ڀٽائي جي بيت جھڙا ٻه معصوم ڀاءُ ڀيڻ غلام رسول چانڊيو ھي ٻئي ٻار ان ڪري به وڏن کي حيران ڪري ڇڏيندا آھن جو اسان جا ڊگريون رکندڙ ماڻھو به لطيف سائين کي پڙھي ناھن سگھندا پر ھي ٻه ڀاءُ ڀيڻ جيڪي اڃان ٻاتڙي ٻولي مس ڳالھائي سگھندا ھئا تڏھن کان ھنن لطيف سائين کي پڙھڻ شروع ڪيو ۽ اسان وڏن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون جو جيئن جيئن سندن عمريون وڌڻ لڳيون تيئن تيئن فڪر لطيف سندن سينن ۾ اڪرندو ويو. راحت ھن وقت 9 سالن جي آھي پر ھن لطيف کي 6 سالن جي عمر ۾ ٻاتڙي ٻولي سان پڙھڻ شروع ڪيو ھيو ۽ سندس ڀاءُ انتخاب ته اڃان 8 سالن جو مس ٿيو آھي پر جڏھن لطيف سائين جو سُر رام ڪلي پڙھي ٿو تڏھن اھو ويساھ پڪو ٿي وڃي ٿو ته لطيف سائين جي ٻولي ۽ فڪر فنا ٿيڻ وارو نه آھي. سنڌ ڌرتيءَ جا ھي معصوم ڀاءُ ڀيڻ ٻارڙا ان ديس جا ڌڻي آھن جنھن ديس جون دلبريون ھاڻ وقت جي ويرين شھيد ڪري ڇڏيون آھن ۽ ھي ديس پنھنجي اصل سڃاڻپ ۽ مھانتا جو ماتم ڪري رھيو آھي پر جڏھن ڪنھن اسٽيج تي ھي معصومڙا گڏجي لطيف سائين جا بيت پڙھن ٿا تڏھن ان ساڳي سنڌ جي موٽڻ جي يقيني اميد ھر ماڻھوءَ جي من ۾ جاڳي پوي ٿي، جنھن سنڌ ۾ اوطاقن تي ٿيندڙ ڪچھرين جي شروعات ئي لطيف سائين جي بيتن سان ٿيندي ھئي ۽ ان سنڌ جي سج جھڙي اڇي اجري سچائي سموري سنسار لاءِ منڊيءَ تي ٽڪ وانگر ھوندي ھئي ان سنڌ ۾ ھاڻ اسان لطيف سائين کي ”ڏکيو“ چئي پڙھڻ کان پري ٿي ويا آھيون، شايد تڏھن سنڌ، لطيف سائين ھنن معصوم ٻارڙن کي سوکڙي طور ڏنو آھي. جيئن سنڌ کي فطرت ڪيترين ئي سوکڙين سان نوازيو آھي تيئن ھي معصوم ٻارڙا به سنڌ لاءِ ھڪ اھڙي سوکڙي آھن جيڪي سنڌ کي اھو ٻڌائي رھيا آھن ته ” رھبر لطيف ڏکيو نه آھي“ ۽ جڏھن معصوم نياڻي راحت بڙدي ڀٽائي کي پڙھي ٿي ته ھر ساڃاھ جي اکين ۾ سسئي جي سورن جا منظر تري اچن ٿا ۽ باسڻ لڳي ٿو ته راحت جي زباني سسئي سنڌ بڻجي اسان سان پنھنجي سورن جا داستان سَلي رھي آھي. راحت کي جڏھن مومل راڻو پڙھڻ لاءِ چئجي ٿو ته ھو سڀ کان پھريان بنا ھٻڪ جي لطيف سائين جو ھي بيت پڙھي ٿي: ھلو ھلو ڪاڪ تڙين، جتي نينھن اُڇل نه ڪا جھل نه پل،سڀڪا پسي پرينئن کي. ۽ پوءِ راحت بڙدي مومل جي مجاز جا اھي درشن ڪرائي ٿي جتي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي پرڏيھين جون قبرون پسڻ لاءِ ملن ٿيون. راحت جو انداز بيان به اھڙو ھجي ٿو جو ڄڻ ته سندس وجود ۾ مومل مھمان بڻجي اچي ٿي ۽ راحت ان راڻي کي ريجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جو سنڌ مومل کان رُسي ويو آھي، سنڌ ھن سنسار جي مومل راڻي ئي ته آھي ۽ سچ ته جڏھن راحت مومل کي پڙھي ٿي تڏھن اھو لطيف سائين جو ڪو مجازي سُر نه پر ھڪ اھڙو سنڌ جو داستان بڻجي پوي ٿو جنھن ۾ سنڌ ان راڻي کي سڏي رھي آھي جنھن راڻي وٽ مومل جھڙي حسين سنڌ جي سورن تي پَھا رکڻ جو سامان آھي. جنھن وقت راحت مومل جو سُر ڇيڙي ٿي ته سماعتن اڳيان سنڌ جو ڪيس پيش ٿي وڃي ٿو جو معصوميت وٽ سچائي ھوندي آھي ۽ معصوميت جڏھن ڪنھن درد جو بيان ڪندي آھي ته ان درد جي حقيقي سچائي سماج ۾ ساھ وجھي ڇڏيندي آھي ۽ ننڍڙي راحت واقعي به فڪر لطيف پيش ڪري ھڪ اھڙي سچائي جي صدا ھڻي رھي آھي جنھن جي صدا تي سنڌ ھڪ ڏينھن ضرور جاڳندي. راحت جو ننڍو ڀاءُ انتخاب علي وري رام ڪلي جا پنڌ پچائي ٿو، ھو جڏھن لطيف سائين جو نوريِ ۽ ناري جوڳيئڙا جھان ۾، ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري پڙھي ٿو ته جوڳ جا سڀئي جھان سندس معصوميت مان ريھون ڪري نڪرن ٿا ۽ انتخاب اھو ڪَنوٽِيو، ڪَنَ چِيرَ ۽ ڪاپِڙي بڻجي پوي ٿو جنھن ۾ جبل به سندس آجيان ڪن ٿا. 8 سالن جو انتخاب بڙدي سچ ته سنڌ جي سموري اتھاس جو وارث بڻجي اسان سڀن کي فڪر لطيف مان جاڳ جون جُملي ھدايتون ڪري ٿو. الميو وري اھو ھجي ٿو جو اسان انھن ٻنھي ڀاءُ ڀيڻ جي عمر ڏسي اڳواٽ ئي طئي ڪري ڇڏيون ٿا ته ھي لطيف پڙھي ئي نه ٿا سگھن ۽ پوءِ ڀٽائي جي ڀونءِ تي ڊگھا مقالا ته پڙھجن ٿا پر راحت ۽ انتخاب جو انھن اسٽيجن لاءِ انتخاب نه ٿو ٿئي. انتخاب جنھن وقت لطيف سائين پڙھي ٿو ان وقت سندس اکين جي جوت ڏسڻ وٽان ھجي ٿي، لطيف پڙھڻ وقت سندس وجود جو اظھار ڪجھ ان طرح ٿئي ٿو جو ڄڻ ته ھو پاڻ ڀٽائي جو ڪو ڪردار ھجي. لطيف پڙھڻ وقت سندس عمر 8 سالن مان وڌي 80 سالن جي ٿي پوي ٿي. انتخاب رڳي رام ڪلي نه پر لطيف جي 30 ئي سرن جو وارث آھي بس رڳي چوڻ جي دير ھوندي آھي ۽ ھو لطيف پڙھڻ شروع ڪندو آھي ته پوءِ ڪٿي کٽڻ ۽ خاموش ٿيڻ جي گنجائش ناھي ھوندي. لطيف سائين جا ھي معصوم پارکو ان ڪمال جا ڌڻي آھن جو جيڪڏھن سنڌي الفا بيٽ مان ڪو به اکر کين ٻڌائجي ته ھو ان اکر جو بيت ٻڌائين ٿا ۽ حيرانگي ٿئي ٿي ته سنڌي ٻولي جي 52 اکرن مان ھر اکر تي ھي ٻئي معصوم ھڪ نه پر ھر اکر تي ڪيئي بيت ٻڌائين ٿا، کين لطيف سائين جو زري گھٽ سمورو ڪلام ياد آھي، ھو ڀٽائي جا حافظ به چئجن ته وڌاءُ نه ٿيندو. جڏھن راحت ۽ انتخاب بڙديءَ جي پڙھائي جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته به حيرانگي ان ڪري ٿي جو لطيف جي ھنن ننڍڙن پارکُن پنھنجي پڙھائي ۾ به پوزيشنون حاصل ڪيون آھن. راحت چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي آھي ۽ انتخاب 3 ڪلاس ۾ پڙھي ٿو پر ٻئي ڀاءُ ڀيڻ پھرين درجي کان وٺي پوزيشنون کڻندا رھيا آھن. اھا سچ به ته حيرانگي سان گڏ خوشنصيبي جي ڳالھ آھي جو سنڌ جي پٿريلي ڌرتي ڄامشورو ۾ ٽئي ۽ چوٿين ڪلاس جا ٻه ڀاءُ ڀيڻ شاگرد پنھنجي تدريسي حوالي سان ته پوزيشنون ماڻيندڙ آھن پر فڪر لطيف جي معاملي ۾ به ھو وڏن تمغن ۽ انعامن جا حقدار آھن پر سنڌ جنھن حڪمراني جي دور مان گذرندي رھي آھي ان ۾ تمغا ڀٽائي جي ننڍڙن پر پنھنجي جوھر ۾ تمام وڏن فقيرن ۽ پارکن لاءِ ان ڪري به ناھن جو ڀٽائي حڪمرانن جي ڪڏھن ايجنڊا نه رھيو آھي. راحت ۽ انتخاب بڙدي اڄوڪي سنڌ جا اھي ٻار آھن جيڪي دانش جي دعويدار ڌرين لاءِ ھڪ اھڙو مثال آھن جنھن مثال کي جيڪڏھن اسان جا ڏاھا ھيئين سان ھنڍائين ته ھوند سندن ڏاھپ جي اک ڪڏھن به دنڌلي نه ٿئي جو ڏاھپ جي حقيقي دنيا ته لطيف سائين وٽان شروع ٿئي ٿي ۽ بنا لطيف پڙھڻ جي جيڪو ڏاھپ جي دعويٰ ڪري ٿو اھو دراصل ڏاھو نه پر سماج کي مونجھارن ڏانھن ڌڪيندڙ آھي ۽ سنڌ ڏسي رھي آھي ته لطيف کان سواءِ جا ڏاھپ ورھائي پئي وڃي ان ڏاھپ سنڌ جي سورن تي ڪي به پھا نه رکيا آھن. راحت ۽ انتخاب بڙديءَ جي لطيف شناسي جو اصل انعام ته سندن والد سڪندر بڙديءَ ڏانھن وڃڻ گھرجي جيڪو خود به ھڪ وڏو ڪلاڪار آھي ۽ شايد ان ڪري به سڪندڙ بڙدي اھا ڳالھ سمجھي ورتي ته ھن ديس جي دردن جو درمان به ڪلا ۾ آھي ۽ ڪلا به اھا جيڪا لطيف سائين جي تنبوري جي تار مان نڪري سوين سرن ۾ سموري ڪائنات جو سير ڪري ٿي. سچ ته ھن پنھنجي ٻارن کي لطيف پڙھائي پاڻ کي سنڌ جي ھلالي پٽ ھجڻ جو دليل ڏنو آھي. ان ڪري جيڪڏھن سنڌ کي سڄاڳ ٿيڻو آھي ته پوءِ نه رڳي مجموئي طور پر خاص طور ھنن ٻارن کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا وسيلي سموري دنيا تائين پھچائڻ جي سخت ضرورت آھي ۽ سچ به جيڪڏھن ائين ڪيو ويو ته دنيا سنڌ جي فڪر تي دنگ رھجي ويندي. نوٽ: ڦوٽو شامل آھن