”ياد بھانا ڪيا“: سنڌ جي محبتن جو فطري سفر

'سنڌي شاعري' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2016۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    51
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ”ياد بھانا ڪيا“: سنڌ جي محبتن جو فطري سفر
    غلام رسول چانڊيو
    ماڻڪ جي لفظن ۾ پوپٽن جا رنگ آھن ۽ اھي لفظ گلن جي بازار ۾ ننڍڙي ٻار وانگر ھر شي خريدڻ چاھين ٿا، بنا اھو سوچڻ جي ته فطرت جي کيسي ۾ گلن جي واپارين کي ڏيڻ لاءِ پئسا به آھن يا نه! فطرت جي زبان تي ڪنھن ڪلف ھڻي، چاٻي لا حد ۾ اڇلي ڇڏي آھي ۽ ماڻڪ جيستائين ان تالي کي گلاب جي پَتن سان رِجائي، تيسيتائين پاڻ فطرت جو گيت بڻجي پيو آھي جنھن ۾ دھشتگردي اندر دونھاٽيل ساز ته کيس سنگت ڏئي رھيا آھن پر بازار ۾ ڦاٽل بم ۾، مَس وِکون کڻدڙ ٻار جو چِيٿِڙا ٿي ويل بدن به رُباب بڻجي، ماڻڪ سان سنگت ڪري رھيو آھي، ڀٽ تي تنبورن جي ”تون“ پوپٽن جا لاش ميڙي رھي آھي، پر ماڻڪ نوان گلاب پوکي رھيو آھي جو ھو دنيا کي ماکيءَ جو مڌ آڇڻ چاھي ٿو ۽ ھزارين سال اڳ سنڌوءَ جي ڪناري سان جي گيت رچيا ويا ھئا، انھن گيتن جي اصليت تي لڳايل عربي ۽ فارسي عنوانن کي مِٽائڻ چاھي ٿو ۽ چاھي ٿو ته فطرت جي وارثي ڪري، پوپٽن جي رنگن کي شھيد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ،ڪو اھڙو گيت تخليق ڪري، جنھن کي رڳي سنڌ ئي ڳائي ۽ دنيا ان کي ٻڌي اھو چوي ته گيت فطرت جي وجداني شاعري آھن ۽ سنڌ ئي گيتن جو ديس آھي، ائين آھي به! جو ھزارين سال اڳ سنڌوءَ جي وھڪرن سان جڏھن سھاڳڻيون پتاشن جا ٿال ڀري ۽ کٿوري کي رَئي ۾ ٻڌي ،سنڌوءَ جي رقصان وھڪرن کي ڳيچ چئي آڇينديون ھيون ته سنڌوءَ جي لھر لھر گيت بڻجي پوندي ھئي ۽ پوءِ سنڌ جون وستيون ۽ واھڻ موھن جي ناچڻي بڻجي پوندا ھيا. لڳي ٿو ته سمبارا ملاحڻ ھئي، جنھن جي سڏ تي پَلا ابتو ترڻ لڳندا ھئا ۽ جڏھن سمبارا ھڪ ھٿ چيلھ تي ڏئي جُھمر ھڻندي ھئي ته سنڌو ماٿريءَ ۾ اڻ مدائتي ميندي ڦُٽي پوندي ھئي.... ماڻڪ سمبارا جي نسل جو ماڻھو لڳي ٿو، سمبارا شايد سندس مائٽياڻي ھئي، تڏھن ته سندس گيتن ۾ رقص آھي، جنھن لاءِ سنڌ جنمي وئي ھئي.
    ماڻڪ جي شاعري ۾ سرتين جو ھڪ قافلو آھي جو کامندڙ ڌرتيءَ جي گولي تي ان منزل ڏانھن وڃي رھيو آھي جنھن ۾ سرواڻ سرتي جي اکين جو ڪُنڊون ھارجنديون، ھڪ اھڙي منزل جو پڇائينديون ٿيون وڃن، جنھن منزل تي چوڏھين چنڊ ۾ به پنھون وڃايل آھي جو دنيا آڏ تراڇن آھڙن واري پھاڙ بڻجي پئي آھي. اھو ماڻڪ جو ڪمال نه آھي جو ھن دنيا جي ڏونگرن وارن اذيتن جو درمان سرتين کي سمجھي ٿو. سچ به ته دنيا جون سڀ عورتون گيت آھن، جن ۾ ڪو گيت يورپ جي ڪلب ۾ رقصان آھي ته ڪنھن گيت جي مٿي تي جانڀن جي ڀري آھي، جيڪا سڪرنڊ جي پئي ٻيلي مان کڻي مياڻ کان ٿيندي تلي وڃي رھي آھي، جو ان گيت کي اونداھين ۾ روشني ڪرڻي آھي ۽ ھوڏانھن قافلي جي سرواڻ سرتي جي حصي ۾ آيل ريھون ۽ پنبڙين ۾ اٽڪيل ڳوڙھا سمنڊ جي موت جو سنيھو ڏئي رھيا آھن:
    اڙي سرتيون،
    سڄڻ ساريان،
    اکين جون ٿي ڪنڊُون ھاريان
    روئان ٿي قافلي وارا!
    پڇان ٿي قافلي وارا!
    انساني تاريخ ۾ جيترو عورت رنو آھي ايترو ته آسمان به ناھي رنو، آسمان کي روئڻ لاءِ ساوڻ گھربل ھوندو آھي پر عورت جي اکين ۾ سدائين ساوڻيون رھيون آھن، اھو درد آھي دنيا جي ھر ديس جو، جيڪو نارين جي اکين ۾ گڏ ٿي ھڪ اھڙو گيت بڻجي ٿو جنھن گيت ۾ وڇوڙن جون وارتائون ته آھن ئي، پر اھو گيت ڪائنات جو اھو ڪلام آھي جنھن ۾ سونھن جي ساڙھيءَ جا پلئه ڦاٽل آھن ۽ سونھن ھنڌان ھنڌان چَتين واري ساڙھي پائي پاڻ ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي پر سندس بدن جي خوشبو بيھودا عاشقين جي المين ھٿان دونھين ۾ ساھ کڻڻ لاءِ مجبور آھي ۽ حُسن، جنھن جو گھر گلابن جي باغ ۾ آھي، جنھن جي ڊوڙ سرنھن جي نيڻ نھار تائين ڦولار آھي، جيڪو ٿڌن ساھن ۽ گرم ڀاڪرن ۾ جيئندو آھي، جنھن جا جياپا ڦُٽين جي چونڊي دوران بار بار پوئتي لئوڻو ھڻڻ آھي، ان حسن کي به مارڪيٽ ايڪانامي جو حصو بڻايو ويو آھي، ڪوٺن جي اڌ کليل دروازن تان حُسن جي نوٽن تي ڪٿ ڪئي وڃي ٿي ۽ بنگلن جي روشنين ۾ جو حسن مجبور رقص ڪري ٿو، تڏھن ماڻڪ جي اکين ۾ روڻيون پون ٿيون ۽ ھو گيت ڇا ھڪ اھڙو نوحو ڇيڙي ٿو جنھن ۾ چيڪلن تي معصوم محبتن جون ڦيراٽيون شھيد ٿيل آھن ۽ ھو ليسوڙي جا وڻ وري پوکي ٿو، جنھن جي چھچ پنن ۽ مضبوط ڏارن تي ڪو جھولا جھولي ۽ اھو ته تڏھن ٿي سگھي ٿو جڏھن سنڌوءَ جي ڇاتين جي ٿڃ ڪنھن رِڻ ٿيڻ کان بچي پوي:
    ٿڃ سنڌو درياءُ
    بانورا!
    مٽي منھنجي ماءُ!
    ان کان وڌ ڀلا ٻيو ڪھڙو ڪمال ٿي سگھي ٿو جو جوڀن جي ڪنارن کي ڇھندڙ نينگري خود ندي بڻجي پوي ٿي ۽ ڪنھن مھل مٽيءَ جي دادلي ڌي بڻجي سنڌ ديس جي واءَ کان لوليون وٺي ٿي. ھوءَ جوان ته ٿي آھي پر اڃان ٻاروتڻ کانئس رٺو ناھي تڏھن ته واءَ جي سرٻاٽن ۾ به لوليون ٻڌي ٿي. سنڌ جون نينگريون ائين ئي ٿينديون آھن ۽ انھن جي سادگي، سونھن، سچائي ۽ مھانتا رڳي ماڻڪ جي گيتن مان ئي ملي سگھي ٿي. ماڻڪ پنھنجي ڪتاب ” ياد بھانا ڪيا“ ۾ جي گيت سرجيا آھن، انھن جا موضوع ڀٽائي سائين ماڻڪ لاءِ ڇڏي ويو ھيو، ھونئن به لطيف جي ھڪڙو ملاحن ۽ ٻيو جوڳين سان گھڻي پوندي ھئي ۽ لطيف ڪيئي رھجي ويل موضوع ملاحن لاءِ ڇڏي ويو آھي جنھن مان ماڻڪ ڪيئي گيت تخليق ڪري لطيف جو قرض ته لاٿو آھي پر سنڌ جو قرض به لاٿو آھي جو سنڌ ۽ لطيف ڪي الڳ ڳالھيون نه آھن..
    ماڻڪ جي لنڊن جي راڻي ايلز بيٿ جي محل ”بڪنگھم پيلس“ جي سامھون گرين پارڪ تي ويٺل ھجي ھا ته ھن گيت کان سواءِ ٻيو ڇا چوي ھا:
    جيون ماڪ ڦڙو،
    ڙي يار،
    ڪڏھن جرڪي جوتي موتي،
    ڪڏھن جھونجھڪڙو،
    ڙي يار،
    جيون ماڪ ڦڙو.
    پر ماڻڪ سنڌ جي ان ديس ۾ رھي ٿو جتي ڪا ناري اھو گيت رڳي دل ۾ ئي ڳائي سگھي ٿي يا وري تڏھن جڏھن گھر ڀاتي ڀوتار جي ونگار تي ويل ھجن ۽ ھو ٽُڪ جي رليءَ کي آخري ٽُروپو ڏيندي ھجي، تڏھن ماڻڪ ڪنھن ناري جي ترجماني ڪري اھو گيت لکيو آھي. سنڌ جي نارين جو سمورو جيون ٽُڪ جي رلين وانگر ئي ته آھي، جيڪو سھڻو تڏھن لڳندو آھي جڏھن ٽڪرا ٽڪرا ڳنڍجي ٽڪ جي رلي بڻجي پوندا آھن ۽ ماڻڪ ان طويل گيت ۾ رڳي خيال جي خوبصورتي ناھي چِٽي پر رَسمن جي رَسِيُن ۾ جڪڙيل سنڌ جي معصوم محبتن جي وک وک کي گولڙا پاتا آھن ائين جيئن ماڻڪ ڄڻ ته ڪو پيري ھجي محبتن جي ڌاڙيوالن جو! ۽ ھو پير کڻندو انھن کي گولڙا پائيندو، سپنن جھڙي لُٽيل سيني کان ويندي، گھاگھر ويني جھڙي ھينئڙي کي ليڪا ته پائي ٿو، پر ماڻڪ ھن گيت ۾ ڌرتيءَ جي سموري پيار ڪھاڻي جا سمورا پل به ڄڻ ته درج ڪندو ۽ مومل جي ھسَ ڏسڻ وارين تمنائن سان ھڪ فرياد لکي رھيو آھي جو ماڻڪ سمجھي ٿو ته جيون ماڪ ڦڙو آھي. ھونئن به خوشين جا پل بنھ مختصر ئي ٿيندا آھن ۽ ان ڳالھ جي ماڻڪ کي چڱيءَ طرح خبر آھي تڏھن ته ريھون ڪندي چوي ٿو ته جيون مختصر آھي ۽ محبتون به ڪنھن ماڪ ڦڙي وانگر، سو انھن جي سنگساري ماڻڪ کان برداشت ٿئي سو ته ناممڪن ئي آھي:
    ھن ڌرتيءَ جي پيار ڪھاڻي، رُوپا جو ڪو رسُ ڏسي ھا،
    سنڌُورن ۾ سونھن ساماڻي، مومل جو ڪو ھَسُ ڏسي ھا،
    راڻيءَ جو ڪو گس ڏسي ھا
    مَيي جو به مڙھو،
    ڙي يار،
    جيون ماڪ ڦڙو ڙي يار.
    ماڻڪ سنڌ جي محبتن جو جيڪو ڪلچر چٽيو آھي اھو به جماليات جي ڪمال تي پھتل آھي پر ان حُسن کي به اھي اکيون گھربل آھن جن جي ديد دور، تمام گھڻو دور تائين ڏسڻ جو گُر ڄاڻنديون ھجن پر اسان ته انھن المين جي صدين تي محيط راھ جا راھي آھيون جتي اسان جون اکيون رات بڻيل آھن، رڳي اکيون ڇا پر اسان جو شعور به اوڻٽيھ اونداھي ۾ بنا لٺ جي ٿاٻا کائي رھيو آھي ته اتي اسان کي ساھ ساھ ۾ اڀريل اُڌمن جي ڪھڙي خبر پوندي ۽ ڪيئن ڄاڻنداسين ته نينھن جي نديءَ جي وڻجاري ڪيئن ڇاتين جي ڇاڇول سان سپنن جي ٻيڙي تارڻ جو ڪشٽ ڪٽي رھي آھي. ھا! ماڻڪ جي گيتن لاءِ اکيون گھربل آھن ۽ اھڙا ڪن به جيڪي سُرٻاٽن جي سوز کي سڻي سگھن پر اسان ته ڪانڌي آھيون پنھنجي وجود جي ھر وشالتا جا، جيڪا خلقي وئي ھئي ھن ڪائنات جي آخري اڏار لاءِ ،پر ٿيو ڪجھ ائين ئي آھي جو اسين بسم ٿيا آھيون پھرين ئي ڀڙڪي سان، نتيجي ۾ پرينئن جي سَڌَ جي ساوڻي ۾ وار کولي وھنجي نه سگھيا آھيون، اکين جي اُلڪن سان گڏ اکين جي پاڻي جي به شھادت ٿي آھي ۽ ڀنل پنبڻين جي معصوم ڪٿا به وقت جي نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر اٽڪيل آھي. تنھنڪري ماڻڪ جو لفظ لفظ گيت بڻجي، محبتن پاران ڀٽائي جي آسڻ تي واعدن جي تلاش ڪري رھيو آھي ۽ ان تلاش لاءِ ماڻڪ کي سنگيتڪار جي ضرورت آھي جيڪو سنڌ جي محبتي المين جا گيت ڳائي، ڳوٺن جي ٽيئڙ ورتل ڳلين ۾ تڪڙين وکن جا پيچرا ٺاھي ۽ سڳين جي جھوڙن جي خوشبو ۽ پير پير ۾ ڏئي گذرڻ جا حسين منظر ڪنھن اڌ اگھاڙي ٻار جي مٿي تي ھٿ رکي گذري وڃن.
    ماڻڪ جا گيت ناھن پر محبت جون غضبناڪ ڪھاڻيون آھن جيڪي جوڳياڻيون بڻجي، گيڙو پوتين سان، سموري ديس جي چپي چپي جي نينھن جو سِنکُ وڄائي رھيون آھن ۽ سڏي رھيون آھن انھن سڀن محبتن کي جيڪي سينن جي ڪيترن ئي قبرستانن ۾ دفن ٿيل آھن ۽ ماڻڪ جا گيت فطرت جو ھڪ اھڙو صوفياڻو ويس آھن، جنھن کي جھوڪ جو ھڪ نئون ڪامياب مورچو، ان نعري سان گھربل آھي ته ” جيڪو چاھي سو پائي“. ۽ پڪ ڄاڻو ته ماڻڪ جو گيتن وارو ڪتاب” ياد بھانا ڪيا“ ھڪ ڏينھن سنڌ جو اھو ڪلام بڻبو جيڪو سموري سنڌ کي سنگيت جو ڳاڙھو جوڙو پارائي ڇڏيندو.
    ڪڪر ڪارونڀار، ھوا ۾ ٿڙڪيا ٿي،
    چپڙا ڇانھين ڦار، ھوا ۾ ٿڙڪيا ٿي.
    ۽ پوءِ اھو ڏينھن ضرور ايندو جڏھن گيت جھڙي ڪا نينگري چيچ ڏندن ۾ ڏيئي، يادن جي پوڻين کي ٽاڻي، ڪراڙ جي ڀريل ڪنڌيءَ تي ايندي ۽ ان ڍنڍ جي ڇاتيءَ مان ڪو گل ٽڙندو ۽ ڀونئرو ڪو شاعر بڻجي جڏھن ڪو گيت چوندو ته اھا نينگري ڀٽ جي اڱڻ جي وچ تي بيھي ماڻڪ جو اھو گيت چوندي ته:
    ڀٽ ڌڻي، او ڀٽ ڌڻي،
    آءُ ته تنھنجي جوڳڻ آھيان،
    ڀٽ ڌڻي، او ڀٽ ڌڻي.
    ۽ پوءِ ڀٽائي جي رام ڪلي کي جڏھن جوڳين سان گڏ جوڳڻ به ملندي ته لطيف سائين جي سموري سنڌ پنھنجي تڪميل جو آخري پنڌ پڄائيندي.
     
    اي جي شيخ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو