• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ﺭﺋﻴﺲ ﺭﺿﺎ ﻣﺤﻤﺪ ڏﺍﻫﺮﻱRais Raza Muhammad Dahri

مومن ڏاهري

سينيئر رڪن
ﺭﺋﻴﺲ ﺭﺿﺎ ﻣﺤﻤﺪ ڏﺍﻫﺮﻱ
ﺭﺋﻴﺲ ﺭﺿﺎ ﻣﺤﻤﺪ ڏﺍﻫﺮﻱ ﻭﻟﺪ ﺭﺋﻴﺲ ﮔﻠﮡ ﭴﺎﻡ ڏﺍﻫﺮﻱ
ﺳﻨﻪ 1944ﻉ ۾ ﮘﻮﭞ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﺭﺿﺎ ﻣﺤﻤﺪ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺗﻌﻠﻘﻪ
ﺩﻭﻟﺘﭙﻮﺭ ﺿﻠﻊ ﻧﻮﺍﺑﺸﺎﻩ ۾ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﺎ . ﮔﻮﺭﻧﻤﻴﻨٽ ﻫﺎﺀِ
ﺍﺳڪﻮﻝ ﺩﻭﻟﺘﭙﻮﺭ ﻣﺎﻥ ﺳﺎﻝ 1959ﻉ ۾ ﻣﺌٽﺮڪ ﭘﺎﺱ
ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﭘﺎﮠ 1970 ﻉ ﺟﻲ ﺍﻟﻴڪﺸﻦ ۾ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ
ﺍﺳﻴﻤﺒﻠﻲ ﺟﻲ ﺳﻴٽ ﺗﻲ ﻏﻼﻡ ﻣﺠﺘﺒﻲ ﺟﺘﻮﺋﻲ ﺳﺎﻥ
ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﺑﻴﭡﻮ ﭘﺮ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ﭤﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﮭﻴﻮ . 1983ﻉ
۾ ﺟﻨﺮﻝ ﻣﺤﻤﺪ ﺿﻴﺎﺀَ ﺍﻟﺤﻖ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ۾ ﺳﻨﮅ ڪﺎﺋﻮﻧﺴﻞ
ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﭤﻴﻮ . 1985ﻉ ۾ ﻏﻴﺮ ﺟﻤﺎﻋﺘﻲ ﺍﻟﻴڪﺸﻦ ۾
ﺁﺯﺍﺩ ﺍﻣﻴﺪﻭﺍﺭ ﻃﻮﺭ ﺳﻨﮅ ﺍﺳﻴﻤﺒﻠﻲﺀَ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻣﻨﺘﺨﺐ
ﭤﻴﻮ . ﺳﺎﻝ 1988ﻉ ۾ ﭘﻴﭙﻠﺰ ﭘﺎﺭٽﻲﺀَ ﺟﻲ ٽڪﻴٽ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ
ﺍﺳﻴﻤﺒﻠﻲﺀَ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﭤﻴﻮ .ﺳﺎﻝ 1986ﻉ ۾ ﺳﻨﺪﻥ
ڪﻮﺷﺸﻦ ﺳﺎﻥ ڏﺍﻫﺮﻱ ﻓﻮﺭﺱ ﻗﺎﺋﻢ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ . ﺟﻨﻬﻦ
ﭘﺎﮠ ﺍﻫﻮ ٽﻲ ﺳﺌﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺍﻫﻮ ﻓﻮﺭﺱ ﻗﺎﺋﻢ
ڪﻴﺎﺋﻮﻥ . ﺍﻥ ۾ ﺍﻳﺲ ﺍﻳﮁﺎ ﺍﻭ ۽ ﭔﻴﻦ ﻋﻬﺪﻥ ﺗﻲ ﺍﻫﻲ
ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﮣﺎﺋﻲ ﺑﺪﺍﻣﻨﻲ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ۾ ﺣڪﻮﻣﺖ ﺳﺎﻥ
ﺳﻬڪﺎﺭ ڪﻴﻮ . ﺍﻥ ڏﺍﻫﺮﻱ ﻓﻮﺭﺱ ﻗﺎﺋﻢ ڪﺮﮠ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ
ﻫﻲ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺟڏﻫﻦ ﺳﻨﮅ ۾ ﮄﺍڙﻳﻞ ڪﻠﭽﺮ ۽ ﺑﺪﺍﻣﻨﻲ ﻋﺮﻭﺝ
ﮐﻲ ﭘﻬﺘﻲ ﺗﻪ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﻭﺯﻳﺮ ﺍﻋﻈﻢ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﻥ
ﺟﻮﮢﻴﺠﻲ ۽ ﻭﺯﻳﺮ ﺍﻋﻠﻲ ﺳﻨﮅ ﺳﻴﺪ ﻏﻮﺙ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻩ ﺳﻨﮅ
ﺟﻲ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭﻥ ﮐﺎﻥ ﮄﺍڙﻳﻠﻦ ﮐﻲ ﺧﺘﻢ ڪﺮﺍﺋﮡ ﻻﺀِ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ
ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﮭﺮﺍﻳﺎ ﻫﺌﺎ . ﺳﺮﺩﺍﺭ ﺭﺿﺎ ﻣﺤﻤﺪ ڏﺍﻫﺮﻱ ڏﺍﻧﻬﻦ
ﺍﺷﺎﺭﻭ ڪﻨﺪﻱ ﭼﻴﺎﺋﻮﻥ ﺗﻪ ڏﺍﻫﺮﻱﺀَ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺯﻣﻴﻨﺪﺍﺭ ﭔﻴﺎ
ﺑﻪ ﺁﻫﻦ ﺍﻫﻲ ﺑﻪ ﻧﻮﺍﺑﺸﺎﻩ ۾ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﺎﮢﻮ ڏﻳﮡ
ﮔﮭﺮﺟﻦ . ﭘﺮ ﻧﺸﻦ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺑﻪ ﻣﺎﻥ ﺍﻋﻼﻥ ڪﻴﺎﻥ ﭤﻮ ﺗﻪ
ﺣڪﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﺟﻴﺘﺮﺍ ﺑﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﮭﺮﺟﻦ ﻣﺎﻥ ڏﻳﮡ ﻻﺀِ
ﺗﻴﺎﺭ ﺁﻫﻴﺎﻥ . ﭘﻮﺀِ ﺍﺑﺘﺪﺍ ۾ ٽﻲ ﺳﺌﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﮭﺮ
ڪﺌﻲ ﻭﺋﻲ . ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﺎﮠ ٽﻲ ﺳﺌﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڏﺋﻲ ڏﺍﻫﺮﻱ
ﻓﻮﺭﺱ ﻗﺎﺋﻢ ڪﻴﺎﺋﻮﻥ . ﺍﻥ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍﺀِ ﭘﺎﮠ ﻫﺮ ﻭﻗﺖ
ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ۽ ﭘﺮﺍﺋﻲ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ڪﺮﮠ ۽ ﻣﺴﺌﻼ ﺣﻞ ڪﺮﮠ
۾ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺁﻫﻦ
 
Back
Top