ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﻫڪ ﺭﻭﺷﻦ ﺳﺘﺎﺭﻭ ﺳﻠﻴﻤﺎﻥ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺍﻳڊﻭﻭڪﻴٽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻮ ﺍﻧﻤﻮﻝ ۽ ﺑﻴﺒﺎڪ ڪﺮﺩﺍﺭ، ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﺟﻲ ﺁﺧﺮﻱ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﻳﻮﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﺟﻨﺮﻝ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ، ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ 12 ﺳﻴﭙٽﻤﺒﺮ 2011 ﻉ ﺗﻲ ﻻڏﺍﮢﻮ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﻔﺎڪﺸﻲﺀَ ﺟﻮ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﺁﻫﻲ . ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ 1954ﻉ ۾ ﮘﻮﭞ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﺎﺷﻢ ڏﺍﻫﺮﻱ ۾ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ . ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ، ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﮘﻮﭞ ۾ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﮠ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ، ﺷﻬﺪﺍﺩﭘﻮﺭ ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﻞ ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ۽ ڪﺎﻟﻴﺞ ﻣﺎﻥ ﻣﺌٽﺮڪ، ﺍﻧٽﺮ ۽ ﺑﻲ ﺍﻱ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﻫﺎﺀِ ﺍﺳڪﻮﻝ ﺟﻲ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺯﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺳﺮﮔﺮﻣﻴﻦ ۾ ﺍﮘﭝﺮﻭ ﺭﻫﻴﻮ . ﮐﻴﺲ 1975 ﻉ ۾ ﺳﻨﮅ ڪﺮﺍﺋﻴﻢ ﺍﻳڪٽ ﺗﺤﺖ ﻫڪ ﺳﺎﻝ ﻻﺀِ ﺟﻴﻞ ڏﺳﮣﻮ ﭘﻴﻮ ۽ ﺟﻴﻞ ﻣﺎﻥ ﺋﻲ ﺑﻲ ﺍﻱ ﺟﻮ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥ ﭘﺎﺱ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ۾ ﭘﻮﻟﻴٽﻴڪﻞ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻲ ﺷﻌﺒﻲ ۾ ﺩﺍﺧﻼ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ . ﮐﻴﺲ ﺍﻫﻠﻴﺖ ۽ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻗﺮﺑﺎﻧﻴﻦ ﻋﻴﻮﺽ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﻳﻮﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻫﻢ ﻋﻬﺪﻱ ﻻﺀِ ﭼﻮﻧڊﻳﻮ ﻭﻳﻮ . ﺿﻴﺎﺋﻲ ﻣﺎﺭﺷﻞ ﻻ ﺟﻮ ﺯﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ، ﺳﻨﮅ ﺳﭵﻲ ﭔﺮﻳﻞ ﻫﺌﻲ . ﺳﺎﻝ 1978 ﻉ ﺟﻲ ﺁڪٽﻮﺑﺮ ﺟﻮ ﻭﺍﻗﻌﻮ ﭘﻴﺶ ﺁﻳﻮ . ﺟﻴڪﻮ ﭘﻴﭙﻠﺰ ﻣﻴڊﻳڪﻞ ڪﺎﻟﻴﺞ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮﺩﻳﺎﮢﻲﺀَ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺶ ﺁﻳﻞ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺟﻲ ﺍﻃﻼﻉ ﺟﻲ ﺭﺩ ﻋﻤﻞ ﻃﻮﺭ ﭤﻴﻮ . ﻣﻬﺮﺍﮠ، ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ۽ ﺍﻳﻞ ﺍﻳﻢ ﺳﻲ ﺟﺎ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻱ ﭰﺎٽڪ ﺗﻲ ﺳﺮﺍﭘﺎ ﺍﺣﺘﺠﺎﺝ ﭤﻴﺎ . ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺍﻥ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺳﺒﺐ ﭔﻴﻦ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﺍﮘﻮﺍﮢﻦ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﻣﺎﺭﺷﻞ ﻻ ﺟﻲ ﭔﻮﻫﻲ ۾ ﺁﻳﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺎﺋٽﻦ ۽ ﻋﺰﻳﺰﻥ ﺟﻲ ﮔﻬﺮﻥ ﺗﻲ ﮀﺎﭘﺎ ﻟﮙﺎ، ﺳﻨﺪﺱ ﭜﺎﺀُ ﻣﺤﻤﺪ ﻳﻮﺳﻒ ڏﺍﻫﺮﻱﺀَ ﮐﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ڪﺮﻱ ٽﺎﺭﭼﺮ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ . ڪﺎﻓﻲ ﻋﺮﺻﻮ ﺭﻭﭘﻮﺷﻲﺀَ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺳﺎﻝ 1979ﻉ ۾ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ﭤﻴﻮ . ﻣﭥﺲ ﺗﺸﺪﺩ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ۽ ﻻﮘﻴﺘﻮ 5 ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻴﻞ ۾ ﺭﮐﻴﻮ . ﻗﻮﻣﭙﺮﺳﺖ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺮﻭﻋﺎﺕ ﭤﻲ . ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻫﻦ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ، ﻓﻠﺴﻔﻲ ۽ ﻋﻠﻤﻲ ﭴﺎﮠ، ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﺳﺎﻥ ﭜﺮﭘﻮﺭ ﭼﺎﻫﻪ ﺭﮐﻴﻮ ۽ ﻗﻮﻣﭙﺮﺳﺖ، ﺗﺮﻗﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺟﻤﻬﻮﺭﻱ ﻧﻈﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﺍﭘﻨﺎﻳﺎﺋﻴﻦ . ﮐﺎﭔﻲ ﮄﺭ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺑﺤﺮﺍﻥ ﺳﺒﺐ ﺗﻤﺎﻡ ڏﮐﻴﻦ ﮔﻬڙﻳﻦ ۽ ﭼﺌﻠﻴﻨﺠﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ . ﺳﻨﮅﻱ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﻲ ﺧﻤﻴﺮ ﻣﺎﻥ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻞ ﻫﻲ ﺍﺭڏﻭ ﺍﻧﺴﺎﻥ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻋﻠﻲٰ ﺳﻮﭺ ۽ ﻓﻬﻢ ﺳﺎﻥ ﺁﺧﺮﻱ ﺩﻡ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻭﺍﺑﺴﺘﻪ ﺭﻫﻴﻮ . ﻣﺘﺎﺭﻱ ڏﺍﻫﺮﻱﺀَ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ڪﺎﺭڪﻦ ﺗﻴﺎﺭ ڪﻴﺎ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻭﻻﺩ ﮐﻲ ﺍﻋﻠﻲٰ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڏﻳﺎﺭﻱ، ﻣﺪﻱ ﺧﺎﺭﺝ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﻻﺀِ ﻫﺮ ﻇﻠﻢ ۽ ڏﺍﮂ ﺧﻼﻑ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪﻭﻥ ڪﻴﻮﻥ . ﻣﺸڪﻼﺗﻦ ﮐﻲ ﺑﻬﺎﺩﺭﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻧﻮ . ﺳﻨﮅ ﭘﺮﺳﺖ ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ڪﺎﻣﺮﻳڊ ﻏﻼﻡ ﺭﺳﻮﻝ ﺳﻬﺘﻮ ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺗﻪ ﺳﺎﻧﮕﻬڙ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻓﻘﻂ ﺣﺮﻳﺖ ﭘﺴﻨﺪﻥ ﺟﻲ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﻭﺍﺭﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ، ﺟڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺳﻨﮅ ۾ ﺳﺎﻣﺮﺍﺟﻴﻦ ﺧﻼﻑ ﺟﻨﮓ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ﻧڪﺮﻧﺪﻭ ﺁ، ﻗﺮﺑﺎﻧﻴﻦ ڏﻳﮡ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻮ ﺫڪﺮ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁ ﺗﻪ ﺳﺎﻧﮕﻬڙ ﻟﻔﻆ ﺳﻮﻧﻬﺮﻱ ﺍﮐﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺁ، ﺟﻴﺌﻦ ﭘﻴﭙﻠﻦ ﻟﻴﺎﺭﻱ ۽ ﺩﺍﺩﻭ ﮐﻲ ﻭﻳٽﻨﺎﻡ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ڏﻧﻮ ﻫﻮ، ﺗﻴﺌﻦ ﺳﻨﮅ ﭘﺮﺳﺘﻦ ﺟﻮ ﻭﻳٽﻨﺎﻡ ﺳﺎﻧﮕﻬڙ ﺋﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁ . ﻣﺎﻥ ﺟڏﻫﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻮ ﻭﺭﺩ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﺗﻪ ﺳﺎﻧﮕﻬڙ ﺟﺎ ﻭﺭﻕ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﻟﻮﻥﺀِ ڪﺎﻧڊﺍﺭﺟﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ . ﺍﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﻭﺳﺎﮠ ۽ ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ، ڏﺍڏﻭ ﺳﻠﻴﻤﺎﻥ ڏﺍﻫﺮﻱ، ﻭﺯﻳﺮ ﻻﮐﻮ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﻗﺮﺑﺎﻧﻴﻦ ﺳﺒﺐ ﻗﻮﻡ ﭘﺮﺳﺖ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﺍﮠ ٽٽ ﺣﺼﻮ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ڏﺍڏﻱ ﻣﺘﺎﺭﻱ ﺟﻲ ڏﺍڏﻱ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻪ ﻣﺘﺎﺭﻭ ﺧﺎﻥ ﻫﻮ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻭﺭ ﺟﻮ ﻭڏﻭ ﭘﻬﻠﻮﺍﻥ ﻫﻮ، ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﭜﺎﺋﺮ ﺑﻪ ﭘﻬﻠﻮﺍﻥ ﻫﺌﺎ . ﺳﻨﺪﺱ ﺳﻮﻳﻦ ڏﺍﻫﺮﻱ ﻋﺰﻳﺰﻥ ﺟﻮﮄﻥ ﺣﺮ ﻣﻮﻭﻣﻴﻨٽ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻟﻮڙﻫﻦ ۾ ﻗﻴﺪ ڪﺎٽﻴﺎ ﻫﺌﺎ . ﺳﻨﺪﺱ ﻭﺍﻟﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﺎﺷﻢ ﭘﮡ ﻭڏﻥ ﭜﺎﮘﻴﻠﻦ ﺟﻮ ﺳﺎﭤﻲ ﻫﻴﻮ . ﮐﻴﻦ ﺧﻔﻴﻪ ﻣﺎﻧﻴﻮﻥ ﮐﺎﺭﺍﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺑﭽﻲ ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻮ ﺟﻮ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻮ ﺟﺎﺳﻮﺱ ﻣﭥﺲ ڪﻮ ﻧﻪ ﺑڪﻴﻮ ﻫﻮ . ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ﺟﻴﺌﻲ ﺳﻨﮅ ﺍﺳٽﻮڊﻧٽﺲ ﻓﻴڊﺭﻳﺸﻦ ﺟﻮ ﺍﻳڪٽﻴﻮﺳٽ ﭤﻴﻮ ۽ ﺷﻬﺪﺍﺩﭘﻮﺭ ﻣﺎﻥ ﺟﻠﻮﺱ ﺟﻲ ﻗﻴﺎﺩﺕ ڪﻨﺪﻱ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ﭤﻴﻮ، ﭘﺮ ڪﻴﺲ ”ﺳﻨﮅ ڪﺮﺍﺋﻴﻢ ﺍﻳڪٽ “ ﺟﻮ ﭤﻴﺲ . ﺟﻴﻞ ڪﺎٽﺎﻳﺎﺋﻴﻦ . ﭘﻮﺀِ ﻭﺭﻱ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ۾ ﺟﻴﺌﻲ ﺳﻨﮅ ﺍﺳٽﻮڊﻧٽﺲ ﻓﻴڊﺭﻳﺸﻦ ﺟﻮ ﻟﻴڊﺭ ﭤﻲ ﺍﭜﺮﻳﻮ . ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺍﺳٽﻮڊﻧٽﺲ ﻳﻮﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﺟﻨﺮﻝ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ ﭼﻮﻧڊﻳﻮ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺻﺪﺭ ﺷﺒﻴﺮ ﻻﮐﻮ ﻫﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﺗﻌﻠﻘﻲ ڪﻨڊﻳﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﺑﺎﻭﻗﺎﺭ ﻭڏﻳﺮﻱ ﻧﻮﺭ ﺍﺣﻤﺪ ﻻﮐﻲ ﺟﻮ ﭘٽ ﻫﻮ . ﭘﺮ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲﺀَ ۾ ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ، ﺷﺒﻴﺮ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﺍﭜﺮﻱ ﺁﺋﻲ . ﻫﻮ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ۾ ﻭﮄﻳڪ ﻫﺮ ﺩﻝ ﻋﺰﻳﺰ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ، ﺗﻨﻈﻴﻢ ۾ ﮔﺮﻭﻫﻪ ﺑﻨﺪﻱ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ﺧﻮﺩ ڏﺍڏﻱ ﻣﺘﺎﺭﻱ ﮐﻲ ﺟﻨﺮﻝ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ ﻻﺀِ ٽڪﻴٽ ڏﻧﻲ ﻫﺌﻲ ﻣﺘﺎﺭﻱ ﺑﻪ ﺳﻴﺪ ﺟﻲ ﻓﻴﺼﻠﻲ ﺟﻲ ﻟﭳ ﺭﮐﻲ ڏﻳﮑﺎﺭﻱ . ڏﺍڏﻱ ﻣﺘﺎﺭﻱ ﺟﺎ ﺗﻌﻠﻘﺎﺕ ﺳﭝﻨﻲ ﺳﺎﻥ ﺑﻬﺘﺮ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ڏﺍڏﻱ ﺳﻠﻴﻤﺎﻥ ڏﺍﻫﺮﻱ ﭼﻮﺍﮢﻲ؛ “ﺟﻴﻞ ۾ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻓﻘﻂ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﺍﮘﻮﺍﮠ ڪﺎﻣﺮﻳڊ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﭼﺎﻧڊﻳﻮ ﮐﺎﻥ ﻫﻴﻮ ”. ﭘﻮﺀِ ﺑﺎﻗﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ڪﺎﻣﺮﻳڊﻥ ﺟﻲ ﻫﻤﺪﺭﺩ ﺩﻭﺍﺧﺎﻧﻲ ۾ ﺭﻫﻴﻮ . ﺟﻴﻞ ﮐﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﮔﻬﺮ ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﺍﻥ ﮐﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻗﻴﺪﻳﻦ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺳﮑﻴﺎ ﮔﻬﺮ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﺑﻪ ﺭﮐﻴﻮ ﻫﻮ . ﻧﻪ ﺭﮘﻮ ڪﺘﺎﺏ ۽ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺑﺤﺚ ﭤﻴﻨﺪﺍ ﻫﻴﺎ ﭘﺮ ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ﻣﻠﻬﻪ، ڪﭕٽﻲ ﺭﺍﻧﺪ ۽ ﻭﺍﻟﻲ ﺑﺎﻝ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺟﺎﺭﻱ ﺭﮐﻴﻮ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺟڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺟﻴﻞ ۾ ﺍﺳﺮﺍﺭ ﻻﻧﮕﺎﻫﻪ ﻗﻮﻣﻲ ﮔﻴﺖ ﭔﮅﺍﺋﻴﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﻣﺘﺎﺭﻭ ﻣٽ ﮐﻲ ﮔﻬﺎﮔﻬﺮ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﻭﭴﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺍﻫڙﻭ ﺗﻪ ﻣﺴﺖ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺟﻮ ﭔﮅﻧﺪڙﻥ ۽ ڏﺳﻨﺪڙﻥ ﮐﺎﻥ ﺑﻪ ﺟﻴﻞ ﻭﺳﺎﺭﺍﺋﻲ ﮀڏﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﻣﺘﺎﺭﻭ ﻭﺍﺣﺪ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﺍﮘﻮﺍﮠ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ۾ ﭼﻮﻧڊﻳﻞ ﺟﻨﺮﻝ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ ﻫﺌﮡ ﻭﻗﺖ ﺑﻪ ﻣﻠﻬﻪ ۽ ڪﭕٽﻲ ﺭﺍﻧﺪ ڪﺮﺍﺋﻲ ﻫﺌﻲ . ﻣﺘﺎﺭﻭ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ڪﻨﺪڙ ﺳﻴﺎﺳﻲ ڪﺎﺭڪﻦ ﻫﻮ . ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ﻳﺎﺭﻥ ﺟﻮ ﻳﺎﺭ ﻫﻮ . ﮐﻴﺲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﮂﻧﮓ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ، ﺳﻮﺭﻫﻴﻪ ﺑﺎﺩﺷﺎﻫﻪ ۽ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ڪﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ٽﺮڙﺍﺋﭗ ڪﻮ ﻧﻪ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ . ﻧﻪ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺩﻝ ﺭﻧﺠﺎﺋﮡ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﻴﻮﻭ ﻫﻮ . ﭘﻮﻧﺌﻴﻦ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ڏﺍڏﻱ ﺳﻠﻴﻤﺎﻥ ڏﺍﻫﺮﻱ ۽ ﻫﻦ، ﮘﻮﭠﻦ ۾ ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ ۽ ﺍﺳڪﻮﻟﻦ ۾ ﻭﭸﻲ ﻟﻴڪﭽﺮﻥ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ﻫﻮ . ﻣﺘﺎﺭﻱ ڪﺎ ﺑﻪ ﺍﻫڙﻱ ﺣﺮڪﺖ ڪﺎ ﻧﻪ ڪﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻣﻮﺕ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺷﺮﻣﻨﺪﮔﻲ ﻣﺤﺴﻮﺱ ﭤﺌﻴﺲ . ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻮﺕ ﺳﺎﻥ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﻋﺠﻴﺐ ﺑﻬﺎﺩﺭﻱﺀَ ﺳﺎﻥ ﭤﻲ . ﻫﻦ ﺳﺎﻝ ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ﺑﺮﺳﺎﺕ ﺳﺒﺐ، ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻲ ﺧﻄﺮﻧﺎڪ ﻣﮁﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ . ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺒﺐ ﺳﻨﺪﺱ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﺎ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﮂﻭﺭ ﺑﻪ ﻣﺮﻱ ﻭﻳﺎ . ﺍﻫڙﻱﺀَ ﺑﺮﺳﺎﺕ ۾ ﭘﺎﮠ ﮔﻬﺮﺍﻥ ﻣﻮٽﺮ ﺳﺎﺋﻴڪﻞ ﺗﻲ ڊﻳﻮٽﻲﺀَ ﻻﺀِ ﻧڪﺮﻱ ﭤﻮ، ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻬﺎﮘﻴﻨﺪﻭ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﮔﺎڏﻱ ﺑﻨﺪ ﭤﻲ ﻭﭸﻴﺲ ﭤﻲ . ﮔﺎڏﻱ ﻫﭣ ۾ ﺟﻬﻠﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻬﺎﮘﻴﻨﺪﻭ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﺳُڪَ ﺍﭼﮡ ﺗﻲ ﻭﺭﻱ ﮔﺎڏﻱ ﮐﻲ ڪِڪِﻮﻥ ﻫﮣﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﺮﻱ ﭤﻮ، ﻧﻴﭟ ﮔﺎڏﻱ ﺍﺳٽﺎﺭٽ ﭤﺌﻴﺲ ﭤﻲ ﺗﻪ ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺍﻭﭼﺘﻮ ﭘﺎﮠ ﻣﻮٽﺮ ﺳﺎﺋﻴڪﻞ ﺭﻭڪﻲ ﺑﻴﻬﺎﺭﻱ ﺭﻭڊ ﺗﻲ ﺳﻤﻬﻲ ﭘﻮﻱ ﭤﻮ . ﭜﺮ ﺳﺎﻥ ڏﺍﻫﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﭘﺌٽﺮﻭﻝ ﭘﻤﭗ ﻫﻮ ﺟﻦ ﮐﻴﺲ ﺭﻭڊ ﺗﻲ ﺳﻤﻬﻨﺪﻱ ڏﭠﻮ ﭘﺌﻲ . ﺍﻫﻲ ڊﻭڙﻧﺪﺍ ﺍﭼﻲ ﮐﻴﺲ ﮐﮣﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﮐﻮﻟﻲ ﮐﻴﺴﻦ ﺳﭹﺎﮢﻲ ﭤﻮ . ﻭﺭﻱ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﺑﻨﺪ ﭤﻲ ﻭﭸﻨﺲ ﭤﻴﻮﻥ . ﺍﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺣﻴﺎﺗﻲﺀَ ﺟﻮﻥ ﺁﺧﺮﻱ ﮔﻬڙﻳﻮﻥ ﻫﻴﻮﻥ . ﺍﺋﻴﻦ ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ﺩﻭﺳﺘﻦ، ﭜﺎﺋﺮﻥ ﻋﺰﻳﺰﻥ ۽ ﺟﻮﺍﻥ ﭘٽﻦ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ ﮀڏﻱ ﻭﭸﻲ ﭼڪﻮ ﺁﻫﻲ . ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﻫﻠﮣﻮ ﺁﻫﻲ . ﺑﺎﻗﻲ ﻭﭸﻲ ﺭﻫﻨﺪﻱ ﻓﺮﺩ ﺟﻲ؛ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺫﺍﺕ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﻗﻮﻡ ﻻﺀِ ڪﻴﻞ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﻭﺍﺭﻱ ﺧﻮﺷﺒﻮﺀِ، ﺟﻴڪﺎ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﺼﻲ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭ ﮀڏﻱ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ . ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺟﻲ ﻳﺎﺩ ۾ ﺳﻨﮅ ۾ ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺗﻪ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﺳﻴﺎﺳﺖ ڪﺮﻱ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﭤﻴﺎ ﺁﻫﻦ، ﭘﺮ ﺍﮘﻮﮢﻮ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﺍﮘﻮﺍﮠ ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺟﻲ ﻫﺰﺍﺭﻥ ﺷﺎﮔﺮﺩﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﻭﻭٽ ڏﺋﻲ ﺷﺎﮔﺮﺩ ﻳﻮﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺟﻨﺮﻝ ﺳﻴڪﺮﻳٽﺮﻱ ﻭﺍﺭﻱ ﺳﻴٽ ﺗﻲ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ڪﺮﺍﻳﻮ . ﺗﻨﻬﻦ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﺭﻭﺍﻳﺘﻦ ﮐﻲ ﻧﻈﺮﺍﻧﺪﺍﺯ ڪﻨﺪﻱ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻇﻠﻢ ﺟﻲ ﺍﮘﻴﺎﻥ ڪﻨﮅ ﻧﻪ ﻧﻮﺍﻳﻮ . ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ڪﺎﺭﮠ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﮐﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺳﻤﻮﺭﺍ ﺩﻭﺳﺖ ۽ ﺳﺎﭤﻲ ﭘﺎﮠ ﺑﻪ ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڪﺮﻱ ﺍﺣﺘﺮﺍﻡ ۽ ﭘﻴﺎﺭ ﺳﺎﻥ ﭘڪﺎﺭﻳﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ڏﺍڏﻭ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﻫڪ ﺗﺮﻗﻲ ﭘﺴﻨﺪ ۽ ﻗﻮﻣﭙﺮﺳﺖ ﺍﮘﻮﺍﮠ ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺧﺎﻝ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﭜﺮﺟﻲ ڪﻮ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪﻭ . ﺍﻳﻢ ﺁﺭ ڊﻱ ﺗﺤﺮﻳڪ ۾ ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺟﻴڪﺎ ﺟﻔﺎڪﺸﻲ ڪﺌﻲ، ﺍﻫﺎ ڪﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﻟڪﻞ ڪﺎﻧﻬﻲ . ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻭﺍٽ ﺗﻲ ﮔﺎﻣﺰﻥ ﻫﻮ، ﺍﻫﺎ ﻭﺍٽ ڏﮐﻲ ۽ ڪﻨڊﻥ ﺟﻲ ﺳﻴﺞ ﻫﺌﻲ . ﺳﻨﺪﺱ ﺟﺪﻭﺟﻬﺪ ﮐﻲ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻧﻈﺮﺍﻧﺪﺍﺯ ﻧﭥﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺠﻲ . ﻣﺘﺎﺭﻭ ڏﺍﻫﺮﻱ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ﮐﺎﻥ ﻭﭠﻲ ﻟﻴﻨﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻲ ﭘڙﻫﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﻫﻮ ” ﻫڪ ﭘڪﻮ، ﭘﺨﺘﻮ ڪﺎﻣﺮﻳڊ ﻫﻮ “ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﺋﻴﻦ ﻭﮀﻮڙﻱ ﺗﻲ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﺍﺷڪﺒﺎﺭ ﺁﻫﻦ، ﻫُﻦ ﺟﻮﻥ ﻳﺎﺩﻭﻥ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﻭﺳﺮﻱ ڪﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮﻥ ﺳﮕﻬﻦ . ﻫﻦ ﭘﻮﺭﻱ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺤﺒﺖ ۽ ﭘﻴﺎﺭ ﺳﺎﻥ ﺟﻴڪﻲ ﺳﺎﭤﻲ ﺑﻨﺎﻳﺎ، ﺍُﻫﻲ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ﮐﻴﺲ ﻭﺳﺎﺭﻱ ڪﻮ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪﺍ