شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
(ڇولي وارو)
يونيورسٽي کان واپسي هئي ، آئون اسٽاپ تي ڪوسٽر جو انتظار ڪري رهيو هئس. تقريبن 3 ٿيا هوندا . هڪ ننڍو ڇوڪرو جنهن جي عمر اڃان راند روند ۽ اسڪول ۾ پڙهڻ جي هئي ، نماڻي ۽ اداس چهري سان اسٽاپ تي بيٺو هو سندس هٿن ۾ ڇولن جي بالٽي هئي ۽ هٿ ۾ دوائن جي ٿيلهي ، هڪ ڪوسٽر سامهون ايندي ڏٺم لڳ ڀڳ فل هئي اسٽاپ تي بيٺي ته ڪجهه ماڻهو لٿا ، هن ڇوڪري چاڙهي تي لڙڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪنڊيڪٽر کيس هٿ مان جهلي پوئتي ڌڪو ڏنو . مان چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهيس ڪوسٽر هلي وئي .. هاڻي ٻي ڪوسٽر جي انتظار ۾ اسين بيٺا هئا سين ... مون هن ڇوڪري کان پڇو ته توهان ڪيڏاهن پيا وڃو هن وقت... ؟ ڇوڪرو خاموشي ۾ هو جهڙو ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيس پر همت نه پئي ڪيائين. نيٺ پاڻ سان گڏ وٺي وڻ جي ڇانو هيٺان حال احوال پڇومانس . چيائين آئون ميرپورخاص وڃي رهيو آهيان ۽ ڪرائي جا پئسا نه هجڻ ڪري ڪنڊيڪٽر لاهي ڇڏيو . چيائين ڪي ڪنڊيڪٽر خيال ڪن ٿا ڪي گار ڏيئي لاهيو ڇڏن ۽ چون ٿا ته اسان توهان جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا ڪرايو ڏيو نه ته لهي وڃو.. هن جي چهري ۾ لاچاري ۽ بيوسي صاف ظاهر هئي . پڇيومانس ته تنهنجو پي ڇا ڪندو آهي . چيائين جيل ۾ آهي ڪنهن ڏوهه جي سزا پيو ڪاٽي .. هن کان ننڍي سندس ڀيڻ هئي جيڪا انهن ڏينهن ۾ بيمار هئي . چيائين گهر جا خرچ هلائڻ لئي ڇولا وڪڻڻ شروع ڪيا آهن پڙهڻ جهڙيون حالتون نه آهن .. ڪوسٽر سامهون اچي رهي هئي .. مون کيس ساڻ ڪري گڏ چڙهياسين ڪوسٽر تي . ڪنڊيڪٽر کي ميرپورخاص جو ڪرايو ڏيئي ڇولي واري کي بي اونو ڪيو سندس بالٽي ۾ ڪجهه چڻا پيل هئا .. چيومانس ڀلا ٽيسٽ ڪيان ؟ هن سڄي بالٽي حوالي ڪئي .. چيائين جيڪي ڇولا وڪيم انهن پئسن جي دوا ورتي اٿم ڀيڻ لاء ....اهو ڇولي وارو ڇوڪرو اڄ کان 7 سال پهرين مليو هو پر هن جي زندگي جي فلسفي مان آئون گهڻو ڪجهه سکيس... ۽ ان کي اڄ تائين نه وساري سگهيو آهيان.