شيراز احمد نظاماڻي
سينيئر رڪن
غزل
عشق آتش جيان من ۾ ٻرندو رهيو
درد ويتر وڇوڙي جو وڌندو رهيو
روز يادن جي سيلاب ۾ نيڻ تڙپيا
دل اداسي جي رڻ ۾ رلندو رهيو
ڪير خوابن جي سڏڪن جون دانهون ٻڌي
جيُ اندر ۾ اڪيلو جلندو رهيو
نيڻ ساحل تي سڪ جي سفر ۾ رهيا
مينهن اُلڪن جو من ۾ وسندو رهيو
وقت رڪجي وفا ويو توکان ڌار ٿي
۽ حياتي ۾ هجر بس هلندو رهيو .
عشق آتش جيان من ۾ ٻرندو رهيو...
وفاشيراز نظاماڻي
عشق آتش جيان من ۾ ٻرندو رهيو
درد ويتر وڇوڙي جو وڌندو رهيو
روز يادن جي سيلاب ۾ نيڻ تڙپيا
دل اداسي جي رڻ ۾ رلندو رهيو
ڪير خوابن جي سڏڪن جون دانهون ٻڌي
جيُ اندر ۾ اڪيلو جلندو رهيو
نيڻ ساحل تي سڪ جي سفر ۾ رهيا
مينهن اُلڪن جو من ۾ وسندو رهيو
وقت رڪجي وفا ويو توکان ڌار ٿي
۽ حياتي ۾ هجر بس هلندو رهيو .
عشق آتش جيان من ۾ ٻرندو رهيو...
وفاشيراز نظاماڻي