ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ ڏينداسين،ڪي ماڻهو ان اشو کي هوا ڏين پيا پر ڪو فرق نه پوندو:وڏو وزير

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم مئل گهوڙو آهي، ان کي جيارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پ پ حڪومت قائم ٿيڻ جي 3 مهينن اندر وفاقي ڪابينا جي وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهو اعلان ڪيو ويو هو ته ملڪ جا 3 صوبا ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪا آهن، ان ڪري ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو، اهڙو اعلان وزيراعظم ڪري چڪو آهي، پنجاب جا ماڻهو به ڪالاباغ ڊيم جا مخالف آهن، ڳڙهي خدابخش ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪي ماڻهو ڪالاباغ ڊيم جي اشو کي هوا ڏئي رهيا آهن، جنهن سان ڪو فرق نه پوندو، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي پهچائڻ لاءِ حڪومت ڪوششون ورتيون آهن، جنهن سان جلد نتيجو نڪرندو ۽ سارين جي فصل جي پوکي مقرر وقت اندر ٿيندي، شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ عظيم قرباني ڏني آهي، ان کي هميشه ياد رکيو ويندو، هن چيو ته رت جو عطيو ڏيڻ معمولي ڳالهه آهي پر شهيد راڻي کي ياد رکڻ لاءِ اڳواڻ ۽ ڪارڪن رت جو عطيو ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري شهيد بينظير ڀٽو جي پروگرام تي عمل ڪري ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو آهي، هوڏانهن نجي ٽي وي چينل موجب وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي اعلان تي قائم آهيون ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته شهيد بينظير سياسي بصيرت سان مشرف جهڙي آمر کي وردي لاهڻ تي مجبور ڪيو.