ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
پنجاب جو خاص طبقو اسان کي پسند نٿو ڪري،پ پ سرڪار ڪيرائڻ ايترو آسان ناهي، ڪارڪنن جون دليون متحده سان نه ٿيون ملن:صدر
لاڙڪاڻو/نئون ديرو (رپورٽ: معشوق اوڍاڻو/اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جو بدلو نه وٺنداسين پر ڪير اهو نه سمجهي ته شهيد بينظير ڪيس جي جاچ نه ٿي رهي آهي، اها جاچ ٿي رهي آهي، جمهوريت خلاف هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين، پنجاب جي هڪ خاص طبقي جي سوچ اسان کي پسند نٿي ڪري، ڪجهه ماڻهن کي ته منهنجي پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين هجڻ تي به اعتراض آهي پر اهي اعتراض پنهنجي گهر ويهي ڪن، اسان مخالفن کي جيل ۾ وجهي انهن کي ليڊر بڻائڻ نٿا چاهيون، ڪالهه نئون ديرو صدارتي هائوس ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 57هين سالگرهه جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد بينظير جا اسان سڀ وارث آهيون، پ پ جي سرڪار کي هٽائڻ يا ڪيرائڻ ايترو سولو ناهي، اسان سياسي فارمولو ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ انهن کي هر طرف کان شڪست ٿيندي، صدر آصف علي زرداري چيو ته اهو آصف زرداري ناهي رهيو، جنهن کي سڄي دنيا سڃاڻي ٿي، ڪلارڪ به پنهنجا اختيار نه ٿو ڏي پر مون وٽ عوامي طاقت آهي، نظام بدلائي ڇڏيو آهي، اهڙو فارمولو ٺاهيو آهي جو اسين هارائي وڃون ته به سوڀ اسان جي ٿيندي، نقلي شينهن کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي، انڌن ٻوڙن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آهي، ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد ڀٽو جي گهر ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪڻ ئي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب آهي، عوامي دشمن سدائين ناسمجهه رهيا آهن، اسان کي ڪو به موت جي خوف کان ڊيڄاري نه ٿو سگهي، مقتل طرف وڃڻ صرف اسان جو شان آهي، مون کي لاهور ۾ پنهنجي ڀيڻن سان ٿيل ظلم ناهي وسريو پر ملڪ بچائڻ لاءِ مفاهمت جو طوق ڳچي ۾ وڌو اٿم، شهيد راڻي مون ۾ ڪجهه ڏسندي مون کي پنهنجي ورثي جو امين مقرر ڪيو، هن پنهنجي پراڻن ساٿين کي ان لائق نه سمجهيو، ڪنهن کي جيلن ۾ وجهي اڳواڻ ڪرڻ نه ٿا چاهيون، انهن کي اتي ئي پنهنجي حيثيت ۾ رهڻ ڏيڻ چاهيون ٿا، اهي ڀلي سردار ۽ نواب سڏائين، سياسي اداڪار اچڻ وڃڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي، انڪلن جي وڃڻ سان بلاول تي ڪو به فرق نه پوندو، پختونن کي اسان سڃاڻپ ڏني آهي، 60 سالن تائين ڪنهن کي احساس نه ٿيو، منهنجي دل ۾ ڏک ۽ خوشي ٻئي گڏ آهن، سنڌي جج پاران جمهوريت تي راتاهو هڻڻ کانپوءِ ان جو حشر سڄي دنيا ڏٺو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي منهن ڏيکارڻ لاءِ پئسا وٺندڙن کي ووٽ جي لاءِ عوام آڏو آندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فلسفي جي ڪري آئون سڀني آڏو جهڪان ٿو. هن چيو ته ڀلي دشمن ۽ شيطان اعتراض ڪندا رهن پر اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي ثواب ڪمائڻو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن لغار لغاري نه ڪري ها ته اڄ پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ نه ٿئي ها پر هڪ سنڌي جج لغار سان گڏجي جيڪا حرڪت ڪئي، اڄ اهو ڪٿي آهي سڀني کي خبر آهي. مون ۾ برداشت جو معدو وڌي ويو آهي ۽ هاڻي آئون اهو زرداري ناهيان رهيو، جنهن کي عوام سڃاڻندي هئي. هن چيو ته اڄ مون کي شهيد راڻي جو روح صبر ڪرائي ٿو ۽ چوي ٿو ته آصف صبر ۽ پنهنجي ورڪرن کي صبر ڪرائي. هن چيو ته اسان شهيد راڻي جو بدلو نه وٺنداسين. هن چيو ته مون سوچي سمجهي گڏيل قومن کان شهيد راڻي جي شهادت جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اها خبر آهي ته ان وٽ گرفتاري جو مينڊيٽ نه آهي پر اسان شفاف جاچ ڪرائڻ پئي چاهي. هن چيو ته جنرل مشرف اڄ در در جون ٺوڪرون کائي رهيو آهي ۽ واپس اچڻ جي خيرات پيو گهري پر اهو ڪڏهن به ناهي ٿيو جو ڪو ڀڳوڙو جنرل واپس اچي. هن چيو ته مفاهمت ان جي لاءِ ناهي ڪئي جو مون کان سڀ ڪجهه وسري ويو. لاهور ۾ منهنجي استقبال لاءِ ايندڙ ڪارڪنن تي لٺيون وسايون ويون. کين گرفتار ڪيو ويو. مون کي 10 سال جيل ۾ وڌو ويو پر مفاهمت ان لاءِ ڪري رهيو آهيان جو ملڪ کي بچائڻو آهي ۽ اهو درس شهيد راڻي ڏنو آهي. هن چيو ته سياسي اداڪارن جي ڪا به حيثيت نه آهي، اڄ به اسان جو دستي ۽ جٽ کٽي ٿو ۽ هي صبر شهيد راڻي کان سکيو آهي. هن چيو ته گهڻن ماڻهن کي منهنجو پارٽي جي چيئرمين هجڻ تي اعتراض آهي پر کين اها خبر ئي نه آهي ته آئون چيئرمين نه پر شريڪ چيئرمين آهيان ۽ اها ئي سوچ آهي جو جيڪا اسان جي خلاف وڙهي رهي آهي ۽ اسان کي ان سوچ کي ئي ختم ڪرڻو آهي. ڪيترائي ماڻهو اڄ به اسان جي وچ ۾ آهن ۽ اسان جي ڪارڪنن کي ورغلائي رهيا آهن پر آئون کين ٻڌائي ڇڏڻ چاهيان ٿو ته انهن انڪلن جي وڃڻ سان بلاول تي ڪو به فرق نه پوندو. جڏهن آصفه هٿ ۾ جهنڊو کڻي نڪتي ته سڄو پاڪستان ساڻس گڏ هوندو.. هن چيو ته آئون شهيد راڻي جي ڏنل امانت تي پورو لهندس ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائيندس. هن چيو ته اسان اڄ جي ڏينهن جيڪو رت گڏ ڪيو آهي، اهو پاڪستان جي فوجين جي لاءِ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ نه آهي پر اسان رخ صحيح ڪيو آهي. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته متحده سان ڪارڪنن جون دليون ناهن مليون پر مون کي سڀني سان دليون ملائڻيون آهن ۽ نواز شريف کي گڏ وٺي هلڻو آهي. هر ڏکئي وقت کان بچڻ لاءِ 18 هين آئيني ترميم پاس ڪرائي وئي آهي، خبر آهي ته اڃا به عوام جا پير اگهاڙا آهن، هن وڌيڪ چيو ته مون ۾ شهيد بينظير ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جو روح آهي ۽ مون کي انهن وانگر ئي هلڻو آهي، اڄ به دستي ۽ جٽ ڪامياب ٿين ٿا هڪ سنڌي چيف جسٽس سان گڏجي هڪ لغاري صدر جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳي، فرزانه راجا بينظير ڀٽو جي ڪم کي مڪمل ڪري رهي آهي، شهيد بينظير چيو هو ته هوءَ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي قاتلن کان بدلو نه وٺندي ڇو ته اهي ان قابل نه آهن، هي پهريون عوامي صدر آهي جنهن کي عوامي طاقت کپي اختيار نه کپن، عوام جعلي شينهن جي گجگوڙ کان نه گهٻرائي، جيڪڏهن اسان کي ڪير ڇڏي ويندو ته ان سان بلاول ڀٽو زرداري تي ڪو به فرق نه پوندو، صدر پ پ ڪارڪنن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن هو نه رهيو ته ڪارڪن شهيدن جي مشن کي ضرور ڪامياب ڪن، اسان پنهنجي وڃڻ بعد اهڙا ڪارڪن ۽ جيالا تيار ڪري وينداسين جيڪي شهيدن جي مشن کي مڪمل ڪندا، پنجاب جي هڪ خاص طبقي جي سوچ اسان کي پسند نٿي ڪري، صدر چيو ته دشمنن سامهون جبل بڻجي بيٺا آهيون حق ۽ باطل جي جنگ جاري آهي ۽ جاري رهندي، بينظير ڀٽو سيکاريو آهي ته جان ڏئي به پاڪستان بچايو، مون کي ايندڙ نسلن سميت سڀني جو فڪر آهي، پاڪستان ۾ هن وقت هڪ به سياسي قيدي ناهي، جبل بڻجي بيٺل آهيون، پ پ کي اقتدار مان ٻاهر ڪڍڻ آسان ناهي، اهڙا جيالا ۽ جياليون ڇڏي وينداسين،جيڪي هميشه مخالفن کي شڪست ڏيندا رهندا، اسان نئون نظام بڻائينداسين ۽ جمهوريت کي سنوارينداسين، اڄ به ياد آهي ته مون کي عدالتن ۾ ڪيئن رسوا ڪيو ويندو هو، ملڪ جي مستقبل تي گهري نظر رکيو ويٺوآهيان. مون سڀ کان وڌيڪ جيل پنجاب ۾ ڪاٽيو ۽ سڀ کان وڌيڪ ووٽ به پنجاب مان ئي مليا، بينظير جي قتل جو بدلو نه وٺنداسين ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته جاچ نه ٿي رهي آهي، ڪارڪنن جون دليون ٻين پارٽين سان گڏ اي اين پي سان پڻ ملائڻيون آهن، هڪ خاص طبقو آهي جنهن جي سوچ اسان خلاف آهي ۽ اسان جي ان طبقي خلاف جنگ آهي، پهرين ڪنهن به اهو نه سوچيو هو ته جيڪڏهن صوبا مضبوط هوندا ته وفاق مضبوط هوندو،