ايڪتا ٿي وئي… يا ايڪتا ٿي ويو اجرڪ ٽوپي ويڙھي رکو سلوار قميص. پئنٽ شرٽ پايو ھلو ھلو پنھنجي پنھنجي گھر... عورتن جي قيدخانن ڏي ھلو.. ايڪتا ٿي وئي.. يا ٿي ويو“؟ ”جي بلڪل ٿي وئي.... “ ”ھاتہ بس پوء ھلو ھلو. پنھنجين پنھنجين آفيسن ۾ رشوتون وٺون لٽ لٽان ڪيون هڪٻئي کي ڦريون…… ھلو ھلي ھاڻي پنھنجي پنھنجي اين جي او آفيسن ۾ ويهون ڪجھ ڪم ڪيون. ۽ ڪجھ وري آفيس ۽. فيلڊ جي ليڊي ورڪرن. کي روزگار جي. نالي ۾ بليڪ ميل ڪريون ڇاتين. ڳلن. چپن. جي تصورن ۾ ٻڏون ء عملي ڪوششون ڪيون ايڪتا ٿي وئي نه... انھن کي پٺيرو ھلندي ڏسون. وري سامھون ايندو ڏسي پنهنجي نفس کي امتحان ۾ وجھون...توھان جي به ايڪتا. ٿي وئي “ ”جي ھا چيم نہ تہ منھنجي بہ ايڪتا ٿي وئي.... ”ٿي وئي تہ ان چوري جي موٽر سائيڪل تي وڃ گھر واپس وڃي گھرواريء کي موچڙا ٻوچڙا ھڻ نہ.... ھتي ڇا پيو ڪرين؟ گھر ۾ پاڙي ۾ جيڪو بہ ڪمزور ڏسين تہ ھڻيس جوتا “ ”تنهنجي بہ ايڪتا ٿي وئي. ايڪتا ملھائجي وئي “ ”جي ھا يار اسان ڊاڪٽرن بہ ڪلچر ڊي ملهايو “ ـ ملهائي ورتو تہ وڃي اسپتالن جو ڪلچر سنڀاليو نہ ”مطلب تہ “؟ ”مطلب اھو ئي تہ مريضن جي. حصي جون دواؤن وڪڻو. دوائن جي ڪمپنين سان سيٽنگ ڪيو؟ جتي رھو اتي انڪروچمنٽ به ضرور ڪجو “ ”سائين اسان مُلن سان اوھان ٺهو نٿا پر ڏسو اسان بہ سنڌ جي ڪلچر جي محبت ۾ ھي اجرڪ ء ٽوپي پاتي آهي“ ـ ملان بس ڪلچر جو ڏينھن ٿي ويو ـ ھاڻي تو وڃ مسجد م ۽ مسجد جو ڪلچر سنڀال. بي علم تقريرون ڪر. رشوت خورن ۽ حرام خورن جا چندا مرڪي مرڪي وصول ڪري کين بھشت جي بہ پڪ ڏي.... ۽ ھا مسجد تي لڳل سورھن لاؤڊ اسپيڪرن تي اھي علم کان خالي ـ فرقي پرست تقريرون جاري رکجان..... ڇو تہ اوڙي پاڙي جا بيمار? پوڙھا. ٻارڙاويچارا آرام ۾ ھوندا. شاگرد پڙھڻ ۾ مصروف ھوندا ”سر توھان چؤ ٿا تہ ڪلچر جو ان طرح اظھار پس ماندہ قومون ڪن ٿيون؟ “ ھا آء تہ چوان ٿو پر اسٽيج تي چوندس تہ ھتي اظهار جي آزادي جو ڪلچر اھڙو آھي جو” ثقافتي مُلا برگيڊ“ مونکي اسٽيج تي ئي موچڙا ھڻندي ان ڪري اھو بہ نٿو چوان تہ ڪلچر جو ان طرح اظھار اقليتون ۽ پوئتي پيل قومون ئي ڪنديون آھن.. ترقي يافتہ قومون تہ جديد ويليوز کي پنھنجي ڪلچرلئہ جنم ڏينديون آھن… انھن جو ڪلچر لئبررين ـ لئباريٽرين ـ يونيورسٽين ـ اسڪولن ـ. مطلب تہ سسٽم آف گورننس مان جھلڪندو آھي مثال طور عورتن. کدڙن ـ کدڙِين ٻارڙن جا حق ـ مطلب تہ انساني حق. اظھار جون آزاديون. امن. شانتي جمھوري ويليوز ـ سيڪيولرزم. سائنسي علم سوچ. مون دنيا گھمي آھي اھو ڪٿي ناھي ڏٺو تہ آيل مهمان ڪرسي تي ويھ ئي مس تہ ھڻوس ڪو ڪپڙو ڪنڌ. ۾ ـ کيس بہ خبر نہ پوي ھمراہ کي مروٽا سروٽا ڏئي ٽوپي پارائي وهاري ڇڏيوس ڪرسيءَ اندر…. ”مطلب تہ اوھان کي پنھنجي ڪلچر سان محبت ناھي “ مونکي محبت ھجي يا نہ پر اوھان تہ ملهائي ورتو نه؟ جي سر بلڪل ـ ڏاڍو مزو آيو “ ” ھا تہ پوءِ بس ايڪتا ختم ـ ھاڻي ھلي اھا ڪوڙي ھٿرادو اسٽوري تو واري ايڊيٽر کي ڏي. ۽ سڀاڻي نڪرجان اسٽوري جي اوڳاڙي تي… ايريگيشن جي انجنيئر کان وصولي جي چڪر ۾ آھين نه؟. رات جو شراب جي گتي تان پنھنجو حصو بہ وٺي اچجان “ ” ڇا ڪجي منهنجو تہ ٽن مهينن جو پگھار اخباري مالڪ کايو ويٺو آھي“ صحيح آھي. ايڪتا ٿي ويو تون نوڪر ۽ مالڪ ٻئي ساڳي ڪلچر جا آھيو. ايڪتا ٿي وئي. ڌنڌي کي لڳا رھو “ ” سر آچر جو ڏينھن ھو سو اسان اسڪولن ۾ تہ ڇنڇر تي ئي ڪلچر جو ڏينھن ڀرپور نموني ملهايو “ ”اوئي چپ ڪر حرام خور راشي…ٻارڙن جي ڪتابن سليٽن جا پيسا کائڻ واري تو جھڙي رشوت خور آفيسر کي بہ ڪلچر جي ڳڻتي. ماري وڌو آھي “ ” يار تون ڪھڙي. اجائي بڪواس پيو ڪرين؟. تو ڏٺو نہ تہ هزارين لکين ماڻهو سنڌي اجرڪ ٽوپين سان روڊن تي نڪري آيا “ ”... ۽ اھا خبر اٿئي تہ اھي هزارين لکين ماڻھو واپس گھرن طرف وڃي بہ چڪا آھن. اھي وري سال کان پوء ئي روڊن تي ان ئي ڪم لئہ نڪرندا. ۽ وري گھرن ۾ ھليا ويندا. في الحال بازارن ۽ آفيسن ۾ ساڳيا ڪم ڪرڻ لئه بہ نڪرندا ـ ھاڻي تون به ھلي دوڪان تي ساڳي منافعي خوري شروع ڪر ـ ايڪتا ڊي ختم ٿي ويو.