هتي هلندي زبان مُنهنجي ميرل فقير جويو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سائين بخش چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2016۔

  1. سائين بخش چانڊيو

    سائين بخش چانڊيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2016
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ جاب
    ماڳ:
    قاضي احمد
    سدا سهڻي سٻاجھي آهي هي سنڌي زبان منهنجي
    نہ هرگز ڪو بہ ڪوسو واءُ سهندي زبان منهنجي
    پئي ٻهڪندي ٻهڳڻ پئي ٽڙندي زبان منهنجي
    خدا جو آ قسم هر دم پئي کلندي زبان منهنجي
    هميشہ زندہ و جاويد پئي جينئدي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    اتر وچ لاڙ پئي ٻهڪي اها ٻولي اٿئي سنڌي
    ڄمڻ سان جا امڙ مونکي ڏني لولي اٿئي سنڌي
    سنڀاليم هوش جهولي ۾ اها جهولي اٿئي سنڌي
    مچائي موج ٿو مهراڻ اها ڇولي اٿئي سنڌي
    پئي ڪڏندي تہ ڪاڇي ۾ ٻيلي ٻرندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    اگر آيو آهين ڀاءُ هتي سنڌي ٿي هلڻو ٿئي
    ڏنم گهر زر توکي سڀڪجھ اڃان ڪو لهڻو ٿئي
    ادا سنڌي ۾ لکڻو ٿئي مٺا سنڌي ۾ پڙهڻو ٿئي
    اسان جي ديس دلبر ۾ اگر اي يار رهڻو ٿئي
    چڱائي جا اکر توکي چوندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    اڃان تون پاڻ کي سمجهيو ويٺو آهين مهاجر ڇو ؟
    لڳايو لقب تون ويٺو اهو آهين عمر ڀر ڇو ؟
    چوائين چوڌري پيو ٿو ۽ نمبردار آخر ڇو ؟
    انهئ ”تيري ۽ ميري “ کي ڪرين تون ڪين ٻاهر ڇو ؟
    هتي سنڌي ٿي رهڻو ٿئي پڙهي سنڌي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    مٽائڻ چاهي جن منهنجي مٺي ٻولي سي مٽجي ويا
    پراون توڙي پنهنجن جا تہ نڪ ڪن سڀ وڍجي ويا
    وڪيو جن ماءُ پنهنجي کي اهي پاڙن کان پٽجي ويا
    دنيا جي لوڀ لالچ تي اهي غيرت کان گھٽجي ويا
    ’مٽائڻ جي ڪندو جيئن ڪو تيئن وڌندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    مٺي ٻولي ڪڄاڙو ڪو لاڙيجي لاڙ وارن جي
    ڪچي جي قرب واري آ پرين پراڙ وارن جي
    آ موهيل ماکي مصري منجھ مارن ماڙ وارن جي
    صدا رهندي پئي وڌندي ولهارن واڙ وارن جي
    هئين جو ٺار هي ٻولي پئي ٺرندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    هي سنڌڙي سورهين ۽ سورمن دودن جي سنڌڙي ٿئي
    هي سنڌڙي هوش محمد شيدي جي جوڌن جي سنڌڙي ٿئي
    هي سنڌڙي باب ٿئي اسلام جو پيرن جي سنڌڙي ٿئي
    هي سنڌڙي شاعرن ۽ صوفين رندن جي سنڌڙي ٿئي
    مرڻ تائين چپن منهنجن تي پئي چرندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    قلندر لعل مروندي نگھبان آ اڃا سنڌ جو
    هو آ عثمان مروند جو مگر آ پاسبان سنڌ جو
    نہ ڪوئي لهر لوڏو آ هو آ مهربان سنڌ جو
    رهيو دست علي ٿي آہ هو هر هڪ زمان سنڌ جو
    هي ڪشتي لعل جي آ ان ۾ پئي ترندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    نہ ڪو آ سنڌ کي جوکو ڀٽائي گھوٽ جو آهي
    رسالو رس ڀريو ان جو اسان لئہ اوٽ جو آهي
    سندس هر بيت هر وائي الا اڻموٽ جو آهي
    نظارو نور نرمل جو چڙهيل اڄ چوٽ جو آهي
    مٽائڻ جي ڪندو جيئن ڪو تيئن وڌندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    لاکيڻي لعل جون ڪافيون ۽ وايون پيو وڄائندس
    سچل سرمست سامئ کي تہ جھنگ جھر ۾ جھونگاريندس
    بيدل بيڪس حمل طالب کي هر هڪ ڳوٺ ڳائيندس
    تن سڄڻن جا سنڌي کي تہ هيرن هار پائيندس
    مان ڳائيندس تون ڳائيندين ۽ ڳائيندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    هوندي مون موت جي بستر تي ۽ سڪرات ۾ سنڌي
    ۽ هوندي ڪلمي سان گڏ پڻ تہ وائي وات ۾ سنڌي
    ڪندس ملڪن سان قبر ۾ پيو هر بات ۾ سنڌي
    ۽ لوندس پيو انهن سان مان لطيفي لات ۾ سنڌي
    بدن ڀرندو جسم جھرندو نہ هي جھرندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    لطيفي لات سان ”ميرل“ ڪيو منحوس تي مارو
    اٿو وارو مليو هي يار نا ملندو وري وارو
    کڻي جو بد نظر تنهنجي وطن ڏي ڪڍ سندس تارو
    ڪيو هي سنڌ سوڀاري هڻي ڪو حيدري نعرو
    وڻي ٿي واہ ! ويتر هئ پئي وڻندي زبان منهنجي
    هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي

    شاعر ”ميرل فقير جويو “
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو