پکين گُنگُنايو خزائن جو موسم رهيو زندگي ۾ الائي ڇو رُسي ويون بهارون اسان کان جتي ٽهڪ خوشبو هوائن وکيري اتي ان نگر ۾ اسان دل وڃايو جڏهن شام ويلي پکين گُنگُنايو اوهان جي اکين ۾ هو اونهو ڪو ساگر اسان نيڻ تنهن ۾ وڃائي ويٺاسين الئي دل چري کي اسان ڇو رُلايو جڏهن شام ويلي پکين گُنگُنايو هو اڻ ڄاڻ ، خوابن جي تعبير هئي ڄڻ هئي دلڪش نظارو ڪو سانوڻ جي مند جو اسان پوء ڀي قسمت کي پئي آزمايو جڏهن شام ويلي پکين گُنگُنايو اسان ياد بڻجي وسري به ويا سين اوهان جي ذهن مان نڪري به وياسين وفا دل کي پوء ڀي يقين ڪين آيو جڏهن شام ويلي پکين گُُنگُنايو وفا شيراز نظاماڻي