السلام عليڪم. اميد ته منهنجا متحرڪ ساٿي خير ۽ عافيت سان هوندا. منهنجي موبائل فون مون کان ڦر ٿي وئي آهي. انهيءَ موبائيل ۾ واٽس اپ، ميسيجر، فيس فوڪ، ياهو ميل، جي ميل وغيره استعمال ڪندو هيس. هاڻي ڪو اهڙو حل آهي جو اهي چوري ٿيل موبائل ۾ استعمال نه ٿين.
فون ڪمپني وارن سان لھ وچڙ ۾ اچو ۽ IMEI جيڪو فون جي دٻي تي لکيل هوندو آهي، اهو نمبر ڪمپني وارن کي ڏيو هو ان کي بلاڪ ڪري ڇڏيندا. پر ٿورڙي ڪوشش ڪندو ته، اهو موبائيل جڏهن به ڪو ٻيو ٻي سم وجهي هلائيندو ته فون ڪمپني وارا اها سم به بلاڪ ڪري ڇڏيندا ان لاءِ ايف آءِ آر شرط آهي.
ادا تمام سولو حل اهو آهي جو اوهان واٽس ايپ اڪائونٽ کي ڪنهن ٻي موبائل تي وري ايڪٽو ڪريو. ان کان پوءِ اوهان جو واٽس ايپ ان موبائل ۾ نه هلندو. باقي اڪائونٽس يعني فيسبوڪ يا ايميل اڪائونٽن جي موجوده جي پاسورڊ کي تبديل ڪريو ۽ ٻين سڀني ڊوائس مان انهن کي لاگ آئوٽ ڪريو. اميد ته جواب مددگار ثابت ٿيو هوندو. نه ته وري به حاضر آهيون