ها مونکي ياد اچي ٿو اهو ڏينهن جنهن ڏينهن تنهنجو ماڪ ۾ ڀنل گلاب جيان لڳي رهيو هو ، خماريل نيڻن منهنجي دلڪش سپنن هميشه هميشه لاءِ کسي ورتو ، تنهنجي گلاب جهڙي چهري منهنجي معصوم دل تي گلن جي ورکا ڪري ڇڏي ۽ تنهنجي عجيب ادائن مونکي تنهنجي حسن جو هڪ پل ۾ قيدي بنائي ڇڏيو ، ها اها ته پهرين ملاقات هئي پر مونکي ائين پئي لڳو ، ڄڻ مان ۽ تون هڪٻئي کي سالن کان سڃاڻيندا آهيون ، سوچيم ته خبر ناهي تون ڪير آهين ۽ ڪٿان جو هڪ پل ۾ توکي پنهنجي دل جو ديوتا ٺاهي پنهنجو بنائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿي ويس پر الائي ڇو ائين پئي ڀانيم ته منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ هڪ رشتو آهي پر پرين نه پهچي سگهيس ، تنهنجي وشال خماريل نيڻن ۾ منهنجي نظرن جو ٽڪرائڻ پيارو منظر هو جيڪو نه وسرڻ جهڙو آهي ۽ رهندو ، ها اهو وقت اهو پل اها گهڙي اهو ڏينهن ڪيترو نه خوبصورت هو . ها شايد زندگي جو پهريون ۽ آخري ڏينهن هو ، اهو ڏينهن ۽ منظر منهنجي لاءِ هڪ عظيم ياد ڇڏي ويو آهي جنهن ياد کي وساري نٿو سگهان ، وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ باوجود به پرين تون هن ´وفا` جي دل جي ننڍڙي نگري تان نٿو وسري ۽ مٽجي سگهين ۽ تنهنجي ياد جو منظر ۽ تنهنجي ادائن جي ڏنل تصوير تحرير بڻجي اهڙي قلم سان هن دل تي لکجي وئي آهي جيڪا مٽجي نه سگهندي ، اها هڪ ڏهاڙي جي اڻ وسرندڙ ياد آهي جيڪا هرخوشي ۽ هر غم ۾ منهنجي دل جو درد ۽ فرق سمجهي سگهندي آهي ، تون ته منهنجي روح جي روشني آهين هر دم توکي ٻاريندو رهندس ۽ تنهنجي ياد جي سهاري باقي زندگي گذاريندس پيو . وفا شيراز نظاماڻي