نقاش علواڻي : جديد شاعري ۽ ادب جو نقاش

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    خواب منهنجا مٽي، مان مٽي جو “نقاش”
    جديد شاعري ۽ ادب جو نقاش: نقاش علواڻي
    تحرير: غلام شبير لغاري

    هن سان آئون ڪيترا ڀيرا مليو آهيان ۽ گهڻا ڀيرا مون هن کي دل جي دريون کولي ٻڌو آهي. اهو ياد نه اٿم، پر اها ڳالهه ضرور آهي ته جڏهن به اسٽيج تي تقرير يا شاعري ٻڌائڻ لاءِ نقاش کي سڏيو ويو آهي، هن جي لفظ لفظ سان محفل مهڪي پئي آهي. هو رڳو پنهنجي جادوئي سحر سان محفلون نٿو منڊي پر پنهنجي ڏات جي لاٽ سان ڄڻ انڌيرن سان جهيڙو ٿو ڪري. موجوده وقت جتي سنڌ ۾ شاعري جي سرجڻهارن جو هڪ خاصو انگ موجود آهي، ۽ ڪافي سٺي شاعري سرججي به پئي، پر انهن جا نالا ڳڻائڻ کان سواءِ اها ڳالهه ڪندس ته شاهڪار شاعري سبب نقاش علواڻي جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي. هو جهڙو ڀلو شاعر آهي، اوترو ئي سٺو مقرر به آهي. سندس انداز بيان ملوڪ آهي ته نقاش اصول پرست ۽ محبتي انسان به آهي. سندس ڪچهرين ۾ ويهڻ جو موقعو مليو ته آئون حيران ٿي ويس ته هو ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب، شاعري، موسيقي، فلسفي، تاريخ سميت مختلف موضوعن تي واهه جو ڳالهائي ٿو. اهو سندس گهڻ مطالعي جو ڪمال آهي، هو حوالا ڏيئي، اهڙي پختگي سان ڳالهائي ٿو، جو ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. ڳالهائڻ وقت موضوع تي گرفت به وڏي ڳالهه آهي.
    نقاش علواڻي جي زندگي ۾ جهاتي پائجي ٿي ته ادب جي دنيا ۾ پير رکي پنهنجي ڪلا سان تخليقن جا نوان نقش ۽ چٽ چٽيندڙ عبدالله نقاش جو جنم 2 فيبروري 1966ع تي بدين شهر ۾ محمد سليمان ميمڻ جي گھر ۾ ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي حساس ۽ پڙهائي ۾ هوشيار هئڻ سبب سندس طبيعت ٻين ٻارن کان مختلف هئي. اسڪول وڃڻ جي پابند ڇوڪري جڏهن پڙهائي مڪمل ڪئي ته کيس سندس والد دڪان کولي ڏنو، پر واپار واري آسڻ تي ويهي نوٽ ڳڻڻ واري ڳالهه هن جي مزاج ۾ سان نه ٺهڪي، جنهن ڪري هو دڪان هلائي وڏو سيٺيو ته نه بڻجي سگهيو. پر اعليٰ ذهنيت سبب پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي راهه وٺي، هو ليڪچرار ضرور بڻجي ويو. ادب سان گهڻي لڳاءُ هئڻ سبب ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب جي ڪتابن جو مطالعو ڪري ڪيئي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين.
    جڏهن جيون جي ڪنهن لمحي ۾ محبت جي پکي پر پکيڙيا، روح کي رهڙون آيس ته ان پيڙاءُ جي پلن ۾ هن بي اختيار شاعري سرجڻ شروع ڪئي، ۽ اڃان تائين شاعري ڄڻ هن جي مٺ ۾ آهي.
    نه ئي دوست مليو ڪوئي، نه ئي دوست بڻياسين ڇو،
    ۽ درد جي ٽاريءَ تان، ٿي ٻور ڇڻياسين ڇو.
    آزاد نظم اڏريا، هر سٽ پٺيان ماري
    هي شهر شڪارين جو، هت خيال ڄڻياسين ڇو.
    سنڌي ادب جي شاعري واري وسيع کيتر ۾ هن اهڙا گل پوکيا آهن، جن جي مُشڪ جهڙي خوشبو سان هر گلي ۽ گام ۾ ذهن واسجي وڃن ٿا، من ڪارونجهر جي مور جيان نچڻ لڳي ٿو. اهو عبدالله نقاش علواڻي جي ڪلا جو ڪرشمو آهي؛
    هٿ تنهنجا لڳن سون جا ٿي وڃون
    واڪ تون جي ڏئين بي بها ٿي وڃون
    توکي پوڄڻ جي منزل اڃان اورتي
    توکي ڏسندي تو۾ فنا ٿي وڃون
    تنهنجي پيرن تي سجدا قضا جي ٿين
    پاڻ لئه پاڻ ڪافر وڏا ٿي وڃون
    شهر تنهنجي جي آب و هوا وڻي ٿي
    دُونهن ٿي هن هوا سان هوا ٿي وڃون
    نقاش شاعرن جي قطار ۾ سڀني کان الڳ بيٺو آهي، جديد سنڌي شاعري ۾ هن واهه جا غزل لکيا، جن ۾ خيالن جي نواڻ آهي ته سندس نظمن ۽ واين جو پڻ جواب ناهي. هن سانيٽ جي صنف ۾ نئون روح ڦوڪي، نئون جياپو ڏنو، سنڌي ٻولي ۾ بهترين سانيٽ لکندڙن ۾ سندس نالو سرفهرست آهي. سندس هڪ سانيٽ آهي ته؛
    جو به هو، سو ڏنوسين ساري سڀ،
    جهول خالي کڻي هليا آهيون.
    ٽهڪ توتان ڇڏياسين واري سڀ،
    مُرڪ هڪڙي پٺيان رُليا آهيون.
    زندگي بار بار رولي ٿي،
    ڇا ته آ، سمنڊ جي ڪناري تي؟
    ڄڻ وڃايل ڪو ٻار ڳولي ٿي.
    آتما سمنڊ جي ڪناري تي،

    جي ڏسون ٿا ته سور آ ساڳيو،
    درد تنهنجي ۽ منهنجي سيني ۾
    هر پتڻ کي به پور آ ساڳيو،
    هل چڙهي سونهن جي سفيني ۾

    درد جي ڪائنات کي ڳوليون!
    شور ۾ ماٺ سانت کي ڳوليون!!
    سندس شاعري نئين تشبيهن ۽ عمده خيالن جو اهڙو سنگم آهي. جنهن ۾ هن رومانس جا اهڙا رنگ چٽيا آهن جن سندس ڪلام کي نئون حُسن بخشي ڇڏيو آهي. نقاش جتي ٿورو تنهائي پسند آهي اتي هن کي سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر شمشيرالحيدري جي محبت ۽ صحبت نصيب ٿي ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري سان سندس ويجهڙائپ رهي آهي. سندس دوستي جي حلقي ۾ اڪثر گهڻ پڙهيا ۽ باشعور دوست شامل آهن. بدين جي ايوان صحافت جو صدر مصطفيٰ جمالي هجي يا محبوب شاعر ايوب کوسو يا ٽنڊي باگي ۾ پريس ڪلب جو صدر عثمان راهوڪڙو ۽ امين سنڌي هجن يا وري رائيٽرس فورم جي آصف ميمڻ سان جيڪا هجت آهي، اها ويجهڙائي ٻي ڪنهن سان نه اٿس. هن جي عادت ۾ اها ڳالهه به آهي هو پاڻ ڳالهائڻ کان وڌيڪ ٻي کي ٻڌندو آهي. صبر ۽ برداشت سان ٻي کي ٻڌڻ واري مڻيا به هن مهان ماڻهو ۾ آهي. پر زماني جي اوڇي روين جي شڪايت هو پنهنجي شاعري ۾ ڪري ٿو؛
    اگهاڙن روين جي اوگهڙ ڍڪيو
    متان لفظ پهراڻ لاهي ڇڏين
    هن جا گڻ ڳڻائڻ کان گهڻا پر سندس مرڪ ۾ جيڪا مقناطيسي ڇڪ آهي، ان جو ڪمال آهي، جو هو دليون قيد ڪرڻ جو فن بخوبي ڄاڻي ٿو. ۽ صبر ۽ ضبط به ڪو هن کان سکي. بقول عطا دل جي ته “ هو ڪاوڙ کي ڳڙڪائي ويندڙ شخص آهي. هو گهڻو ڪري ڪاوڙ کي لڪائي مرڪي پوندو آهي نه ته ڪاوڙ کي ڦڪي سوپاري جيئن وات ۾ پيو چٻاڙيندو آهي” اها سندس ادا به نرالي آهي. سندس ڪجهه شاعري کي سهيڙي رائيٽرس فورم شاعري جو مجموعو“ خيال خانه بدوش آهن” 2010ع ۾ ڇپرايو. جنهن ۾ غزل، نظم، وايون، سانيٽ، ترائيل شامل آهن. جيڪو هن سنڌ ۽ سنڌوءَ جي نالي ارپنا ڪيو آهي. مهاڳ نه لکرايو اٿس، پر بيڪ ٽائيٽل تي شمشيرالحيدري جو سٽون لکيل آهن. شمشيرالحيدري هن لاءِ لکيو آهي ته“ نقاش شاعري سان گڏ نثر به لکي ٿو. هو اخبارن جو ڪالم نگار به آهي، ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جو کيس سٺو مطالعو آهي. ساڳئي وقت هو سنڌي ادب جو استاد به آهي. انهي ڪري سندس سماجي سُرت ۽ سياسي سمجهه خاصي تيز آهي. سندس انهي مشاهدي ۽ مطالعي جو اولڙو سندس شاعري مان بکي ٿو. جنهن ڪري اها زندگي جي جديد زنده قدرن سان هم آهنگ نظر اچي ٿي. سندس غزل توڙي نظم، خيال ۽ فڪر جي پيڙاءُ مان پچي راس ٿيل آهن.”
    مطالعي سان گڏ مشاهدي جي گواهي سندس شاعري مان ملي ٿي؛
    جتان برفون ڳرن ٿيون ۽ پاڻي وهي ٿو هيٺ
    سان تن آبشارن کي گهڻو ويجهو ڏٺو آهي
    ڪنڊي جي وڻ وٽان ويهي ڪتي ٿو اُن ڪاتارو
    اسان ٿر جي ڌنارن کي گهڻو ويجهو ڏٺو آهي
    رلي آڪاش جي تي چنڊ، لڳي ٿو هرک جو ڪو گل
    سُئي سيبن ستارن کي گهڻو ويجهو ڏٺو آهي.
    سونهن جي سلامي ڪندڙ نقاش پنهنجي شاعري ۾ اهڙيون سٽون به لکي ٿو ته؛
    سونهن جا مون تي سڳا ڇو ٿي وجهين
    ڀرت وارا تون وڳا ڇو ٿي وجهين
    لاڙ جي اڪثر ادبي پروگرامن جي صدارت کائنس ڪرائي ويندي آهي يا ته وري مهمان خاص هوندو آهي. پر صاف کير جهڙيون اڇيون ڳالهيون کريون ۽ سچيون ڳالهيون ڪري ٿو. ڪاري کي اڇو ڪري پيش ڪرڻ هن جي مزاج ۾ شامل ناهي. مختلف ادبي پروگرامن ۾ شرڪت سان گڏ هن سنڌي ادبي سنگت جو عهديدار رهي به نئين ٽهي جي ادبي لڏي کي سرگرم ڪيو ۽ کين همٿايو.
    نقاش شاعري سان گڏ موسيقي جو تمام وڏو ڄاڻو آهي. ۽ سازن ۽ سُرن مان وڏي ڄاڻ رکي ٿو. هو راڳ ٻڌي ۽ راڳ مان سمجهي به ٿو ته سندس شاعري صادق فقير، الهڏنو جوڻيجو، بادل راهي سميت ٻين فنڪارن ڳائي به آهي. جنهن کي ٻڌندڙن طرفان پسند ڪيو ويو. عشق جي آڏاڻي تي خيالن جو سٽ اڻندي، هن اهڙي شاعري سرجي آهي. اها ذهن جي اُڀ تي لغڙ جيان اڏندي محسوس ٿئي ٿي؛
    نينهن جي نانگڻ نچي ٿي ڇير سان
    ڄڻ ته ڪا هڻ_کڻ نچي ٿي ڇير سان
    ننڊ اوجاڳن اندر آهي سُتي
    رات ساري ڄڻ نچي ٿي ڇير سان
    تانگهه جي هڪ تند ٻيو دل جو رڌم
    راڳ جي رُڻ جُهڻ نچي ٿي ڇير سان.
    يا وري سندس غزل جو هي سٽون ته؛
    جلوي جادو سان جيءُ جهوري وئي،
    ڪامڻي مون منجهان مونکي ڪوري وئي
    روح تي ڀرت هُن ڪو ڀريو ئي ڪٿي!
    سُئي ٽُنبي ۽ سڳو ساڻ سوري وئي.
    خواب منهنجا مٽي، مان مٽي جو “نقاش”
    هُوءَ منهنجي اڳيان مونکي ڀوري وئي.
    نقاش علواڻي جتي محبوب دلين جو نمائندو شاعر آهي، اتي نئين ٽهي لاءِ اتساهه به آهي. عاشق دلين جي اها تمنا رهي آهي ته نقاش ۽ نقاش جي شاعري کي ٻڌجي ۽ پيار جي چمين جهڙا احساس روح ۾ اوتي سرور حاصل ڪجي.

    او پرين! مان ته توکان اهو ٿو پڇان
    زندگي جو وڃايل پتو ٿو پڇان
    توته شيطان سمجهي تڙي هو ڇڏيو
    تون خدا ٿي وئين ڇا؟ اهو ٿو پڇان
    جو اوهين ٿا ڪريو يار، ٺيڪ پر،
    وقت ڇا ٿو ڪري فيصلو ٿو پڇان.

    shabirlaghari@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو