• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

چوٽ لفظن جي دل کي گهائي ڇڏيو
بي رخي ديپ دل جو اجهآئي ڇڏيو
ڀروسن تي نه ڪوئي رهيو ڀروسو ڪو
درد ايڏو اندر کي جلائي ڇڏيو
من مايوس وادين ۾ ڀٽڪي ويو
نيڻ لڙڪن ۾ خود کي لڪائي ڇڏيو
سوچ ساگر جي ڇولين ۾ الجهي وئي
تات صحرا ۾ سُڏڪي سَڪائي ڇڏيو
ننڍ خوابن جي در تي رُني دير تائين
جاڳ ايڏو وفا کي جهُڪائي ڇڏيو.
چوٽ لفظن جي دل کي گهائي ڇڏيو ....
وفا شيراز نظاماڻي
 
Back
Top