ نالي ڪتابي صورت ۾ آيو ته ان کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان Best Book جو ايوارڊ ڏنو ويو. ان وقت هن جي عمر 28 سالَ هئي ۽ هن کي نه فقط ان جي خوشي ٿي پر هن جي همت افزائي به ٿي. پوءِ الطاف لڳاتار لکندو رهيو ۽ سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ هن ان کي سٺي وندر سمجھيو. اهو ئي سبب آهي جو الطاف کي جڏهن ڪو چوندو آهي ته توهان جا سنڌي ادب تي ٿورا آهن جو توهان ايترو گهڻو لکيو آهي ته هو کلي چوندو آهي ته ”ٿورا ٻورا ڪجهه نه آهن اها منهنجي مجبوري هئي. هيڏن ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ جي اهو ڪم نه ڪريان ها ته چريو ٿيان ها يا شرابي موالي.“
    سامونڊي نوڪري جي ڪجهه سالن بعد الطاف جي 1971ع ۾ شادي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ فئملي سان گڏ جهاز تي رهڻ جي اجازت هجڻ ڪري هن جي زال ۽ پوءِ ٻار ٿيڻ تي اهي به لڳاتار 8 سال جهاز تي رهيا ۽ ساڳي وقت الطاف جن جن جهازن تي بدلي ٿيندو ويو انهن جي روٽ ۾ بندرگاهه گهڻا ۽ سمنڊ وارا ڏينهن گهٽ آيا ٿي پر ته به هو هر صورت ۾ لکڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهيو ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين جڏهن ته هو پنهنجي عمر جا ستر سالَ ٽپي چڪو آهي، لڳاتار لکندو اچي. بقول سندس پهرين هن وقت پاس ڪرڻ جي مجبوري کان لکيو ٿي پر هاڻ هو ان ڪري لکي ٿو جو هو ان جو addicted (عادي) ٿي چڪو آهي. هن کي هن عمر ۾ نه ڪنهن سان ملڻ جلڻ وڻي ٿو نه ٽي وي ريڊيو پسند آهي..... ”هر وقت دل چوي ٿي ته ڪجهه لکندو رهان“.
    جهاز جي سفرن ۾ الطاف ان خيال کان ڀاڳ وارو رهيو جو هو جنهن به جهاز تي بدلي ٿيو ٿي ان جي روٽ مختلف رهي ٿي ان ڪري هن کي نه فقط ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن گهمڻ جو موقعو ملي ويو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن: ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس کان ميڊيٽريئين جي مالٽا، سسلي ۽ سائپرس (قبرص) تائين.... پئسفڪ سمنڊ جي فجي، مارشل ۽ هونو لولو کان ڪئريبين سمنڊ جي ڪيوبا، برمودا، ٽرنيڊاڊ ۽ جئمئڪا ٻيٽن تائين هن جو وڃڻ ٿيو ۽ انهن بابت هن ڪيتريون ئي معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن.
    الطاف کي سامونڊي زندگي جي شروع وارن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سي سڪنيس ٿيڻ ڪري مزو نه آيو پر پوءِ جلد ئي هن جي هن زندگيءَ سان اهڙي ته دل لڳي وئي جو هن پاڻ ته جهازن جي نوڪري نٿي ڇڏڻ چاهي پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ خاطر هن کي پڻ ٻين جهاز هلائڻ وارن وانگر ڪناري جي نوڪري ڏي رخ ڪرڻو پيو. گذريل ڏهاڪو سالن کان نئين قانون موجب پاڻي جي جهازن تي جهاز هلائيندڙن کي لڳاتار جهاز تي رهڻ جي اجازت نٿي ملي پر الطاف جي ڏينهن ۾ جهاز جي سڀني سينئر آفيسرن: ڪئپٽن، چيف انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ويندي ريڊيو آفيسر کي فئملي سان رهڻ جي موڪل هوندي هئي .... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترين عورتن کان سي سڪنيس برداشت نه ٿيڻ تي سندن مڙسن لاءِ مسئلو ٿي پوندو هو ته هو جهاز کي ڏسن يا زالن جو خيال ڪن. الطاف جي فئملي ساڻس گڏ لڳاتار اٺ سال جهاز تي رهي پر هو ان جهنجهٽ کان بچيل رهيو جو قدرتي هن زال ۽ ٻارن کي ڪڏهن به ’سي سڪنيس‘ نه ٿي. الطاف جي شادي 21 مئي 1971ع تي دادوءَ ۾ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي.
    پاڻي جي جهاز تي سفر ڪرڻ واري هر ماڻهوءَ کي ٿورو يا گهڻو سي سڪنيس جو اثر ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ بيماري ڪن کي قدرتن نٿي ٿئي ۽ ڪيترن کي برداشت ڪرڻ جي همت ٿئي ٿي. سي سڪنيس ۾ دل ڪچي ٿئي ٿي ۽ اٻڙاڪ ۽ الٽيون اينديون رهن ٿيون. ڪا شيءِ کائڻ تي دل نٿي چوي جيتوڻيڪ Sea Sickness جي حالت ۾ پيٽ خالي نه رکڻ کپي توڙي کڻي کاڌل شيءِ ان وقت ئي الٽي ۾ نڪري وڃي. ڇو جو خالي پيٽ تي اٻڙاڪ (الٽيون) محسوس ٿيڻ تي ڪڏهن ڪڏهن رت به اچي ٿو. گهڻو وقت سي سڪنيس ٿيڻ تي.... يعني ڏينهن ٻه هلڻ تي انسان مايوسيءَ جو به شڪار ٿئي ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته ان زندگيءَ کان ته موت بهتر آهي.
    سي سڪنيس واري حالت سمنڊ تي ڪا روز روز نٿي ٿئي. جڏهن سمنڊ خراب ٿئي ٿو يا طوفاني موسم ٿئي ٿي ته جهاز جي اڳيان پويان يا ساڄي کاٻي لڏڻ ڪري جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي اها حالت ٿئي ٿي.... پوءِ اها حالت ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رهي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن به رهي ٿي جيسين اهو سامونڊي طوفان وڃي ماٺو ٿئي.
    سمنڊ جي حالت سڌرڻ سان سي سڪنيس جو شڪار ٿيل ماڻهو ان گهڙي ئي نارمل ٿيو وڃي ڄڻ هن کي ڪجهه نه هو ۽ هو ساڳي صحت ۽ سمنڊ جو سهانو سفر enjoy ڪرڻ لڳي ٿو. الطاف ان عنوان تي به گهڻو ئي لکيو آهي ۽ هو ٻڌائي ٿو ته سمنڊ تي اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. ڪڏهن ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي سفر ۾ ٽي چار سمنڊ لتاڙڻ دوران هڪ ڏينهن به خراب موسم يا خراب سمنڊ نٿو ملي.
    الطاف سامونڊي نوڪري وارن ٻارنهن تيرهن سالن ۾ چڱو خاصو لکيو، پوءِ ڪنهن سفر ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌيڪَ ان جو مدار موسم ۽ سمنڊ جي حالت ۽ جهاز جي ڪارڪردگي تي رهيو. ايم وي چناب ۽ ايم وي پدما جهڙن پراڻن جهازن لاءِ الطاف ٻڌائي ٿو ته انهن جي انجڻين سان هر وقت اهڙو مسئلو لڳل هو جو هڪ ٿي صحيح ڪئيسين ته ٻي ٿي خراب ٿي ۽ سمنڊ تي هر روز جهڙي ايمرجنسي جي حالت لڳل هوندي هئي ۽ هر انجنيئر کي روزانو نارمل اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪَ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته باهه لڳڻ ڪري يا سنگاپور يا جبرالٽر جهڙن سوڙهن سامونڊي لنگهن وٽان گذرڻ وقت (جتي تمام گهڻي ٽرئفڪ رهي ٿي) ستل انجنيئرن ۽ نيويگيشن آفيسرن کي به اٿارڻو پيو ٿي جيئن هو ڊيوٽي تي مقرر جهاز هلائيندڙن جا ٻانهن ٻيلي ٿي هنن جي مدد ڪري سگهن. ساڳي حالت ايم وي شالامار ۽ ايم وي سندر بنس جهڙن نون جهازن تي به ڪنهن ڪنهن سفر ۾ رهي ٿي.... ۽ ڪنهن ڪنهن سفر ۾ جيتوڻيڪ ايم وي پسر ۽ ايم وي رنگامَٽي جهڙا پراڻا جهاز هئا پر موسم ۽ جهاز جون انجڻيون اهڙيون ته پر سڪون رهيون ٿي جو ڪراچي کان لنڊن تائين يا چٽگانگ کان ٽوڪيو تائين هڪ ڏينهن به پريشانيءَ ۾ نه گذريو.... جهاز ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪندو ٿي ويو. اهڙن ڏينهن تي جهاز تي سوار ماڻهن جي ڪيفيت مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ بدران 180 ڊگريون مخالف طرف يعني پُراميد ۽ خوشحال (Elevated) رهي ٿي ۽ الطاف ٻڌائي ٿو ته هن اهڙن ڏينهن مان ڀرپور فائدو وٺي تمام گهڻو لکيو. انهن سامونڊي سفرن جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب تن ڏينهن جي مشهور پبلشر فيروز ميمڻ حيدرآباد مان ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايا. جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، سمونڊ جي سيوين، بندر ديسان ديس، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، جاني ته جهاز ۾، دنيا آهي ڪاڪ محل، سانڀاهو سمونڊ جو، دنگي منجهه درياهه وغيره.
    الطاف ٻڌائي ٿو ته سندس شروع جي سامونڊي سفرنامن ۾ هن گهڻو ڪري گهمڻ ڦرڻ ۽ موج مزن جون ڳالهيون لکيون جيئن پڙهندڙ اهوئي سمجهي ته سمنڊ جي نوڪريءَ ۾ مزا ئي مزا آهن. ”اهو ان ڪري جيئن اسان جي سنڌ صوبي جا نوجوان جيڪي چوڌاري سمنڊ هجڻ جي باوجود هن فيلڊ ۾ نٿي آيا اهي ڪشش محسوس ڪن ۽ پاڪستان نيوي ۽ مرچنٽ نيوي جهڙن ادارن ۾ اچن“.
    الطاف جي اها ڪوشش رائگان نه وئي ۽ تمام گهڻا سنڌي جيڪي طبيعتن ڀر واري ڳوٺ ۾ نوڪري ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا هئا سي هن زندگي ۾ آيا ۽ اڄ ڪيترا ئي سنڌي جهازن جا ڪئپٽن ۽ انجنيئر آهن. هونءَ حقيقت اها آهي ته اڄ جا جهاز جيتوڻيڪ تمام گهڻو ماڊرن ٿي ويا آهن. انهن تي رهائش جو به هر سک آهي .... اهي ڄڻ ته فائو اسٽار هوٽلون لڳن ٿيون پر سمنڊ جا سور اڄ به ساڳيا آهن. اڄ به سامونڊي ڪُنن ۽ ڇتين ڇولين جي مقابلي ۾ هي آفت جيڏا لوهي جهاز ڇوڏن مثال آهن ۽ ان کي هلائيندڙ سخت سي سڪنيس محسوس ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ سمنڊ تي بي يارو مددگار محسوس ڪن ٿا. جهازن جي ٽڪرائڻ ۽ باهين لڳڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترا حادثا سامونڊي زندگيءَ ۾ درپيش اچن ٿا جن جو سربستو احوال الطاف سڀ کان پهرين ”موج نه سهي مڪڙي“ ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ان کان علاوه سمنڊ جي صعوبتن جا ڪجهه قصا هن پنهنجي سفرنامن: بوتلن جو سفر، هي ٻيٽ هي ڪنارا، وغيره ۾ پڻ ڪيو آهي.
    الطاف ڪناري جي نوڪري لاءِ 1975ع ڌاري ڪوشش ڪئي. کيس ڪويت بندرگاهه ۾ چيف انجنيئر جهڙي اعليٰ نوڪري ملي وئي ۽ الطاف پنهنجي ڪمپني PNSC مان سال کن جي موڪل وٺي ڪويت پهتو پر بقول هن جي هن کي عرب دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. پنهنجي ڪتاب ’ڪويت ڪنارا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ آئون ڏسي رهيو آهيان ته هتي ڪويت ۾ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ننڍين نوڪرين ۾ به خوش آهن پر اهو شايد ان ڪري جو هو پاڪستان کان سڌو هتي آيا آهن پر آئون جڏهن هتي جي گهٽيل ماحول ۽ عربن جي ڄٽپڻي ۽ اجائي احساس برتري کي جپان، انگلنڊ، آمريڪا جهڙن ملڪن جي کليل ماحول۽ اتي موجود انساني حقن سان ڀيٽيان ٿو ته آئون ڪويت ۾ ذهني طرح پاڻ کي آزاد نٿو محسوس ڪريان.“
    الطاف ڪويت ۾ اهي ٽي چار مهينا رهڻ دوران پڻ عبرت اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو جيڪي بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ”ڪويت ڪنارا“ نالي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇپايا ويا. هي ڪتاب الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج جي پنهنجي استاد ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن (هاڻ جنرل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيل) عالم جان محسوس کي منسوب ڪيو.
    الطاف ٽن چئن مهينن جي نوڪري بعد ڪويت کان موٽي اچي وري پنهنجي ڪمپني جا جهاز هلايا 1979ع ڌاري سندس ڪمپنيءَ جپان کي آٽوميٽڪ جهاز ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو ۽ الطاف کي ٽوڪيو (جپان) جي IHI (اشيڪاوا جيما هريما هيوي انڊسٽريز) شپ يارڊ ۾ موڪليو ويو جتي ڪمپني جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز ”ايم. وي. مالا ڪنڊ“ نالي ٺهي رهيو هو. جهاز کي ٺهڻ ۾ ٽي چار مهينا لڳي ويا ان بعد ڪراچيءَ مان جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻيو اسٽاف گهرايو ويو ۽ الطاف شيخ ان جهاز کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن هلائيندو رهيو. ان جهاز جي ٺهڻ دوران الطاف جپان جي آئوئي شهر (اوساڪا ڀرسان) مان تيرساڪي ڪمپني طرفان آٽوميشن جو ڊپلوما ڪورس به ڪري ورتو جنهن ڪري هن کي هي جهاز هلائڻ ۾ ڪا خاص دقت پيش نه آئي ۽ بعد ۾ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ نوجوان جهاز هلائيندڙن کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ اهو سبجيڪٽ “Automation & Instrumentation” پڻ پڙهائيندو رهيو.
    الطاف جي هر جهاز جي جپان ۾ گهڻي اچ وڃ ڪري هو ڪم هلائڻ جهڙي جپاني سکي ويو. ان کان علاوه هو شروع کان جپان جي نيول آرڪيٽيڪچر سوسائٽي ۽ جپان جي مئرين انجنيئرس انسٽيٽيوٽ جو ميمبر پڻ رهيو. سو ٽوڪيو جي شپ يارڊ (IHI) ۾ پنهنجي ملڪ جي جهاز ٺهڻ تي نگهباني دوران هن کي ان شپ يارڊ ۾ نوڪري جي آفر ڪئي وئي ۽ الطاف پاڻ به اهو چاهيو ٿي ته ”هاڻ سمنڊ تي ڌڪا کائڻ بدران هڪ هنڌ رهي پئجي جيئن صبح جو اک کلي ته ساڳي موسم هجي جيڪا سمهڻ مهل هئي ۽ ٻار ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجھي اسڪول وڃن“. پر هن ٻڌايو ته اهو جاب هڪ ته فل ٽائيم ڪناري جو نه هو. ان ۾ پنج ڇهه مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻو پيو ٿي جنهن دوران نئون جهاز ٺهي راس ٿيو ٿي ۽ پوءِ سال جا باقي ست مهينا گئرنٽي انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي رهڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته هن اهو چاهيو ٿي ته ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهجي جتي اسلامي طريقي جو (حلال) کاڌو ملي ۽ ٻارن کي اسلامي ماحول ملي سگهي. بهرحال سندس ڪمپني جو جهاز ”مالا ڪنڊ“ جيئن ئي تيار ٿيو ته ان تي هن چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن Sail ڪيو جنهن ۾ هن کي اهو جهاز ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ وٺي وڃڻو پيو. هيءَ 1980ع جي ڳالهه آهي. هي جهاز جيتوڻيڪ ڏهه پندرهن سالن جي مدي لاءِ ٺاهيو ويو هو پر بهتر رکواليءَ ڪري پاڪستان جا انجنيئر هن کي 25 سال کن هلائيندا رهيا. ان بعد هن جهاز کي اسڪريپ لاءِ ڪراچي آندو ويو. بلوچستان جو سامونڊي علائقو گڊاني جهازن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان مان لوهه، پتل، ٽامي ۽ ڪاٺ جو سامان الڳ ڪرڻ کان مشهور آهي. اتفاق اهڙو جو جنهن ڏينهن هي جهاز جيڪو الطاف شيخ جي نظر اڳيان Keel (هيٺاهين ۽ پهرين لوهي تختي) کان وٺي سڄو مڪمل تيار ٿيو ۽ پوءِ ان کي هلايو.... ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه کان گڊاني ڏي وڃي رهيو هو. الطاف جي KPT پل وٽان ڪار هلائيندي ان تي نظر پيئي ۽ ان نظاري تي هن بيحد Touchyمضمون ”وري يادين ورايو اسان کي“ انگريزي ۽ سنڌي اخبار ۾ لکيو جيڪو بعد ۾ سندس ڪتاب ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ پڻ ڏنو ويو جيڪو ڪتاب ناز سنائيءَ ”سنڌي ساهت گهر“ طرفان حيدرآباد مان ڇپرايو آهي.
    الطاف شيخ هونءَ ته جپان بابت احوال پنهنجن ڪيترن ئي سامونڊي سفرنامن ۾ لکندو رهيو پر هن ڀيري ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ ڊگهو عرصو رهڻ ڪري هن هڪ سڄو ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ نالي جپان بابت لکيو. ان کان علاوه جپاني گيشسا سان هڪ آمريڪن انجنيئر جي عشق جو ناول پڻ ترجمو ڪيو جيڪو بيحد پسند آيو ۽ ان ترجمي جا ڪيترائي ايڊيشن”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۽ ”مس سدا بهار چنبيلي“ نالن سان ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه جپاني ادب سان واسطو رکندڙ جپاني افسانن ۽ جپاني ڳالهين جا الطاف جا ٻه ڪتاب: ”جپان رس“ ۽ ”ڳالهيون تنهن جپان جون“ نيو فيلڊ پبليڪيشن ۽ ”نئين روشني“ پبليڪيشن وارن ڇپيا. ان بعد الطاف هڪ ڊگهي عرصي لاءِ جپان نه وڃي سگهيو. هو ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پڙهائيندو رهيو يا پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي يا سئيڊن ۽ ناروي پاسي رهيو. ان بعد الطاف جو هڪ دفعو وري جپان وڃڻ ٿيو جنهن سفر جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ”جپان 25 سالن بعد“ ۾ لکيو آهي. الطاف جي وڏي ڌيءَ مريم گذريل 20 ويهن سالن کان اتي رهي ٿي ان ڪري هن جو اڄ تائين هن سان ۽ پنهنجن ڏوهٽن سان ملڻ لاءِ جپان وڃڻ هڪ طرف ٿيندو رهي ٿو ته ٻي طرف هو وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پڻ ويندو رهي ٿو. انهن سفرن دوران هن ٽي کن ٻيا به جپان تي سفرناما لکيا آهن: ”ڪراچي کان ڪوڪورا“، ”گيشائون ڪي ديس مين“ ۽ ”جپان ڪي دن“. جيڪي ’روشني پبليڪيشن‘ حيدرآباد مان، ’ويلڪم بڪ مارٽ‘ ڪراچيءَ مان ۽ ’جهانگير بڪ ڊپو‘ وارن لاهور مان ڇپايا آهن.
    مالاڪنڊ جهاز تي سفر دوران هانگ ڪانگ مان نڪرندڙ آمريڪي رسالي ۾ الطاف کي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي کلڻ جي خبر پيئي جنهن لاءِ مرچنٽ نيوي جي جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي ضرورت هئي جيڪي ملائيشيا جي نوجوان ڪئڊٽن کي پڙهائين. انهن ئي ڏينهن ۾ ايران وارن به پنهنجي بندرگاهه ”ڇابهار“ ۾ اهڙي اڪيڊمي کولي. الطاف کي ڪناري جي نوڪريءَ جي ضرورت هئي ۽ هن ٽيچنگ جاب شروع کان پسند ڪيو ٿي. هن ٻنهي هنڌن تي apply ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن مان کيس نوڪري جو آفر ليٽر مليو. الطاف ملائيشيا وڃڻ کي ترجيح ڏني جو هو پاڻ ۽ سندس ٻار ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ بار بار اچي ملئي زبان کان واقف ٿي ويا هئا. ان کان علاوه انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپين ۽ ٿائلنڊ جي ڏکڻ وارن بندرگاهن ۾ به ملئي ٻولي هلي ٿي جتي پڻ هنن جي جهازن جو وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. ان ڪري هن کي ملائيشيا رهڻ وڌيڪ آسان لڳو.
    اتفاق اهڙو جو سڄي سامونڊي زندگي ۾ هن جي جهاز جو ڪڏهن به پاڙي واري ملڪ ايران جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ وڃڻ نه ٿيو ۽ نه ڪڏهن اسڪول يا ڪاليج ۾ هن فارسي زبان پڙهي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملئي زبان ۾نه برابر لٽريچر آهي ۽ الطاف کي ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ان جي کوٽ ضرور محسوس ٿي.... ۽ گهڻو گهڻو پوءِ، رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو جڏهن هوائي جهاز رستي پهريون دفعو ايران گهمڻ ويو ته فارسي زبان ۾ بيحد گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري ڏسي ۽ اهو پڻ معلوم ڪري ته فارسي زبان ته ڪا اهڙي ڏکي ناهي جو اسان جي سنڌي توڙي اڙدو جا اڌ کان وڌيڪَ لفظ فارسي جا آهن، هن کي افسوس ٿيو ته ملائيشيا بدران ايران ۾ نوڪري ڪريان ها ۽ ملئي بدران فارسي سکجي ها. ان ڳالهه جو اظهار هن پنهنجي سفرنامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ ڪيو آهي جيڪو اردوءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا وارن طرفان الطاف جي چونڊ جيتوڻيڪ 1981ع ۾ ٿي وئي پر بقول الطاف جي هن کي ملائيشيا گهرائيندي گهرائيندي ڏيڍ سال کن لڳي ويو. ان سلسلي ۾ الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”ملئي ماڻهو ان معاملي ۾ شروع کان بيحد سست ثابت ٿيا آهن ۽ اڄ جيتوڻيڪ ملائيشيا ٻي ترقيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جو مقابلو ٿو ڪري پر ڪنهن به ڳالهه ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي پلاننگ موجب تڪڙو مڪمل ڪرڻ ۾ اڄ به هنن جي اها ئي سست چال آهي. يورپ يا جپان جهڙن ملڪن ۾ توهان نوڪري لاءِ درخواست موڪليندائو ته يڪدم ها يا نه (Regrets) ۾ جواب اچي ويندو پر ملائيشيا جي سرڪاري توڙي ڪنهن خانگي اداري کي خط لکندائو ته توهان کي موٽ ۾ هو اها به ورندي نه ڏيندا ته توهان جو خط مليل آهي اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن هنن کي ڪنهن اداري ۾ ڊاڪٽر يا انجنيئر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي ته به ڪو وقت خاموش ويٺا هوندا ۽ پوءِ جڏهن نوڪري جي پڪ (Confirmation) جو خط لکندا ته سگهوئي ٽڪيٽ موڪلي گهرائڻ بدران وري ڊگهي ڪوما ۾ هليا ويندا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ نوڪري شروع ڪرڻ بعد هنن کي ڪنهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۾ به وقت ٿو لڳي. بهرحال وقت سان گڏ حالتون بدلجي رهيون آهن. ترقي ۽ پئسو اچڻ ڪري ملائيشيا جو ڪلچر ۽ ماڻهپو به بدلجي پهرين کان بهتر ئي رهيو آهي. ۽ ساڳي وقت هنن ۾ مغروري ۽ ملڪ ۾ بد اخلاقي ۽ بد امني وڌي رهي آهي“.
    ملائيشيا وڃڻ کان اڳ الطاف پنهنجي جهازران ڪمپني PNSC طرفان کوليل ”PNSC مئرين ڪاليج“ ۾ پڙهايو ۽ ان ڪاليج جو پرنسپال پڻ ٿي رهيو. جهازن جي نوڪريءَ لاءِ ٻن قسمن جي تعليم ۽ ٽريننگ ٿئي ٿي هڪ Pre-Sea جيڪا ”مئرين اڪيڊمين“ ۾ انٽر بعد ملڪ جا چونڊيل نوجوان ڪئڊٽ حاصل ڪن ٿا ۽ ٻي Post Sea ٿئي ٿي جنهن لاءِ جهاز جا آفيسر جهازن تي سامونڊي نوڪري جو مدو پورو ڪري (اهو مدو گهڻو ڪري 21 مهينا سمنڊ جا ٿين) امتحان ڏيڻ کان اڳ مختلف ڪورس ڪن ٿا جن لاءِ اسان جي ملڪ جا جهازي آفيسر هن ڪاليج کلڻ کان اڳ انگلنڊ يا ٻين ملڪن ۾ ويا ٿي پر هاڻ اهي ڪورس ۽ سبجيڪٽ هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته:
    ”آئون هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ دوران بيحد خوش هوس. ٻارن کي به ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني هيم ۽ ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه ڪڏهوڪو وسري وئي هئي ته اتي هڪ ڏينهن.... اٽڪل سال سوا بعد ملائيشيا مان خط آيو ته ٽڪيٽ موڪلي رهيا آهيون توهان ايندڙ هفتي ئي هليا اچو. مون سان گڏ منهنجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ دوست مرحوم آصف غيور به اتي جي نوڪري لاءِ apply ڪيو هو جيڪو حاجين جي مشهور جهاز سفينه حجاج جو به چيف انجنيئر رهي چڪو هو. هن به ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه وساري سامونڊي زندگي ڇڏي ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي (جتي Pre Sea ٽريننگ ٿي ٿي) ۾ پڙهائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو به خوش هو ۽ ڪراچي جي زندگي سان Adjust ٿي چڪو هو. سو ظاهر آهي ملائيشيا پهچڻ جي خط هن کي به منجھائي رکيو. اسان ٻئي ڄڻا ان بابت سوچيندا رهياسين ته هاڻ وري ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍرائي، لڏو پٽي ڌارئين ملڪ ۾ ڇا هلي ڪجي..... منهنجي دل سست ٿي رهي هئي پر آصف غيور چيو ته ”جي نه هلبو ته ملائيشيا وارا چوندا ته هي پاڪستاني ڪي وڏا ذليل آهن _ دوکو ڏئي ويا .... هنن کان پنهنجون ڪوتاهيون وسري وينديون، سڄو ڏوهه اسان تي ٿاڦيندا.“
    آصف جي ڳالهه سمجهه ۾ ضرور آئي پر تنهن هوندي به مون پنهنجي ڪمپني PNSC جي انتظاميه سان صلاح مشورو ڪيو تن اهو سوچي اسان کي ملائيشيا وڃڻ لاءِ همٿايو ته اسان جي وڃڻ ڪري ٻين پاڪستانين لاءِ به راهون کلي وينديون.... ۽ واقعي اڳتي هلي ائين ئي ٿيو.... نه رڳو ملائيشيا جي تعليمي اداري’مئريٽائيم اڪيڊمي‘ ۾ پر سندن جهازران ڪمپني MISC ۾ به اسان جا ڪيترائي جهازي آفيسر اچڻ شروع ٿي ويا.“
    بهرحال ملائيشيا ۾ نو سال کن رهڻ دوران الطاف نه رڳو ملائيشيا تي چار پنج ڪتاب (مڪلي کان ملاڪا، ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، جت جر وهي ٿو جال، ڳالهيون آهن ڳچ..... وغيره) لکيا پر ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائلنڊ باءِ روڊ ڪيل سفرن تي پڻ ڪجهه ڪتاب (سنگاپور ويندي ويندي، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور ۽ اي جرني ٽو ٿائلنڊ) سفرناما لکيا. پاڪستان جي سنڌي اخبارن سان گڏ هو ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ به ڪالم لکڻ لڳو ۽ سندس انهن خدمتن ڪري 1989ع ۾ ملائيشيا جي حڪومت کيس PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) ايوارڊ ڏنو.
    الطاف شيخ ملائيشيا تي مٿيان ڪتاب لکيا پر جيئن ته هن جو اڄ ڏينهن تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ملائيشيا اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو سو هن ملائيشيا تي بعد ۾ ڪجهه ٻيا به ڪتاب لکيا آهن جيئن: ”اوهريا جي عميق ڏي“، ”ملائيشيا منهنجي من ۾“، ”ملائيشيا 12 سالن بعد“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”هليو آ هليو آ ملائيشيا“، ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۽ اڙدوءَ ۾ ”ملائيشيا ڪي دن“ وغيرهه.
    الطاف ملائيشيا جيڪو وقت رهيو اهو هو پنهنجي جهازران ڪمپني کان اجازت وٺي Lien تي ئي رهيو. ان ڪري 1991ع ۾ هن کي واپس ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻي پئي جتي هن کي جهازن جي مشينري مسئلن کي منهن ڏين لاءِ پهرين ڊپٽي مئنيجر ان بعد مئنيجر جي پوسٽ تي رکيو ويو. ان دوران جهازن جي ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن وانگر الطاف شيخ کي بهM.Sc ڪرڻ لاءِ جهازين لاءِ يونائيٽيڊ نئشنز طرفان ٺهيل خاص يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ موڪليو ويو.هيءَ يونيورسٽي UN جي سمنڊ سان واسطو رکندڙ برانچ IMO (انٽرنيشنل ميريٽائيم آرگنائيزيشن) طرفان مالمو سئيڊن ۾ ٺاهي وئي آهي.
    الطاف جڏهن جهازن تي هو ته ان وقت به هن جا جهاز نه فقط سئيڊن جي هن ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ايندا رهيا ٿي پر ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ جي بندرگاهن ۾ به ايندا رهيا ٿي. ۽ هاڻ سئيڊن جي يونيورسٽي طرفان هن کي فيلڊ ورڪ لاءِ انهن ساڳين بندرگاهن ۾ باءِ روڊ يا باءِ ايئر وڃڻو پيو ٿي. الطاف انهن ڏينهن جا قصا بيحد مزاحيه انداز ۾ لکيا آهن جيڪي سندس هنن سفرنامن ۾ ڇپيل آهن:
    1. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا.
    2. ملير کان مالمو
    3. يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون
    4. جت برف پوي ٿي جام.
    5. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
    ڊسمبر 1993ع ۾ مالمو (سئيڊن) مان موٽڻ بعد الطاف کي سندس ڪمپني PNSC وري درس تدريس جي ڪم تي رکيو. پاڻ به اهوئي چاهيائين ٿي جو بقول هن جي ٽيچنگ جاب ۾ کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو ٿي. ساڳي وقت پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن جي ضرورت هئي جيڪا کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وقت بوقت قومي جهازران ڪمپني PNSC پنهنجا آفيسر موڪليا ٿي. الطاف کي ٽيچنگ جو پراڻو تجربو هجڻ ڪري کيس اتي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو ويو.
    الطاف شيخ مئرين اڪيڊمي ڪراچي جي هن نوڪري دوران ٽن مهينن جي موڪل تي 1995ع ۾ پنهنجي عرب دوست ۽ سئيڊن يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ حسن الحاربي وٽ سندس ڳوٺ ينبوع ۾ پڻ وڃي رهيو. ينبوع سعودي عرب جو آڳاٽو بندرگاهه آهي .... بلڪه گذريل صديءَ جي شروع وارن سالن تائين جڏهن اڃان جدو صحيح طرح ماڊرن بندرگاهه نه ٿيو هو ته انڊيا جي سورت ۽ ڪلڪتي بندرگاهن کان اسان جي ننڍي کنڊ جا توڙي آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جا حاجي پاڻي جي جهازن ذريعي ينبو بندرگاهه ۾ ايندا هئا جتان مدينو ايترو سڏ پنڌ تي آهي جيترو هاڻ مڪو شريف جدي بندرگاهه کان.
    الطاف جي هن عرب دوست کي سئيڊن ۾ گڏ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پنهنجي شهر ينبوع ۾ پائيپن جي فئڪٽري لڳرائڻ جو شوق هو. جنهن سلسلي ۾ هن جي ان وقت کان الطاف معرفت جرمني وارن سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي. اها هاڻ جرمني کان سعودي عرب پهچي وئي هئي ۽ جيئن ته پاڻ انجنيئر نه پر فائننس جو ماڻهو هو سو ان ڪم ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي دوست الطاف کي پاڻ وٽ گهرايو. فئڪٽري لڳڻ بعد هن الطاف کي ينبوع ۾ پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر الطاف هڪ ته پنهنجي ڪمپني PNSC نٿي ڇڏي ۽ ٻيو ته بقول سندس اتان لکيل اخباري ڪالمن موجب هن کي عربن سان ڪم ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو جيتوڻيڪ سندس عرب دوست حسن سندس ايڏو خيال ڪيو جو هن کي پنهنجي گهر ۾ فئملي سان گڏ رهايو هئائين ۽ پگهار به دل وٽان ڏيڻ چاهيس ٿي. ان بابت الطاف جو اهو ئي چوڻ آهي ته جنهن کلئي دماغ ۽ آزادي سان ماڻهو جپان، انگلند، سئيڊن ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪري سگهي ٿو اهو عرب ملڪن ۾ هرگز نه. مجبوري جي ٻي ڳالهه آهي نه ته عرب ملڪن ۾ فقط عبادت لاءِ وڃجي.
    الطاف شيخ ينبوع جي هن ٽن مهينن جي رهائش دوران جيڪي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ڏي ڪالم موڪليا اهي فيروز ميمڻ صاحب پنهنجي اداري ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان ”اي روڊ ٽو مدينا“ نالي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ نوڪري دوران سن 2000ع ۾ الطاف کي حج ڪرڻ جي سعادت پڻ نصيب ٿي جنهن جو احوال هن ”ڀلي پار تان ڀيرو“ نالي سفرنامي ۾ ڏنو جيڪو ڪتاب ’روشني پبليڪيشن‘ جي علي نواز گهانگهري ۽ بعد ۾ امير ابڙو صاحب ’انڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايو.
    سال 2004ع ۾ الطاف صاحب سٺ سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي PNSC کان جنرل مئنيجر جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته هو PNSC طرفان ڊپوٽيشن تي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ هيڊ آف مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. رٽائرمينٽ کان اڄ تائين ڪڏهن ڪڏهن الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۾ يا ملائيشيا، انڊيا ۽ سنگاپور ۾ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ويندو رهي ٿو. ليڪچر ڏيڻ کان علاوه هو هڪ دفعي انڊيا پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اوڏ دوستن جي پٽن جي شادين تي دهلي، آگري، احمد آباد ۽ بڙودا وغيره ۾ اٽڪل ٻه مهينا کن رهيو. ان بعد هو ساڌو واسواڻي جي اداري SVM طرفان پوني ۽ ممبئي يونيورسٽي طرفان ممبئيءَ ۾ هفتو هفتو رهي آيو. انڊيا جي انهن مختلف سفرنامن تي هن جا چار ڪتاب: ”دهليءَ جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“، ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”بنارس کان برمودا“ ڇپجي چڪا آهن. رٽائرڊ ٿيڻ بعد 2005ع ۾ الطاف ڪجهه مهينن لاءِ آمريڪا ۾ پڻ رهيو. هو انهن ساڳين بندرگاهن ۾ ريل ۽ ڪار رستي هليو ويو جتي اڄ کان 45 سال کن اڳ 1968ع کان 1973ع تائين هو پاڻيءَ جي جهازن کي وٺي ويندو هو. ان سفر جو احوال الطاف شيخ ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪتابن ۾ لکيو آهي. ان سفر جي باقي حصي جو احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب ۾ مڪمل ڪري رهيو آهي.
    الطاف جو سامونڊي ۽ ڪناري جي نوڪري دوران ڏور اوڀر جي ملڪن مان سڀ کان گهڻو رهڻ يا اچڻ وڃڻ جپان، ملائيشيا ۽ چين ۾ ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف هانگ ڪانگ بابت گهڻو ئي لکيو آهي، بلڪه هڪ ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ ته سڄو هانگ ڪانگ ۽ سندس ٻئي پاسي ڪولون بابت آهي پر انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ملڪ برطانيه جي حڪومت هيٺ هو. الطاف چين جي سفر تي ايترو گهڻو نه لکيو آهي جيترو جپان ۽ ملائيشيا تي پر هن انهن ٽنهي ملڪن جي ٻولين: جپاني، ملئي ۽ چيني جي پهاڪن جا ٻه ڪتاب: هڪ انگريزيءَ ۾ “Proverbs of Far East” نالي ۽ ٻيو سنڌي ۾ ”رٺي آهي گھوٽ سان“ لکيو آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن کي ننڍي هوندي کان پهاڪن پڙهڻ جو شوق هو. هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب ”گل شڪر“ پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي تڏهن پڙهيو جڏهن هو پرائمري اسڪول جي چوٿين ڪلاس ۾ هو.
    الطاف ٻڌائي ٿو ته هن جو اڙدو ۾ لکڻ به هڪ حادثو هو. اڄ کان 15 سال کن اڳ سن 2000ع ڌاري سندس هڪ سنڌي اخبار جو ڪالم ڪنهن ترجمو ڪري انهن ڏينهن ۾ نئين شايع ٿيندڙ روزنامه اڙدو اخبار ’امت‘ ۾ ڏنو جنهن کي بيحد ساراهيو ويو ۽ الطاف کي ان ئي ڏينهن سندس هيڊ آفيس PNSC مان ڪيترن ئي دوستن جا فون اچي ويا. هي اهي دوست هئا جن کي سنڌي پڙهڻ نٿي آئي ۽ هو هميشه الطاف کان پڇندا رهيا ٿي ته هو ڪهڙي موضوع ۽ مواد بابت سنڌيءَ ۾ ڪالم لکي ٿو. الطاف ان بابت چيو ته: ”اڙدو اخبار ۾ مضمون ڇپجڻ تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اخبار وارن منهنجي ڪالم کي ايڊيٽوريل صفحي تي بيحد نمايان نموني سان ڏنو هو.... پر مونکي ائين لڳو ڄڻ مون جيڪي ڳالهيون هن ڪالم ۾ لکيون آهن اهي سڀ اڙدو ۾ ان ڀرپور انداز ۾ ترجمو نه ٿيون هجن. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ترجمي واري کي سمنڊ ۽ جهازراني جي معلومات نه هجڻ ڪري هو منهنجيون ڪجهه ڳالهيون صحيح طرح سمجھائي نه سگهيو آهي. بهرحال مون ان اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان صاحب کي فون ڪيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو منهنجو ڪالم اڙدو اخبار ۾ ڇپيو آهي ۽ اڙدو اخبار جي گهڻي ريڊرشپ هجڻ ڪري مونکي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي ڪيترا فون آيا آهن پر.....
    ”پر ڇا؟ چئو پليز“ رفيق افغان چيو.
    ” ... اهوئي ته ترجمي واري ڪجهه ڳالهيون رهائي ڇڏيون آهن“
    ”ته پوءِ ڏسو نه مسٽر الطاف! توهان پاڻ سنئون سڌو کڻي اڙدو ۾ لکو“
    ”پر آئون ته سنڌي جو اديب آهيان“ مون چيو.
    ”ڏسو سائين اديب اديب آهي پوءِ هو ڀلي کڻي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ به لکي“
    ”پر آئون اڙدو ۾ ڪمزور آهيان جو ڪاليج ۽ اسڪول ۾ فقط سنڌي ۽ انگريزي پڙهيو آهيان.“
    الطاف ٻڌائي ٿو ته ان تي رفيق افغان هن جي همٿ افزائي ڪندي چيو ته هو جيئن ڳالهائي رهيو آهي ائين ڪالم لکي موڪلي درستگيون هو ڪرائيندو.
    ۽ پوءِ اهڙي طرح الطاف شيخ اڙدو ۾ لکڻ شروع ڪيو ته اڄ ڏينهن تائين لکندو اچي ۽ هن جا ڪالم ۽ مضمون نه فقط امت اخبار ۾ پر اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبار جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ايندا رهن ٿا. اڄ به الطاف کِلي چوندو آهي ته ”مونکي سنڌيءَ جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب ’اُمت‘ اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو“.
    الطاف جا هيستائين ڪيترائي اڙدو ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ: سمندر ڪي دن، يورپ ڪي دن، ملائيشيا ڪي دن، ايران ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، گيشائون ڪي ديس مين ۽ هاڻ تازو ڪتاب ’مين چلا ممباسا‘، ’جهاز چلاني ڪي دن‘، ’جپان ڪي دن‘ ۽ ’چلو چلين هندوستان‘ وغيرهه ڪراچي جي ويلڪم بڪ پورٽ طرفان ڇپجي چڪا آهن ۽ ٽي ٻيا اڙدو ۾ ۽ چار سنڌيءَ ۾ ڇپجي رهيا آهن. اُنهن مان هڪ ’برونائيءَ کان برازيل‘ خيرپور جي پوپٽ پبليڪيشن طرفان جلد اچڻ وارو آهي.
    سنڌي ڪتابن جي تعداد ۾ مرزا قليچ بيگ جا کڻي گهڻا ڪتاب آهن پر بقول امر جليل جي صفحن جو تعداد ٿو ڏسجي ته الطاف شيخ سڀني کان گهڻو، بلڪ تمام گهڻو لکيو آهي.
    الطاف شيخ اڄڪلهه سال جو وڏو حصو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ گذاري ٿو. هو هر وقت واندڪائيءَ جي ڳولا ۾ رهي ٿو جيئن گهڻي کان گهڻو لکي سگهي. لکڻ کان علاوهه هن جو خاص شغل تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ آهي.
    الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس گڏ ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي.


    الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب


    1. اناميڪا
    2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
    3. پيار جي گُهٽَ
    4. وايون وڻجارن جون
    5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
    6. دنيا آهي ڪاڪ محل
    7. سمونڊ جن ساڻيهه
    8. بندر بازاريون
    9. سمونڊ جي سيوين
    10. سي جوڀن ڏينهن
    11. بندر ديسان ديس
    12. خبرون کيڙائن جون
    13. ڪويت ڪنارا
    14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
    15. جاني ته جهاز ۾
    16. جپان جن جي جيءَ ۾
    17. ڳالهيون تنهن جپان جون
    18. خدا ڏي خط
    19. جپان رس
    20. سانڀاهو سمونڊ جو
    21. موج نه سهي مَڪڙي
    22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
    23. بهترين سفرناما
    24. لنڊن تائين لفٽ
    25. ٻارن جون آکاڻيون
    26. ٽوڪيو جي گيشا گرل
    27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
    28. سنگاپور ويندي ويندي
    29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
    30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
    31. دُنگيءَ منجهه درياهه
    32. ڏاهي جهرڪي
    33. جت جر وهي ٿو جال
    34. يادن جي انڊلٺ
    35. ڳالهيون آهن ڳچ
    36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
    37. Proverbs Of Far East
    38. اوهريا جي عميق ڏي
    39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
    40. ملير کان مالمو
    41. جت برف پئي ٿي جام
    42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
    43. ارائونڊ دي ورلڊ
    44. رٺي آهي گهوٽ سان
    45. يورپ جا ڏينهن راتيون
    46. اي روڊ ٽو مدينا
    47. هيلسنڪي جي حسينا
    48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
    49. آل ابائوٽ سنگاپور
    50. ملائيشيا منهنجي من ۾
    51. ڀلي ڀار تان ڀيرو
    52. هي ٻيٽ هي ڪنارا
    53. بوتلن جو سفر
    54. سوزيءَ سان پيار
    55. جل پريون
    56. ملائيشيا 12 سالن بعد
    57. تيستائين گڊ باءِ
    58. جپان پنجويهه ورهين بعد
    59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
    60. دهليءَ جو درشن
    61. نيو هالا کان نيويارڪ
    62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
    63. ايران ڏي اُڏام
    64. چنڊ چوانءِ سچ
    65. هلي ڏسجي هندستان
    66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
    67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
    68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
    69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
    70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
    71. مونکي موهيو ملائيشيا
    72. آمريڪا ڙي آمريڪا
    73. وسي وڏ ڦڙو
    74. نه سي سڙه سُکان
    75. بنارس کان برمودا

    اردو میں
    76. سمندر کے دن
    77. ملائیشیا کے دن
    78. یورپ کے دن
    79. کراچی سے کوپن ہیگن
    80. ایران کے دن
    81. گيشائون کے ديس مين
    82. جہاز چلانے کے دن
    83. جپان کے دن
    84. کنارے کے دن
    85. میں چلا ممباسا
    86. چلو چلیں ہندوستان



    http://books.sindhsalamat.com/author.php?id=10

    الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي مٿي ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ سان گڏ آنلائين به پڙهي سگهجن ٿا.

    نوٽ : هي مضمون الطاف شيخ جي ڪالمن، ڪتابن، انٽرويوز ۽ ذاتي طور ساڻس ڪيل ڪيترين ئي ڪچهرين ۾ ڪيل سوالن جوابن ذريعي جوڙيو ويو آهي.
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو