اکين جا رشتا

اکين جا رشتا
نه اظهار نه ملڻ نڪي ڪي نياپا
پري کان جدائي جا ٿيا پئي اشارا
اشارن منجهان نينهن ناتا ٽٽي ويا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا
نه راهن تان گذرڻ ، اکين مان نه نڪرڻ
وري خواب ۾ رات توکي ڏسڻ
روح راحت ڏيڻ وارا راڻا رُسي ويا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا
ڇا حالت هجر آ اسانجي جي بنائي
درد ويتر وڌايو آ اوهانجي جدائي
ياد تنهنجي ۾ آهن ڳوڙها ڳڙهي پيا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا
هئا شيراز توکي جنهن جا سهارا
قرب ۾ سي توکان ڪري ويا ڪنارا
ڪوٽ ڪيڏا قهر جا وفا تي ڪري پيا
اکين جا رشتا اکين ۾ ٽٽي ويا
وفا شيراز نظاماڻي
لکيل سال 2008
 
Back
Top