اکين جا رشتا نه اظهار نه ملڻ نڪي ڪي نياپا پري کان جدائي جا ٿيا پئي اشارا اشارن منجهان نينهن ناتا ٽٽي ويا اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا نه راهن تان گذرڻ ، اکين مان نه نڪرڻ وري خواب ۾ رات توکي ڏسڻ روح راحت ڏيڻ وارا راڻا رُسي ويا اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا ڇا حالت هجر آ اسانجي جي بنائي درد ويتر وڌايو آ اوهانجي جدائي ياد تنهنجي ۾ آهن ڳوڙها ڳڙهي پيا اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا هئا شيراز توکي جنهن جا سهارا قرب ۾ سي توکان ڪري ويا ڪنارا ڪوٽ ڪيڏا قهر جا وفا تي ڪري پيا اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا وفا شيراز نظاماڻي لکيل سال 2008