ڊاڪٽر وائن ڊبليو ڊائر ترجمو: بشير احمد ڀٽي هر ماڻهوءَ جي پنهنجي هڪ ڌار شخصيت هوندي آهي ۽ سندس سمورا روَيا، سلوڪ، اٿ ويهه، ڳالهه ٻولهه سندس انهيءَ شخصيت جي آواز تي ئي هوندي آهي. توهين ڪير آهيو ۽ تووهين پنهنجي شخصيت کي ڪيئن ٿا ظاهر ڪريو؟ انهن سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ توهان کي پنهنجي ماضيءَ ڏانهن موٽڻو پوندو، اهو ماضي، جنهن ۾ توهان پنهنجي حياتي گذاري، اهو ماضي جنهن سان توهان هر وقت ڳنڍيل هُئا ۽ جنهن کي وسارڻ توهان لاءِ ايترو سَولو به ڪونهي. توهان جي وجود جي اظهار جون علامتون ۽ سڃاڻپ ڪهڙي آهي؟ ڇا اهي ڪي سٺا عمل هُئا، جيڪي توهان پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيا، يا اهي يادگيريون جن کي ياد ڪري توهان کي اڃا به دلي خوشي ۽ سڪون ملندو هُجي. ڇا توهان وٽ اهڙو ڪو هنڌ آهي، جتي اهي سموريون علامتون ۽ سڃاڻپون محفوظ ٿيل هُجن. جن کي ياد ڪري توهان خوش يا غمگين ٿيو ٿا يا پنهنجي ماضيءَ ۾ ڪيل ڪنهن عمل تي ڏکارا، پريشان يا پشيمان آهيو؟ اهو توهان جو دماغ ئي آهي، جنهن جي لاشعور جي ٽجوڙيءَ ۾ اهي يادگيريون محفوظ آهن ۽ توهين جڏهن به اها ٽجوڙي کوليو ٿا ته توهان خوش يا غمگين ٿيو وڃو. ماضيءَ جي سٺين ڳالهين تي خوش ٿيڻ ته سٺي ڳالهه آهي، پر خراب ڳالهين کي ياد ڪري پريشان يا پشيمان ٿيڻ سان اهو ماضي اسان لاءِ عذاب بڻجيو وڃي يعني توهان اهو محسوس ڪريو ته مون کي فلاڻي ڳالهه يا ڪيل ڪم تي تمام گهڻو شرم پيو محسوس ٿئي يا وري اهو ته ”آءٌ نهايت ٽوٽِي ۽ سُست آهيان.“ ”مون، جيڪو عمل ڪيو، تنهن تي مون کي پڇتاءُ آهي، پر ان جي تلافي ڪرڻ تي به شرمندگي سبب دل راضي نه پئي ٿئي.“ وغيره وغيره. اهو ته سڀ صحيح، پر ائين به ته ٿي سگهي ٿو ته توهان ۾ تمام گهڻيون خوبيون به هُجن. مثال طور توهان ماڻهن سان نهايت نوڙت ۽ مِيٺ محبت سان پيش ايندا هُجو. ماڻهن جا مسئلا حل ڪريو، توهان کي دلي سڪون محسوس ٿيندو هُجي يا وري توهان ڪنهن سان ڪا اهڙي چڱائي ڪئي هُجي، جنهن کي ياد ڪري اهو ماڻهو ۽ توهين پاڻ خوش ٿيندا هُجو. پنهنجي ذات ۾ موجود خاصيتن، خوبين ۽ صلاحيتن ظاهر ڪرڻ ۾ هونئن ته ڪا به خرابي ڪونهي، پر مسئلو رڳو اهو آهي ته انهن ڪاميابين، صلاحيتن ۽ خوبين کي ٻين لاءِ نقصان رسائيندڙ عمل طور استعمال، توهان جي اڳتي لاءِ ترقيءَ يا ڪاميابيءَ يا ٻين سان سٺن لڳ لاڳاپن جي حوالي سان رڪاوٽ يا نقصان ڏيندڙ به ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته: توهين جڏهن مُنهنجي شخصيت بابت ڪا علامت يا سڃاڻپ مقرر ڪريو ٿا ته ائين ڪري توهين مُنهنجي وجود کان انڪار ڪريو ڇڏيو ٿا، ڇو ته جڏهن ڪنهن فرد لاءِ ڪا سڃاڻپ يا علامت اڻ ٽر ٿيو وڃي، ته ان کان پوءِ اها سڃاڻپ يا علامت، هُن جي ذاتي حيثيت ۽ شخصيت تي حاوي ٿي ان کي گم ڪريو ڇڏي.“ پنهنجي ذات جون اهي علامتون ۽ سڃاڻپون توهان جي ماضيءَ جي ڪري ئي آهن، پر ماضي ته رک جو هڪ ڍير آهي. توهان جو اهو سوچڻ ته ”آئون ئي سڀ ڪُجهه آهيان.“ يا ”آئون ته سدائين کان اهڙو ئي قابل رهيو آهيان.“ يا ”مون ۾ جيڪا خراب عادت آهي، آئون هاڻي اها ختم نٿو ڪري سگهان ۽ اها هاڻي مُنهنجي فطرت بڻجي چُڪي آهي.“ وغيره وغيره. پوءِ ياد رکو ته اهي توهان جي شخصيت بابت اهڙيون رڪاوٽون آهن، جن جي ڪري توهين پنهنجي زندگيءَ کي هڪ انقلابي رُخ ڏيڻ ۾ ناڪام رهو ٿا ۽ موجوده گهڙيءَ مان حاصل ٿيندڙ ڪنهن متوقع خوشگوار، مسرت انگيز ۽ ڀرپور حياتي گذارڻ کان محروم رهجيو وڃو. تنهن ڪري پنهنجي شخصيت ۾ شامل سٺين ڳالهين کي قائم دائم رکي، پنهنجي شخصي خامين ۽ ڪوتاهين کي ختم ڪريو، هڪ ڀيرو ائين ڪري ته ڏسو. توهان کي سدائين لاءِ ذهني سڪون ملي ويندو ۽ توهان جي شخصيت ۾ پاڻهي هڪ نئون نکار ۽ وقار اچي ويندو. (روزانه ڪاوش جي گئلري پيج جي ٿورن سان)