”چنڙ “ ذات جي باري ۾ معلومات

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2016۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    هي حقيقت ۾سماٽ قبيلي جي ذات آهي.جنھن جو تعلق قديم سنڌجي بهاولپور واري علائقي سان آهي تنهن ڪري ڪي کين پنجاب کان آيل چوندا آهن ِڇاڪاڻ تہ هو اتي راڻا جي لقب سان سڏيا وينداآهن۽ کين“چنن دي” ڪوٺيو ويندوآهي.
    چيو وڃي ڀوتہ هن ذات وارنما ڪي پير چنڙيا پير چنن جواولادآهن پرآهو بہ چيو ويو آهي تہ هن پير ڪڏهن بہ ڪڏهن بہ شادي ڪونہ ڪئي هئي ۽ سندن پونئيرن ٿائرن جواولاد آهن ٻي روايت آهي تہ هو لاڙڪاڻي وارن ٿٽن جي هدامجد آهن جن مان شهيد ذوالفقارعلي ٿٽو۽ ممتاز علي ٿٽوآهن.
    بهاولپورجي دراوڙ قلعي کان 6 ڪلوميٽر پري هڪ جبل تي پير ”چنن“ جي مزارآهي هڪ ٻي روايت موجب سيد جلال الدين هن شهر۾آيو.(جيڪوهاڻي دڙي جي صورت ۾آهي) ۽ پڇاڪئي تہ هتي ڪو مسلمان آهي ؟جواب مليوتہ ڪوبہ ناهي پوءِ هن پڇاڪرائي تہ ڇاٿلاڪابہ عورت ڳورهاري آهي . ”راء”(اُن وقت جي حاڪم)کيس ٻڌايو تہ سندس گهر واري اميد سان آهي،جنهن کان پوءِ سيد جلال الدين هڪ مسلمان دائي کي ان عورت جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو ڇاڪاڻ تہ اهو ٻار مستقبل جو ڀيڻ وارو هو.
    جڏهن ٻار ڄائو تہ ”راءِ“ ان ٻار کي هڪ جبل جي چوٽي تي رکيواُنوقت آسمان مان صندل جو ڀهيل هندوري مان کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جئين هو اُن جي قريب ڀي ويو تہ هو هندورو مڀي ڀيندو ُيو آخر ”راءِ“ هارجي ۽ پنهنجي پٽ جيڪو اڳتي هلي
    ”مخدوم جھانيان“ جي نالي سان مشهور ڀيو.اُن کي پنهنجو مرشد ڪري مڃيو.
    چنڙ قبيلي وار ا”مخدم جھانيان“ جي ستن ٿائرن جواولاد آهن يعني “راءِ” جي خاندان مان آهن هي سنڌ ۾ سنڌي ۽ پنجاب جي سرائيڪي علائقي ۾سرائڪي ڳالهائيندا آهن سنڌ ۾ سندن وڏوڳوٺ وارهہ تعلقي ۾آهي ۽اتي اُتي پڻ هڪ دڙي کي ”چنڙ جو دڙو“ ڪري سڏيوويندوآهي.
    اهابہ حقيقت آهي تہ چنڙ مهرقبيلي وارن جو هڪ پاڙو آهي.
    چنڙذات وارومان هڪڙن جو تعلق مهر قبيلي وارن سان آهي.جيڪي ضلع نوشهروفيروز۾ رهن ڀا.
    سندن روايتن مطابق مهر قبيلي جي ذات وارن مان ٻہ ٿائر ملتان مان لڏي اچي ڪنڊياري ۾ويٺا.جتي مقامي ماڻهن جي ٻن سوٽن پنهنجون ڌيئرون پرڻائي ڏنيون. انهن ٿائرن مان هڪ ٿاءُ درياءِ سنڌ جي مڀانهين حصي تي پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيو جنهن کي بند وارا ٽوڙهائي چنڙ سڏيو ويندوهوجنهن کي هاڻي يوسف چنڙ جي نالي سان سڏيو وڃي ڀو.
    اهڙي طرح ٻيو ٿاءُ هڪ ڍوري تي پنهنجو ڳوٺ ٻڌو جنهن کي ڍورائي چنڙ سڏيوويندو هو جنهن کي هاڻي سومر چنڙجي نالي سان سڃاتو وڃي ڀو ٻنهي ٿائرن جي اولاد جڙي وڌي ويجھي جوان ڀيو تہ انهن هڪ ٻئي کي سڱ ڏنا ۽ ورتاهنن جون ويهہ پيڙهيون اُتي گذري ويون آهن هن ذات وارن م هڪ رسم آهي تہ جڏهن ڪو ٻار بيمار ڀيندوآهي تہ تڪليف ڏسندو آهي تہ چنڙ ذات جون عورتون ڏاڏا سج چنڙنالي واري نانءُ تي باس باسينديون آهن تہ ٻار جي خوش ڀيڻ ۽تڪليف جي دوءرڀيڻ کان پوءِ هو ان جي نالي لولوپچائي ورهائينديون آهن.
    چنڙ ذات واريون عورتون جڏهن اهو لولو تيار ڪنديون آهن تہ اهورڳو پاڻ م ورهائي کائينديون آهن ۽ ڪنهن ڌاري ذات واري عورتکي نہ ڏينديون آهن جيڪڏهن ڪنهن بہ عورت ان لولي مان ڪجھ کاڌو تہ نتيجي طور اهو ٻار گونگو ڀي ويندو. تنهن ڪري چنڙ ذات وارا انهيء رسم تي عمل نهايت سخيتي سان ڪرائينداآهن.جئين ڪابہ بدشگوني نہ ڀئي.
    سردارچنڙ
    ڪتاب سنڌجون ذاتيون قومون ۽قبيلا مان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو