ڊائري جو ورق موسم سرد هو ، يونيورسٽي جا پهريان ڏينهن هئا ماحول سان گڏ ماڻهو به نوان هئا پر مان فقط خود کي هيڪلو يا اجنبي نه سمجهي رهيو هئس پر مون جهڙا کوڙ اجنبي چهرا هڪ ٻئي کي ڏسي ماٺ جا گل پوکي رهيا هئا ۽ سندن ذهن ۾ سوچون سڪل پنن جيان ڇڻي رهيون هيون مان پنهنجي پاڻ سان ڳالهيون ڪرڻ لئي چئواٽيي تي ٺهيل موري تي ويهي رهيس ، خالي نوٽ بڪ کي کولي ڏٺم ته لکڻ جي نيت ڪيم ايتري ۾ اچانڪ زرد پتو هوا ۾ لڏندو اچي نوٽ بڪ تي ڪريو ان زرد ڇڻيل پن کي ڏسي ڪشور ڪمار جو گيت ذهن ۾ ترڻ لڳو .(خزان ڪي پهول پي آتي ڪبهي بهار نهين ، ميري نصيب ۾ اي دوست تيرا پيار نهين ) وفا شيراز نظاماڻي