• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهجي شاعري

منصور سيتائي

سينيئر رڪن
گيت
ڪيترا گل ٽڙيا باغ ۾
ڪيئي ڀونئرا مڙيا باغ ۾،
جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
اڀ ۾ مست بادل ٿيا
ويس سانوڻ وسڻ جا ڪيا،
جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
رنگ چنرئ جا نکري پيا
ساز پايل جا وکري پيا،
جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
ڇال هرڻئ ڏنو ٽاه ۾
ساه ماپي نٿو ساه ۾،
جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
ٿر ء ڪاڇو به مهڪي اٿيو
ساه سنڌو ندي ۾ پيو،
جيئن آرس ڀڳو تو سکي!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: منهجي شاعري

محبوب جي هڪ هڪ ادا ڪروڙن جي ته ٻڌو هو پر اڄ محبوب جي آرس ڀڃڻ تي ايترا عربن جا خربن جا بلڪه اڻ ملهه واقعا ۽ ڪرشما ٿا ٿين ۔۔۔ ؟؟؟
ان ڪري ته ئي چوندا آهن ته شاعرن کان بچجو جو هو انسان کي پٽ تان کڻي عرش تي ويهاريندا آهن ۽ جڏهن اک کلندي آهي ته هٿ خالي هوندا اهن ۔۔۔

واه منصور سيتائي، واه منصور سيتائي ۔۔۔ ڇا ڳالهه آهي ۔۔۔ بس سحر انگيزي آهي ۔۔۔
 
Back
Top