اڄ جڏهن زرعي يونيورسٽي جي مين گيٽ وٽ لهي اندر داخل ٿيس ته گذريل ست اٺ سالن پهريان واري وڃڻ جو احساس ٿيو ، بلڪل ائين نه پئي لڳو ته ڪنهن طويل عرصي کانپوء پيو وڃان ، وڻن جون خوبصورت قطارون هميشه جيان هوائن ۾ پئي لُڏيون ڪافي اجنبي ۽ نوان چهرا ساڳن رستن تي پئي آيا ۽ ويا ، مونکي احساس ٿيو ته زندگي جون ست بهارون جن رستن کي لتاڙيندي گذريون اهي هاڻي الئي ڇو اجنبي پيا لڳن ، نه اهو زمانو رهيو نه اهو ماحول نه ئي اهي چهرا نه ئي ڪينٽين وارا ڪٽ، سڀ ڪجهه ساڳي رفتار سان هلندو رهيو آهي پر مان هاڻي فقط مهمان جي حيثيت رکان ٿو ، دوستن ، محترم استادن جي لک قرب هجڻ باوجود به اهو زمانو ۽ بهارون فقط يادون بڻجي رهجي ويون آهن ، آئون سوچيندو آهيان ته ڪافي ماڻهو زندگي ۾ کن پل لاء ايندا آهن ۽ اک ڇنڀ ۾ گم ٿيو وڃن ۽ اسان جي ذهن ۾ يادن جي حسين ڪائنات ۽ وشال دنيا ڇڏيو وڃن ۽ وري جڏهن اسانکي اهي طويل عرصي کانپوء ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته سندن چهري تي عارضي خوشين سان گڏ اداسين جا ميڙ به نظر ايندا آهن ، اهو وقت ئي آهي جيڪو سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيندو آهي ۽ احساس ڏياريندو آهي ته ماضي فقط خواب آهي ڪنهن لاء خوبصورت ته ڪنهن لاء ڀوائتو.