(ڊٻائي مهر) ڌرتي جيجل ماءُ

سائين بخش چانڊيو

سينيئر رڪن
ھيءَ ڌرتي جيجل ماء،ُاَٿو
سنڌ ۾ منهنجو ساھ اَٿو ...

سنڌ ۾ جيڪو سڏائي سنڌي
ٻروچ سماٽ يا ڪولهي ڪڇي
ڀيل بہ منهنجو ڀا ءۡ اٿَو
سنڌ ۾ منهنجو ساھ اٿَو

ٻنيون ٻارا فصل پوٺا
بنگلا ڇپر ڪچا ڪوٺا
چونئرن سان ڀي چاھ اٿَو
سنڌ ۾ منهنجو ساھ اٿَو

سورھن آنا سچ ڊٻائي
جنت جو سنڌ گچ ڊٻائي
ٽڪو ڪونه وڌاءُ ، اٿَو
سنڌ ۾ منهنجو ساھ اٿَو
شاعر ڊٻائي مهر
 
Back
Top