سلام آ سنڌ وارن کي

سائين بخش چانڊيو

سينيئر رڪن
منھنجي ڌرتيءَ جي تہ ڌنارن کي
آ سلام ادا سنڌ وارن کي .

جيڪي ٽوپي اجرڪ پائن ۽ بوسڪي ڪَيٽي سِبائن
۽ شَھپر مُنھن تي سَجائن - وَري مرڪي جو ڳالھائن
مونکي واھ جو وڻندا آھن - ڪاڄن جا منڊل مچائن
موتين جون موڙون ٻَڌائن - سڀ گڏجي جمالا ڳائن
ٻَک ٻِٽا وجھن ٿا يارن کي- آ سلام ادا سنڌ واين کي

منھنجا مارو مٽين ھاڻا - لِڱي پاتل پوش پراڻا
ڪي ڄڻان ڪي نہ سڃاڻان - منهنجي مَنڇُر جا تہ مھاڻا
سڀ پنهنجا مٽ ٿو ڄاڻان - اھي اَٻوجھ سنڌي يا سياڻا
وڌ ڀانيان تن کي پاڻان - اھي مومِلون ۽ اھي راڻا
ادا سُھڻي ۽ ميھارن کي آ سلام ادا سنڌ وارن کي

ڪيان مھر ڊٻائي دُعائون - سنڌ سدا سکي ڏسان آئون
ڏُڪر جون بريون بَلاون - منهنجا ڀائر ڀيڻيون مائون
رب ڏجان سڀني کي پناھون - رنگ راڳ دھل شرنايون
سدا پيار جون گھلن ھوائون - مون تہ باسيون کوڙ سکاؤن
منهنجي عمر ملي منهنجي مارن کي آ سلام ادا سنڌ وارن کي

شاعر : مهرڊٻائي
 
Back
Top