منھنجي ڌرتيءَ جي تہ ڌنارن کي آ سلام ادا سنڌ وارن کي . جيڪي ٽوپي اجرڪ پائن ۽ بوسڪي ڪَيٽي سِبائن ۽ شَھپر مُنھن تي سَجائن - وَري مرڪي جو ڳالھائن مونکي واھ جو وڻندا آھن - ڪاڄن جا منڊل مچائن موتين جون موڙون ٻَڌائن - سڀ گڏجي جمالا ڳائن ٻَک ٻِٽا وجھن ٿا يارن کي- آ سلام ادا سنڌ واين کي منھنجا مارو مٽين ھاڻا - لِڱي پاتل پوش پراڻا ڪي ڄڻان ڪي نہ سڃاڻان - منهنجي مَنڇُر جا تہ مھاڻا سڀ پنهنجا مٽ ٿو ڄاڻان - اھي اَٻوجھ سنڌي يا سياڻا وڌ ڀانيان تن کي پاڻان - اھي مومِلون ۽ اھي راڻا ادا سُھڻي ۽ ميھارن کي آ سلام ادا سنڌ وارن کي ڪيان مھر ڊٻائي دُعائون - سنڌ سدا سکي ڏسان آئون ڏُڪر جون بريون بَلاون - منهنجا ڀائر ڀيڻيون مائون رب ڏجان سڀني کي پناھون - رنگ راڳ دھل شرنايون سدا پيار جون گھلن ھوائون - مون تہ باسيون کوڙ سکاؤن منهنجي عمر ملي منهنجي مارن کي آ سلام ادا سنڌ وارن کي شاعر : مهرڊٻائي