• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چين ۾ 11 ورهين جي نينگر جو وزن 146 ڪلو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
بيجنگ : چين ۾ 11 ورهين جي نينگر جو وزن 146 ڪلو ٿي ويو آهي، جنهن جو وزن گهٽائڻ لاءِ باهه جي ٿراپي ڪئي پئي وڃي، باهه جي ٿراپي چين ۾ وزن گهٽائڻ لاءِ روايتي ٽوٽڪي طور استعمال ٿيندي آهي، 11 ورهين جي لي هانگ جي باهه ٿراپي جا فوٽو پڌرا ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ڊاڪٽر ٽوال کي باهه ڏئي سندس ٿلهي پيٽ مٿان سيڪ ڏئي رهيو آهي، هي طريقو چين اندر روايتي علاج جو طريقو سمجهيو وڃي ٿو، ٿولهه گهٽائڻ لاءِ روايتي علاج جي طريقن ۾ ٿلهي ماڻهوءَ کي سُيون ٽنبڻ جو طريقو به اپنايو وڃي ٿو، چين جي اتر اوڀر واري صوبي جيلن جي چنگ چون سٽي جي اسپتال ۾ 11 ورهين جي لي هانگ کي داخل ڪيو ويو آهي، هن اسپتال ۾ اڪثر ڪري ٿولهه جي مريضن کي آندو ويندو آهي، هن وقت به 53 ٿلها ماڻهو هن اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته لي هانگ جو وزن ٽن ورهين جي عمر کان وڌڻ شروع ٿي ويو هو، چئن ورهين جي عمر ۾ سندس وزن 42 ڪلو هو، ياد رهي ته چين ۾ خاص ڪري ٻارن ۾ ٿولهه جي بيماري وڌي رهي آهي
H-20.jpg



ڪاوش اخبار مان ورتل
 
Back
Top