شاعر ۽ ڪمپيئر بشير اڍيجي جو علمي ادبي سفر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    شاعر ۽ ڪمپيئر بشير اڍيجي جو علمي ادبي سفر
    تحرير؛ غلام شبير لغاري

    ڏيئي شهر جي تاريخ ڏاڍي دلچسپ ۽ نرالي آهي، گهڻا سال اڳي ٽنڊي باگي کان 18 ڪلوميٽر پري اهو ڳوٺ آباد ٿيو، هي ان وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن وڏن جنڊن تي اٽو پيسبو هو ۽ سفري سهولتون عام نه هيون، تڏهن اتي هڪ هندو عورت ڏيوي جو جنڊ ۽ هٽ هوندو هو، ڏيوي جي سخا جي منزل اها هئي ته واپار سان گڏ ان مسڪين سوالين کي به اٽو ڏيئي ڇڏيندي هئي، جن ماڻهن جي گهرن ۾ مفلسي سبب چلهه نه ٻرندي هئي، اهي مائي ڏيوي جي هٽ تي ايندا هئا ته ڏکي گهڙي ۾ لنگهي ايندڙ اڙيلن جي مدد ڪرڻ هن عورت جي ڄڻ فرض ۾ شامل هو. ڏيوي جو اهو هٽ علائقي ۾ مشهور هوندو هو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهي ڳوٺ جي آبادي وڌنڌي وئي ۽ ان ڏيوي جي هٽ واري ڳوٺ مان هڪ ننڍڙو شهر جڙي پيو. جيڪو اڄ به آباد آهي. جيڪو هاڻي ڏيئي شهر جي نالي سان سڏجي ٿو. ان شهر جي ۾ سنڌ ۾ ڀلا ڍڳا ڌارڻ جي حوالي سان مرحوم گل حسن جمالي به جي هاڪ به هئي ته پنهنجي تر ۾ بي ريا فيصلا ڪندڙ زمان جمالي جو به اباڻو شهر آهي. زاهد گل ۽ مجيد جمالي به ان ئي شهر ۾ رُڪ جي ڪات جهڙي شاعري سرجين ٿا. ڏيئي شهر کان ٿورڙو پري ڳوٺ سڄڻ اڍيجو آهي، جتان ڪڏهن نار وهڪرو هو ۽ هاڻي ايل بي او ڊي جو سم نالو وهي ٿو. ان سڄڻ جي ڳوٺ ۾ 28 فيبروري 1982ع جي سرمئي شام جي پوياڙي ويل حسابن جي ماهر استاد محمد الياس اڍيجو کي الله پاڪ ٽيون پٽ عطا ڪيو ته شڪرانا بجا آڻي، پيار مان پٽ جو نالو بشير احمد رکيائين. ماءُ ۽ پيءُ جي لاڏلي بشير ننڍپڻ جا ڏينهڙا ڳوٺ جي ٻارن سان بلورن ۽ ٽاپو رانديون رهندي، ٻنين ۾ ٻير پٽيندي ۽ ڀنڀورين ۽ پوپٽن پويان ڊوڙندي گذاريا. سندس والد استاد هئڻ سبب هن کي پڙهڻ لاءِ ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ هي پتڪڙن هٿڙن ۾ ميٽ سان راڳيل پٽي کڻي اسڪول وڃڻ لڳو. جتي الف بي جا اکر پِڙهندي علمي سفر جو آغاز ڪيو، اباڻي ڳوٺ واري اسڪول مان ئي پرائمري جا پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ ويجهو ئي ڏيئي جي شهر ۾ مڊل اسڪول ۾ اٺ درجا پاس ڪيائين. پوءِ کڏهري هاءِ اسڪول ۾ اچي داخل ٿيو. اهو کڏهرو هاءِ اسڪول جنهن جي ڀرسان محبت جو يادگار صاحب محل ٺهيل آهي. اهو يادگار صاحب محل مير حاجي خدابخش ٽالپر جو ٺهرايل آهي. جنهن تاج محل کان متاثر ٿي صاحب محل ٺهرايو هو. بشير ان محبت جي يادگار کي ڏسي سوچ جي جهنگ ۾ ڀٽڪي ويندو هو ۽ هو سوچ جي سفر ۾ محبت لاءِ مقرر سڀ سرحدون اُڪري ويندو هو.
    سندس واسطو جڏهن ادبي ڪتابن سان ٿيو ۽ جڏهن هن سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي شاعري پڙهي ته سندس دل ۾ هڪ چڻنگ دُکي پئي. هو ڪورن پنن تي شيخ اياز ۽ استاد بخاري جي سٽون اتاريندو رهندو هو. ۽ سندس ادب سان چاهه جو نتيجو اهو نڪتو جو هن 12 سالن جي ڄمار ۾ هڪ غزل لکي ورتو، بحر وزن جي ڪائي خبر نه هجڻ باوجود پنهنجي جذبن جو اظهار شاعري ۾ ڪري وڌائين. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان سندس عشق پروان چڙهيل هو، ريڊيو ڪن تي رکي ادبي، علمي ۽ معلوماتي پروگرام پيو ٻڌنڌو هو، مشهور ڪمپيئر ماڪن شاهه رضوي جي آواز کيس تمام گهڻو موهي وڌو هو، ائين ئي اهو غزل کڻي ماڪن شاهه سان ملڻ لاءِ پراڻ اُڪري وڃي جهڏي پهتو. سيد ماڪن شاهه سندس غزل پڙهي کيس چيو ته “ تنهنجي شاعري ۾ وزن آهي، وقت تي سٺو شاعر ٿي سگهين ٿو ۽ ان سان گڏ تنهنجي آواز ۾ پڻ اها جان نظر اچي ٿي، تنهنجي لفظن جي ادائگي بهترين آهي، تون سٺو ڪمپيئر به ٿي سگهين ٿو پر مطالعو ڪندو رهه” ان ڳالهه تي کيس اتساهه مليو. جڏهن ته ساڳيو غزل ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ماڪن شاهه رضوي پنهنجي پروگرام سڳند ۾ جئين جو تئين پڙهيو؛

    حڪم هلايان، وزن ڄمايان
    وڏو ايڏو ڪو امير ناهيان
    خدا جو خلقيل اٻالو ماڻهو
    پنان ٿو محبت فقير آهيان
    ڪنهن کي رڻن ۾ ڇڏيان رلائي
    نصيب جي ڪا لڪير ناهيان.

    ماڪن شاهه کيس جهڏي ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۽ مشاعرن جي دعوت موڪليندو هو ته جئين هن حوصلا افزائي ٿئي. انهي وقت ادبي نشتون پڻ ٿينديون هيون، جن ۾ هي شريڪ ٿيندو هو، ان ادبي ويهڪن ۾ شاعري تي تنقيد براءِ اصلاح ٿيندي هئي. شاعر سيد پناهه شاهه ڏاڏاهي، محمد سومار ميمڻ، بهزاد لنڊ، حنيف عاطر، محمد صالح کوسو ۽ ٻيا اڪثر ادبي سرگرمين ۾ هن سان گڏ گڏ هوندا هئا.
    ادبي پروگرامن ۾ ماڪن شاهه کي ڪمپيئرنگ ڪندي ڏسي هن جي دل ۾ به ڪمپيئر ٿيڻ واري خواهش جو گل ڦٽو. هن جي دل ۾ شاعري سان گڏ ڪمپيئرنگ جي شوق جي چڻنگ دکي پئي ته شادين مرادين ۽ ننڍن پروگرامن ۾ انائوسمينٽ ڪرڻ شروع ڪئي. هن کي شروعات ۾ مائيڪ جي ڊپ کان ڏڪڻي وٺي ويندي هئي پر ماڻهن طرفان داد ملڻ ۽ ساراهڻ تي کيس نئون اتساهه مليو ۽ سندس دل ۾ شوق جي ٻوٽي کي پاڻي ملي ويو، هن ڪمپيئرنگ جي باقاعده سکيا ۽ ان جا گُر سکڻ لاءِ وري سيد ماڪن شاهه جو در کڙڪايو، جنهن کيس اسڪرپٽ لکڻ، ريڊيو تي ڳالهائڻ جي انداز، ريڊيو جي ٻولي سميت سڀئي گُر سيکاريا.
    شوق جي شينهن تي سوار بشير سال 2005ع ۾ ريڊيو پاڪستان مٺي تي آڊيشن ڏيڻ لاءِ شاعر مير مرڪ واڍي سان وڃي مليو، جنهن کيس ان وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد انور هڪڙو سان ملايو. انور هڪڙي کيس چيو ته “ آڊيشن کي ڇڏ کڻي، فل وقت توکي هڪ پروگرام ۾ “اڏام” 15 منٽ جو سلسلو “انڊلٺ” ڏيون ٿا. تنهنجو تجربو ٿيندو، مائڪرو فون جو ڊپ جهل، تنهنجي آواز آن ايئر ٿيڻ کان پوءِ توکي موٽ ملي ۽ تو ۾ خود اعتمادي اچي وئي ته پوءِ توکي ايپرول ڪري بحيثيت ڪمپيئر جي رکنداسين.”
    هن “اڏام” پروگرام ۾ سلسلو “ انڊلٺ” ڪرڻ شروع ڪيو، ان سلسلي ۾ شاعري، عالمي معلومات، لطيفا، ٿر جي حوالي سان رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت بابت مواد شامل هوندو هو. ان دوران ڪنهن ڪمپيئر جي غير حاضري ۾ سندس پروگرام پڻ ڪري وٺندو هو. کيس ٻڌنڌڙن پاران تمام گهڻي موٽ ملي. سندس آواز ۽ ادائگي جو ڪمال هو جو هفتي ۾ سوين سڪ جا سنيها ريڊيو تي پهچڻ لڳا. هن جڏهن اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد انور هڪڙو تي آڊيشن لاءِ زور ڀريو ته ان کيس چيو ته “ توهان هوئين ڪمپيئر آهيو، آڊيشن جي ڪهڙي ضرورت آهي. نئين سمائي ۾ توهان لاءِ پروگرام رکنداسين.” پر انور هڪڙي جي بدلي ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري هي ريڊيو مٺي کي الوداع ڪري اچي ڳوٺ ويهي رهيو. 2006ع جو سال هيو ايف ايم 92 نوري آباد وارن کيس فون ڪئي ۽ اسٽيشن تي گهرايو ۽ هن کي پروگرام “اسين ڀي مسافر اوهين ڀي مسافر” رات جو پنج کان اٺ وڳي تائين پروگرام ڏنو ويو. ايف ايم 92 جي فريڪيونسي تان هن جو آواز لاڙ ۽ ڪوهستان جي فضائن ۾ گونجيو ته ٻڌنڌڙن کي پنهنجي آواز جي سحر ۾ اهڙي جڪڙي ڇڏيائين، جو شهرن ۽ ڳوٺن سميت بسن، ڪارن، ٽريڪٽرن، سوزڪين، چنگچين، ڪوسٽرن، وينن سميت سمورين گاڏين ۾ بشير جو پروگرام چاهه سان ٻڌيو وڃي ٿو. کيس تمام گهڻي موٽ ملي. هن جو هڪ پروگرام “ آئينا ۽ عڪس” ۾ آواز ۽ انداز واهه جو هجي ٿو ته يادون پڙهندي سندس آواز اهڙو درديلو هجي ٿو جو روئاڙي وجهي ٿو. سندس پروگرام سلام همسفر، رات رهاڻ، مڊنائيٽ شو، سوچون سرخ گلاب، تنهنجي ياد جي وري آ وير، ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون، لفظ لفظ سرهاڻ، آئينا ۽ عڪس، سڪ ۽ ساروڻيون ايف ايم 92 نوري آباد تي تمام گهڻا پسند ڪيا ويا. مرحوم ميڊم شهناز راڄپر کيس ادا چئي مخاطب ٿيندي هئي ته شبير شاهه، نور محمد ڀٽو سان دوستي جا ناتا جڙيا. ادبي حوالي سان لکڻ واري سلسلي کي پڻ جاري رکيو اٿس. هن مونکي ٻڌايو ته سندس ٻن ڪتابن جيتري شاعري آهي ۽ ٻن ڪتابن جيترو نثر لکيو اٿم پر مالي حالتون بهتر نه هئڻ سبب اهي ڪتاب ڇپجي نه سگهيا آهن. سندس شاعري عبرت مئگزين، هالار، مهراڻ، ڪارونجهر، امرتا رسالن سميت مختلف اخبارن ۾ ڇپي آهي. ريڊيو تي هزارين پروگرام ڪندڙ بشير اڍيجو چوي ٿو ته ريڊيو واري فيلڊ ۾ اچڻ سان دوستي ۽ واسطا ٺهن ٿا پر ان مان ملندڙ معاوضي مان پيٽ گذر به مشڪل سان ٿئي ٿو. ريڊيو 92 ايف ايم تي کيس ٿر مان هڪ گمنام ليکڪ ادبي خط لکندو هو، جيڪو بهترين نثر نگار سان گڏ ڀٽائي جو پارکو هو، ان کيس 24 خط لکيا، اڃان کيس ان رومانوي خطن جو انتظار ضرور آهي. سندس پروگرام ۾ عثمان راهوڪڙي جا روپا جي رڻ مان ۽ الهجڙيو ڪلهوڙو ۽ وفا پالاري ادبي خط يادگار رهيا. ٽنڊي باگي مان نوري آباد ريڊيو تي وڃڻ وقت پريس ڪلب ۾ اچي مونکي هجت مان ادبي خط ۽ يادن جي سلسلي جي تحرير لکي ڏيڻ لاءِ چوي ٿو. هن شاعري عشق جي چوٽ کائي سرجڻ شروع نه ڪئي پر سٺي شاعري لاءِ عشق جو هئڻ ضروري سمجهي ٿو. هن جي شاعري ۾ عشق رقص ڪندي نظر اچي ٿو؛

    اسان جي لاڙ ۾ لالڻ
    جڏهن ڀي شام لڙندي آ
    اوهان جي ڳالهه ڇڙندي آ
    پراڻي ڳوٺ پنهنجي ۾
    نمن جي ڇانو ۾ ويهي
    ڇوڙي ڇڙواڳ زلفن کي
    جڏهن ڪا سانوري جانم
    اوهان جي پيار ۾ لکيل
    منهنجو ڪو گيت ٻڌنڌي آ
    اوهان جي ڳالهه ڇڙندي آ.

    پنهنجي ٻن سالن جي نياڻي صبا سندس ڪائنات آهي. بشير اڍيجو ريڊيو ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو آهي. هن جي شاعري پڙهجي ٿي ته ان ۾ خيال جي وسعت ۽ سندس اسلوب وڻندڙ آهي؛

    اي وقت مسافر ترسي پئو
    تون ڌرتي جي هن گولي تي
    مان گيت لکان ڪو مستي مان
    هن ڍاٽياڻي جي چولي تي

    بشير وڏيرا شاهي جي نظام کي سنڌ جي تباهي جو ذميوار سمجهي ٿو، محبت جي پرچار ڪرڻ جو پيغام ڏي ٿو. ۽ اهو پيغام سندس شاعري ۾ به آهي ته ريڊيو جي فريڪيونسي تان اڏامندڙ سندس مڌر آواز ۾ به آهي..!

    Shabirlaghari2@gmail.com
     
  2. Sohail sagar

    Sohail sagar
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2019
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڀاء بشير جي شاعري کي ھر ھڪ انسان جي سمجھن جي وس جي گالھ ن آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو