ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي: هڪ تاريخ ساز ادبي ۽ سياسي شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي: هڪ تاريخ ساز ادبي ۽ سياسي شخصيت

    عيسيٰ ميمڻ

    سنڌ ۾ سياسي اٿل پٿل جو دؤر، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ گهڻي قدر ڳڻيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته انگريز جڏهن يورپ کان هتي پهتا ته يورپ جي جديد سرمائيداريءَ جا نوان ماڻ ماپا ۽ طور طريقا به کڻي آيا هئا. سنڌ جو سماج جاگيرداري / زرعي سماج هئڻ سبب ان جي ترقيءَ جي رفتار به سست هئي ته سماج ۾ جمود به وڌيڪ هو. انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هڪ طرفي غلاميءَ جو نئون آغاز ته شروع ٿيو پر ادب ۽ سياست جا روشن دروازا به کليا. خصوصن سنڌي ٻولي ۽ ادب جا نوان رخ ۽ پهلو سامهون آيا. هڪ طرف جديد يورپي ادب جا ترجما شروع ٿي ويا ته ٻئي طرف ٻوليءَ جي متعلق تحقيق به شروع ٿي ويئي. ويهين صديءَ ۾ سنڌي ادب جي ترقي پسند رخن کان جيڪا اڏاوت شروع ٿي خصوصاَ سوويت يونين جي انقلاب کان پوءِ انهن بنياد وجهندڙ مان سنڌي ادب جي ترقي پسند ليکڪ ۽ دانشور سوڀو گيانچنداڻي سرفهرست آهي. سوڀي جي شخصيت جي ڏس ۾ سنڌ ۽ هند جي ترقي پسند دانشور ڪيرت يا ٻاڻي لکي ٿو ته:

    سنڌ جي تاريخ تي نظر ٿي ڦيرائجي، ته هزارين سالن جي عرصي ۾ هن پياري ڌرتيءَ تي، ٿورائي دلير ديش- ڀڳت ۽ اعليٰ مفڪر ڄاوا آهن، جن ۾ سوڀي جو مقام اول صف ۾ آهي. سوڀوصحيح معنيٰ ۾ شاهه ۽ ٽئگور جي وطن پرستي، انسانيت دوستيءَ ۽ اعليٰ سيڪيولر روحانيت جو وارث آهي. سنڌي صوفيت جو شان آهي.

    سوڀو گيانچنداڻي ويهين صديءَ جي اندر ٿيل سماجي، سياسي ۽ نظرياتي جنگين جو اکين ڏٺو شاهد هجڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ عملي طور تي پڻ حصوورتو هو. سوڀو انهن جديد سنڌي ادب جي اڏيندڙن مان هڪ آهي. جنهن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪيترن ئي نسلن جي فڪري آبياري به ڪئي هئي، سنڌي ادب ۾ رجعت پسند لاڙن خلاف نه صرف ويڙهه ڪئي پر ترقي پسند رجحانن جي فروغ لاءِ پنهنجي سموري ڄمار ارپي ڇڏي هئي. موهن جي دڙي جي ڪک ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ سوڀو جي ادبي ۽ سماجي زندگيءَ جو هڪڙو طويل دور رهيو آهي. هن پنهنجي جدوجهد ۽ فڪري پورهئي ذريعي سنڌ جي ادبي ۽ سياسي لاڙن کي جلا بخشي آهي. هن جي زندگي ٻرندڙ چراغ مثل آهي جنهن جي روشني نه صرف پنهنجي تر ۾ هئي پر سنڌ سميت ننڍي کنڊ ۾ ان جا زبردست اثر پڻ آهن. اڄ اسان ڪامريڊ جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهڻ بجاءِ، صرف ڪامريڊ جي شخصيت ۽ سندس ادبي خدمتن جو جائزو پيش ڪنداسين.

    خانداني پس منظر ۽ ولادت

    ننڍي کنڊ جي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻيءَ جو جنم موهن جي دڙي کان اولهه طرف هڪ ننڍي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ ٿيو. هن جو ڳوٺ ڏوڪريءَ کان 8 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. سوڀي جو پورو نالو سوڀراج آهي. سندس والد جو نالو ٽونرمل آهي. هي 03 مئي 1920ع ۾ پيدا ٿيو. هن شخص سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڏاڏن، نک ڪٽيار، جاتي لهاڻا ۽ سندس ناناڻي نک ڏوڏاڻي هئي. سوڀي جو پڙ ڏاڏو گيانچند، هر داس جو پٽ ۽ ڪنڊياري جو رهاڪو هو. اتان لڏي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ اچي آباد ٿيا. گيانچند کي چار پٽ ٿيا، انهن مان روپچند، پارو مل، پرڀداس ۽ جيوت راءِ آهن. گيانچنداڻي ڪٽبن جي باري ۾ سوڀو پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته:
    ” اسان جي گڏيل ڪٽنب هئڻ جي ناتي سان سوٽي سوٽيون ۽ سوٽ ته بيشمار هئا. جيڪي اسان جي پيروي ڪندي پاڻ کي گيانچنداڻي سڏائڻ لڳا. اسان هندن ۾ ڇاڪاڻ ته ڪزن مئريج جو رواج نه آهي، ان ڪري رشتي جي لحاظ کان پڦاٽيون، ماساتيون، سوٽيون سڀ ڀينر ليکبيون آهن ۽ انهن ۾ شاديءَ جو سبڌ نه ٿو ٿي سگهي. اسان وٽ جڏهن مٽي مائيٽيءَ جي ڳالهه هلندي آهي ته وچولي ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي نک ڏٺي ويندي آهي ته جيئن انهن ۾ لاڳاپو يا رشتو قائم نه ٿئي.
    گيانچند جي ديهانت کان پوءِ سندس ملڪيت پٽن ۾ ورهائي، دڪان ٽئين نمبر پٽ پرڀداس کي ڳيريلي ۽ ماٽوءَ واري زمين، دڪان ۽ ٻنڊي، ويهه بگيءَ واري زمين مان حصو پتي مليو. لڳ ڀڳ ٽي سو ايڪڙ سندن حصي ۾ زمين آئي. جيڪا آباد ڪري پنهنجي گهر جو چرخو هلائيندو هو. پرڀداس کي ٻه پٽ ٿيا. 1. ٽونر مل ۽ 2. کلڻ داس. کلڻ داس کي اولاد ڪا نه ٿي. ان ڪري هن سوڀي جي وڏي ڀاءُ ڪيولرام کي پٽ ڪري پاليو هو. سوڀي جو والد ٽونرمل ڳيريلي واري زمينن تي رهندو هو. ڌرمي نقطي نگاهه کان سندس خاندان سک مت کي مڃيندڙ رهيو آهي. سک عقيدي کي قبول ڪرڻ باوجود به هن جو خاندان نه ڏاڙهي رکڻ جو پابند رهيو آهي ۽ نه وري ڪريان ڪڙو ۽ ڪيس وغيره کي پنهنجي عقيدي ۾ شامل ڪيو آهي بلڪه سڀني مذهبن جو احترام سندن بنياد ۾ شامل رهيو آهي.
    سوڀي جو والد سادو ۽ جفا ڪش انسان رهيو هو. ڪڏهن به دولت جي هٺ وڏائي سندس خمير ۾ نه رهي هئي. ٽونرمل جي گهر واري پدما هئي. هن کي ڪل ست اولاد ٿي. پهرين نمبر تي ڀيڻ ڪلياڻي، ٻئي نمبر تي ڪيول رام، ان کان پوءِ سوڀو، سوڀي کان پوءِ پر ميشوري عرف پمي، پمي کان پوءِ خوبچند، جيڪو بعد ۾ ڀائي جي نالي سان مشهور ٿيو. ان کان بعد ۾ ڀينر وديا ۽ ساوتري آهي. برصغير جو هي ترقي پسند دانشور 08 ڊسمبر 2014ع تي اسان کان هميشه وڇڙي ويو.

    تعليمي سفر

    سوڀوگيانچنداڻي جي شروعاتي تعليم ته سندس ڏاڏي پرڀ داس وٽان حاصل ٿي. جنهن ۾
    هن کي سنڌي ۽ فارسيءَ جي بنيادي تعليم ملي ۽ گُر مکي به ننڍپڻ ۾ ئي کينس بهتر سيکاري ويئي هئي. هن کي 1925ع ۾ سندس ڀاءُ ڪيول رام سان گڏ ڳوٺ بگي ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو. هن اسڪول ۾ گهڻي قدر ٻنڊي ڳوٺ جا هندو ٻار تعليم حاصل ڪندا هئا. جڏهن ته مسلمانن جي ٻارن ۾ تعليمي رجحان نه هئڻ برابر هو. ان اسڪول ۾ صرف منگڻهارن جون صرف ٻه ڇوڪريون پڙهنديون هيون، هندن جي ڪا به ڇوڪري نه پڙهندي هئي.
    هنن جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ داخلا ورتي ته ان دوران سندن ڏاڏي کين خاڪي اسڪائوٽنگ يونيفارم وٺي ڏنو. هي جڏهن اچي خاڪي ورديون پائي گهمندا هئا ته ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو مٿن چٿرون ڪندا هئا. پرائمري اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سوڀي ۽ سندس ڀاءُ ڪيول رام کي اي.وي (A-V) هاءِ اسڪول قمبر ۾ 1929ع ۾ داخل ڪرايو ويو. اسڪول سان وابسته بورڊنگ هاسٽل ۾ ان جي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو. هن اسڪول جي لائبريري مان ٻاراڻين ڪهاڻين کان سواءِ ڪيترائي ڌرمي /مذهبي ڪتاب، سندر سا هتيه منڊل جا رسالا، لوڪ ڪهاڻيون، جاسوسي ناول، سک ڌرم جون جنم ساکيون، مهاڀارت، رامائڻ، چار درويش، گل، بڪاولي، امير حمزي وغيره قسم جا داستان چڱيءَ طرح پڙهيا هئا. جڏهن ته اتي گرو گرنٿ جو مطالعو به چڱيءَ طرح ڪيائين. چار درجا قمبر ايوي اسڪول. هڪ سال لاڙڪاڻه ايوي اسڪول ۽ هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪئي. جڏهن ته ڇهون ۽ ستون اين جي وي اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي ۽ 1937ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪئي. هن 1939ع ۾ جي سنڌ ڪاليج مان انٽر ميڊئيٽ جو امتحان ڏنو. جڏهن ته بي اي ون ۽ ٽو (آنرس) شانتيڪيتن (ڪلڪته يونيورسٽي بنگال) ڪاليج بردوان ضلع اولهه بنگال مان ڪئي. جڏهن ته لا (Law) جي ڊگري ايس اي شهاڻي لا ڪاليج ڪراچي، جتان تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو. جيڪا بعد ۾ 1970ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مڪمل ڪيائين. تڏهن کان وڪالت ڪندو آيو ۽ لا ڪاليج ۾ استاد ۽ پرنسپال جي حيثيت ۾ پڙهائيندو به رهيو ۽ اتان 1988ع ۾ رٽائر ٿيو.


    شانتي نڪيتن يونيورسٽي بنگال

    ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سندس شخصيت تي رابندرناٿ ٽئگور جو وڏو اثر پيو. ٽئگور جي شخصيت ۽ علمي ادبي ڪمن کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن انٽر ڪرڻ کان پوءِ سوڀي، ٽئگور وٽ پڙهڻ جو ارادو ڪيو. شانتي نڪيتن ان دور ۾ برصغير ۾ تعليمي ڏس ۾ تمام وڏو نالو ڪمايو هو. شانتي نڪيتن جي معنيٰ آهي ”امن جو مرڪز“. ان جو قيام پهريان رابندرناٿ ٽئگور جي والد مهارشي ويندرا ناٿ ٽئگور 1813ع ۾ هڪ آشرم (عبادت گاهه) طور تي قائم ڪيو هو. جتان ماڻهو ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ پنهنجي عقيدي تي تذڪيه نفس ڪندا آهن. بعد ۾ رابندرناٿ ٽئگور ان جڳهه تي هڪ برهمو دياله اسڪول قائم ڪيو. 1901ع ۾ ٽئگور ان جڳهه جي ويجهو تعليمي درس گاهه جو بنياد رکيو. جنهن کي وشو ڀارتي يونيورسٽي جي نالي سان سڏيو هو ان جي عالمي درسگاهه جي حيثيت هئي. تنهن باوجود به ان کي ”شانتي نڪيتن“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن يونيورسٽي جي نصاب ۾ پرفارمنس آرٽس جي مڙني شعبن ۾ ۾ معمولي اهميت حاصل هئي. ان دور ۾ شانتي نڪيتن ۾ داخلا به ڏاڍي مشڪل سان ملندي هئي. پنڌ پري هجڻ ڪري سوڀي شانتي نڪيتن ۾ وڃڻ کان اڳ ئي ٽئگور کي هڪ خط لکي داخلا لاءِ گذارش ڪئي. ترت ئي ٽئگور طرفان کيس داخلا جي يقين دهاني ڪرائڻ جي تار ملي. سوڀو شانتي نڪيتن ۾ پڙهڻ لاءِ 1939ع تي ڪراچي کان ڪلڪتي ريل ذريعي روانو ٿيو. شروعاتي ڏينهن ۾ گهڻو وقت اداس رهندو هو. پر پوءِ يونيورسٽي جي ماحول هن کي پنهنجو ڪري ورتو هو. جڏهن هن جي ملاقات ٽئگور سان ٿي تڏهن هن سوڀي کان تعارف پڇيو. تڏهن سوڀي جواب ڏنو ته:
    I have come from Larkana ان تي ٽئگور کيس چيو ته “ Man From Mohan Jo Daro” .۽ پوءِ هميشه کيس ان نالي سان ئي سڏيندو هو.
    سوڀي گيانچنداڻيءَ جي آخري وڏي خواهش به اهائي هئي ته هو شانتي نڪيتن جهڙو ادارو قائم ڪري، جنهن جو اظهار ڪندي سوڀو چوي ٿو ته:
    ”منهنجا ڪيترائي يار گهڻي وقت تائين مون کي چوندا رهيا ته پنهنجي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ شانتي نڪيتن جهڙو آشرم قائم ڪريان ۽ منهنجو پنهنجو ارادو به اهو ئي هو، پر سياسي مصروفيات ۽ ضمير جي لڙائي سبب ان طرف توجهه ڏئي نه سگهيس. ۽ هاڻي جڏهن فرصت اٿم ۽ ڏسان ٿو ته سنڌ جي اندر شاهه، سچل، سامي ۽ اياز جي سرن جي چور پور جاري آهي ته دل چويم ٿي ته شل ڪو جوان اهڙي همت ڪري ۽ منهنجو ٻانهن پڪڙي ته مان ان خواب کي سارڪار ڪريان ۽ پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ شانتي نڪيتن اداري جي قيام کي عمل ۾ آڻيان.
    شانتي نڪيتن يونيورسٽيءَ جو ماحول گهڻ ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو هو. هن جي انگريزي ۾ دسترس هجڻ ڪري، هن اتي ترقي پسند ادب تمام گهڻو پڙهيو. ڇاڪاڻ ته هن جا اڪثر دوست به ترقي پسند هئا. سوڀي شانتي نڪيتن جي لائبريري مان پڻ وڏو فائدو ورتو. هتي سوڀي عالمي ادب، سياست ۽ فڪر جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو. شانتي نڪيتن اصل ۾ ڪامريڊ سوڀي جي شخصيت ٺاهڻ ۽ فڪري طور بهتر رخ ۾ وٺي وڃڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن لاءِ خود سوڀي کان جڏهن پڇيو ويو ته سوڀي چيو ته ” آءُ هتي ٻار جي حيثيت ۾ آيو هئس ۽ ماڻهو بڻجي واپس وڃان پيو“. اهڙي طرح ڪامريڊ سوڀو شانتي نڪيتن مان هڪ ترقي پسند مدبر ٿي نڪتو.

    سوڀي جو سياست ۾ اچڻ

    سياست انساني سماج ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿي. اسان سياست ۾ ڀلي دلچسپي رکون يا نه پر سياست اسان ۾ دلچپسي رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ارسطو چيو ته ”جيڪو به سياست نه ٿو ڪري اهو انساني دائري ۾ ئي داخل نه ٿو ٿئي“ ان ڪري ڪامريڊ سوڀو به سياست کان پاڻ آجو نه ڪري سگهيو. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ برصغير جي اندر سياسي تحريڪون عروج تي هيون. جنهن ۾ ڪانگريس، مسلم ليگ، اڪالي دل، هريجن سميت کاٻي ڌرجون ڪيتريون ئي پارٽيون سرگرم عمل ۾ هيون. سوڀو جڏهن تعليم پوري ڪري سنڌ پهتو ته ان وقت هندستان خالي ڪريو تحريڪ (Quit India Movement) تيزيءَ سان جاري هئي. حشو ڪيولراماڻي انگلينڊ مان واپسيءَ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ شاگرد تحريڪ تي ڇائنجي ويو هو. سوڀي به حشوءَ جي اثر هيٺ شاگرد تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ ستت ئي سرگرم ترين اڳواڻ بڻجي اڀريو. هن حشو سان گڏ سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد پڻ رکيو. ان دور ۾ سياسي تربيتي اسٽيڊي سرڪل هلايا ۽ شاگردن کي ترقي پسند ادب ۽ تاريخ جي روشن پهلوءَ کان اجاگر ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ شانتي نڪيتن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويجهو آيو. جڏهن ته 1945ع ۾ سوڀو لينن جي جنم ڏينهن تي پارٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ پهريون ڀيرو باضابطه شريڪ ٿيو هو. 1946ع جي چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪانگريس ۽ ليگي توڙي ڪميونسٽن جي وچ ۾ اتحاد جون ڪوششون ڪيون ته ٻئي طرف حالتن کي مدنظر رکي برصغير جي ورهاڱي کي قبول ڪيو هو ته ان وقت ملڪ جي ورهاڱي ۾ ڀاڱي ڀائيوار پڻ ٿيا. جڏهن ته 17 فيبروري 1946ع تي رائل انڊين نيويءَ جي بغاوت ٿي. جيڪا 17 فيبروي 1946ع کان 23 فيبروري 1946ع تائين ست ڏينهن هلي، جنهن ۾ باغين وٽ ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا جهنڊا هئا. ڪامريڊ سوڀي هن احتجاج ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ سوڀي ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ ابتدا کان وٺي شامل رهيو. هن جو ريلوي يونين سان به ويجهو واسطو رهيو. سوڀي ڪراچي اليڪٽرڪ سٽي سپلاءِ ورڪرس يونين ۾ پڻ ڪم ڪندو رهيو. هن سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ ڪافي وقت ڏنو. سوڀي خصوصن سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي اڌو اڌ بٽئيءَ واري تحريڪ“ توڙي ”الاٽي تحريڪ“ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو.
    سوڀي گيانچنداڻي ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ پڻ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ سان گڏجي حصو ورتو. سوڀي ملڪي چونڊن ۾ پڻ ٽي ڀيرا حصو ورتو:
    1. 1953ع ۾ نوابشاهه، خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن تان اميدوار ٿيو. جنهن ۾ سوڀي هارايو هو.
    2. 1988ع ۾ پڻ چونڊ وڙهيو. ان وقت هندن ۽ مسلمانن جا الڳ الڳ ووٽ هئا. هن چونڊن ۾ 13 هزار ووٽ کنيا. جڏهن ته مخالف 8 هزار ووٽ کنيا، پر سندن مخالف اميدوار سپريم ڪورٽ ذريعي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي، جنهن ۾ سوڀي کي هارايو ويو.
    3. هن 1990ع ۾ ٽيون ڀيرو چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت ڪميونسٽ پارٽي ٽٽي چڪي هئي تنهن باوجود به هن ڇهين نمبر تي ووٽ کنيا هئا.
    4. 1990ع ڪميونسٽ پارٽي جي غيرفعال ٿيڻ کان پوءِ باضابطه ڪنهن به پارٽيءَ جو ميمبر ته نه هو پر ترقي پسند تحريڪن جي حمايت ضرور ڪندو رهيو.

    جيل ياترا

    سياسي سفر ۾ جدوجهد دوران تڪليفون برداشت ڪرڻ، جيل جون صعوبتون سهڻ، ڄڻ ته سياست جو اٽوٽ حصو آهي. ائين سوڀي به پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو جيلن ۾ گذاريو. تنهن باوجود سوڀو ڪڏهن جيلن جي سختين کان مايوس ٿي گهر ويهي نه رهيو. هن کي جڏهن به جيل مان آزادي ملي تڏهن هن ٻيهر سياسي ڪمن جي شروعات اتان ئي ڪئي جتي هو اهو ڪم ڇڏي ويو هو. سوڀو پنهنجي آتما ڪهاڻيءَ ۾ لکي ٿو ته:
    ”1944ع ڌاري جولاءِ جي مهيني ۾ مون کي جيل مان آزاد ڪيو ويو. اٽڪل مهينو کن پنهنجي ڳوٺ پنڊيءَ ۾ گذارڻ کان پوءِ ڪراچي آيس ۽ اسان جي ساڳيا لاٽون، ساڳيا چگهه واري ڪار هئي.
    جڏهن ته سوڀو بلوچستان ۾ روپوش پڻ رهيو هو. جيل ۾ پڻ پهريون ڀيرو 25 جنوري 1942ع ۾ ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ ۾ حصو وٺڻ دوران گرفتار ٿيو. 1942ع کان جولا 1944ع تائين ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جيل ۾ رهيو. ٻيو ڀيرو نيوي جي بغاوت وقت 21 فيبروري 1946ع ۾ ڪراچي ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڇهن ستن ڏينهن کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. بغاوت، فساد ۽ ٻيا گهڻا ئي ڏوهه مٿس مڙهيا ويا پر سرڪار پاران عام معافي ڏيڻ سبب آزاد ٿيو ہو. ٽيون ڀيرو 1945ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ 17، اپريل 1952ع تائين جيل ۾ رهيو. چوٿون ڀيرو 1954ع ۾ پارٽي تي پابندي پوڻ شرط 12 جولاءِ 1954ع کان مارچ 1956ع تائين جيل ۾ رهيو. آخري 6 مهينا پنڊيءَ ۾ نظربندي آيو. پنجون ڀيرو آڪٽوبر 1950ع کان جون 1966ع تائين ڏهه مهينا حيدرآباد جيل، چار مهينه شاهي قلعو لاهور ۽ ٻه مهينه لاهور سينٽرل جيل، تنهن کان پوءِ جون 1967ع ۽ 1968ع تائين ڳوٺ ۾ نظربند رهيو. ڇهون ڀيرو سيپٽمبر 1964ع کان نومبر 1968ع تائين ٽي مهينا جيل ۾ رهيو. سندس قيد واري زندگيءَ جو ڪل عرصو 8 سال 2 مهينا ۽ 18 ڏينهن ٿئي ٿو.

    سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي

    سنڌي ادبي سنگت، ترقي پسند ادب جي نه صرف آبياري ڪئي آهي پر ترقي پسند تحريڪن جي پٺڀرائي به ڪئي آهي. سنڌي ادبي سنگت جي پهرين گڏجاڻي جي حوالي سان سوڀو لکي ٿو ته:
    ”جولا 1944ع ۾ جڏهن مان جيل مان نڪري آيس ته هتي جي اندر سنڌي ادبي سنگت جو ميڙ ٿيو. جنهن ۾ شيخ اياز پنهنجو گيت ” او باغي او راڄ دروهي“ ڳائي ٻڌايو۔ گوبند مالهي، مان ڪرشن کٽواڻي ۽ آنند گولاڻي سڀئي موجود هئاسين.“
    سوڀي ان دور ۾ ئي ساٿين سان گڏجي اها مهم شروع ڪئي ته سنڌي اديب طبعزاد ڪهاڻيون لکن. ان ڏس ۾ ڪراچيءَ مان ”نئين دنيا“ رسالو شروع ڪرايائون. ان دور ۾ انهن طبعزاد ڪهاڻين جو پهريون طبعزاد مجموعو ”صحرائي ڦول“ جي نالي سان شايع ٿيو. اهي سوڀي ۽ ساٿين جون ڪوششون هيون. جنهن 1947ع جي ورهاڱي ۾ سنڌي اديبن جو وڏو حلقو سنڌ مان جلاوطن ٿيڻ جي ڪري، سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيل خال کي سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جي ذريعي ڀريو. اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شعور جي آبياريءَ ۾ زبردست نڀايو. سوڀو گيانچنداڻي هڪ اديب جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت سان ورهاڱي کان اڳ به سالهاڙيل رهيو ۽ آخر تائين ان جو اعزازي ميمبر به رهيو.

    سوڀي گيانچنداڻي جي ادبي خدمتن جو جائزو

    سوڀو گيانچنداڻي جنهن کي ”مهين جو ماڻهو“ به چون ته مهين جو جوڳي“ به چون. هن جو ننڍي کنڊ جي ادب ۽ سياست تي زبردست اثر به رهيو آهي ۽ هي سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو هڪ منفرد ديو مالائي ڪردار به آهي. سوڀي جو مطالعو به زبردست هو. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ترجمي نگار ۽ ڪالم نگار به هو. سنڌي مادري زبان هئس پر انگريزي تي به کيس مڪمل عبور حاصل هئس. هندي، اردو ۽ بنگالي زبانون ڄاڻندو هو ۽ فارسيءَ ۽ عربيءَ جو پڻ سمجهه جي حد تائين اڀياس به ڪندو رهيو. سوڀو هڪ بيباڪ، پختو ۽ وسيع ترين مطالعي وارو ليکڪ هو. هن 1936ع ۾ پهرين ڪهاڻي اڍائي روپيه لکي، لکڻ جو آغاز ڪيو، جڏهن ته هن 1936ع ۾ ئي ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ تي پهريون مضمون لکيو هئائين جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جي مخرن ۾ شايع ٿيو. هن پهريون ڊرامو نيپولين ۽ سينٽ جينيا تي لکيو. جيڪو سنسارسماچار ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ لاتعداد مضمون، ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيا. جڏهن ته 1957ع کان آڪٽوبر 1958ع تائين مارشل جي دور ۾ ”نئين سنڌ“ اخبار جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هن جي لکڻ جو ڄڻ ته باقاعده آغاز 1990ع کان پوءِ ٿيو. جنهن ۾ عوامي آواز ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين، ڪيترائي سوانحي خاڪا پڻ لکيائين. آخري ڏهاڪو وري، ڪاوش اخبار ۾ مسلسل لکندو رهيو.جڏهن ته ماهوار سوجهري ۾ ”روشنيءَ جي پنڌ ۾“ آتم ڪٿا قسطوار ڇپائيندو رهيو. جڏهن ته سوڀي شاعري به ڪئي آهي جيڪا گهڻي قدر محفوظ نه ٿي سگهي آهي.
    هتي اسان سوڀي گيانچنداڻي جي ادبي خدمتن جو جائزو وٺنداسين.
    ” تاريخ جا وساريل ورق “ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب
    26 جولاءِ 1990ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي عوامي آواز اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. انهن ڪالمن تي مشتمل ڪتاب 1992ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد ”تاريخ جا وساريل ورق“ نالي سان شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪُل 27 ڪالم شامل آهن. انهن ڪالمن ۾ هن نه صرف دنيا جي سياسي حالتن جو جائزو ورتو آهي پر سنڌ جي سياسي ۽ انقلابي حالتن جو پسمنظر ۽ پيشمنظر به پيش ڪيو آهي ته ڪيترن ئي شخصيتن جا خاڪا به ڏنا آهن. سندس پهرين ڪالم حُر تحريڪ آهي. جنهن ۾ هن حر تحريڪ تي چند ويچار پيش ڪيا آهن. هن ڪالم ۾ ڪيترن ئي حر تحريڪ جي پاسن کي نروار ڪيو آهي. ٻئي ڪالم ۾ ”تامل مزاحمتي تحريڪ“ ۾ تاملن جي مزاحمتي تحريڪ جي پس منظر تي لکيو آهي ته ان جي ڪمزور پاسن تي تنقيد به ڪئي اٿس. ٽئين ڪالم نظير عباسي شهيد“ ۾ نظير عباسي جي کاٻي ڌرجي سياست ۾ ڪيل ڪردار کي مڃتا به ڏني اٿس ته هڪ ئي وقت کاٻي ڌر جي سياست جي قبلي درست ڪرڻ جو به لکيو اٿس. هن جي لکڻين مان سنجيدگي جهلڪندي نظر اچي ٿي. هن پنهنجي ڪيترن ئي ڪالمن ۾ بحث هيٺ آيل صورتحال کي بيان ڪري نتيجو هڪ يا ٻن اهم سوالن جي صورت ۾ پڙهندڙن آڏو رکي ڇڏيو آهي. ”دهشگرديءَ واري واري سياست“ ڪالم ۾ سوڀو لکي ٿو:
    ”بندوق جي ناليءَ مان انقلاب ته اچي سگهي ٿو پر هڪ خوشحال گهر اڏي نه ٿو سگهي.“
    سياست ۾ عدم تشدد ۽ تشدد وارن عالمي رجحانن تي بحث ڪندي عوامي تحريڪن جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن. هڪ هٿياربند جدوجهد، ٻيو پر امن آئيني طريقن واري ويڙهه ۽ ٽين هٿيارن ۽ آئيني طريقن جي ميلاپ واري جدوجهد. هن ڪتاب ۾ سوڀي ماضيءَ جي تاريخ جي حوالي سان موهن جي دڙي واري تهذيب تي لکيو اٿائين. فلسطين جي سرزمين تي يهودي رياست جي قيام بابت، عالمي انياءُ جو ذڪر ڪيو اٿائين. ائين ان سان گڏ ايراني نار واري جنگ ۽ عراق جي تاريخ جاگرافيءَ تي لکندي هن مسئلي تي خاصي معلومات ملي ٿي. سوڀي ڪجهه ڪالمن ۾ اهم شخصيتن جو به ذڪر ڪيو آهي. جن ۾ سائين جي ايم سيد، حشو ڪيول راماڻي، حسن ناصر، عبدالقار ۽ پنالال داس گپتا شامل آهن. سندس اهم ڪالم سوشلزم ۽ ڪميونسٽ جي حال ۽ آئيندي تي آهي. 1946ع ۾ هندو مسلم فسادن ۽ بهارين جي لڏ پلاڻ واري پسمنظر ۾ سنڌي مهاجر جهڙپ کان پوءِ سنڌ جي درخواست وارين ڳالهاين بابت سندس ڪالم پڻ اهم آهن.
    مجموعي طور تي هي ڪتاب معلومات جو تمام گهڻو ذخيري به ڏئي ٿو ته فڪري طور تي پڻ ڪافي سگهارو به بڻائي ٿو.

    تاريخ ڳالهائي ٿي: ڪالمن جو مجموعو

    هي ڪتاب به سوڀي گيانچنداڻي جي ڪالمن جو ڪتاب آهي. جيڪو 1994ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪالمن جو هي ٻيو جلد تاريخ ڳالهائي ٿي، جي عنوان هيٺ عوامي آواز، جاڳو ۽ سنڌ سجاڳ اخبارن ۾ ڇپيل اٺٽيهه ڪالمن تي مشتمل آهي. ان ۾ صرف 3 ڪالم سنڌ جي ڪن شخصيتن ۽ سنگتين جي باري ۾ آهن ۽ 2 ڪالم راجيو گانڌي جي قتل ۽ ڪامريڊ سريپدر امرت ڊانگي جي موت جي باري ۾ آهن. باقي 33 ڪالم سنڌ، برصغير ۽ عالمگير مسئلن جي باري ۾ آهن. انهن ڪالمن ۾ سوڀي اڪثر ڪري ذاتي ڄاڻ ۽ امنگ کان ڪم ورتو آهي. سوڀو هنن ڪالمن جي باري ۾ پيش لفظن ۾ لکي ٿو ته:
    انهن ڪالمن ۾ مون اڪثر پنهنجي ذاتي ڄاڻ ۽ امنگ کان ڪم ورتو آهي، نه ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ نه ڪنهن کي آزارڻ جي مسئلن کي جيئن سمجهيو اٿم ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ جيڪي رٿون پيش ڪيون اٿم، ممڪن آهي اسان جا حاڪم حلقا ۽ منهنجا ڪي دانشور دوست ناپسند به ڪندا پر جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سو بلڪل ايمانداريءَ سان لکيو اٿم.“
    هنن ڪالمن ۾ انهن واقعن ۽ شخصيتن تي روشني وڌي ويئي آهي جن لاءِ عوامي سطح تي گهر هئي؟ مجموعي طور تي هن سڄي ڪتاب مان آمريڪا ۽ عراق جنگ جي صورتحال، چيني لوڪ ڪهاڻي، ڪاروڪاري جي ميلي، اسان لاءِ جنگ ڪهڙي هجڻ گهرجي، سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر جي عنصرن، سوويت يونين ۾ ٿيل اقتداري رساڪشي، دهشگرديءَ جي بنيادي سببن، مارشل لا جي دور ۾ سماج تي پوندڙ اثرن، 1990ع کان پوءِ نيوورلڊ آرڊر جي روشنيءَ ۾ عالمي حالتن جي جائزي وٺڻ، سنڌ ۾ سني، شيعا فساد پکيڙڻ جا بنيادي سبب، ڪراچيءَ ۾ فوج جي ڪردار تي روشني وجهڻ، رٽائر توڙي آن ڊيوٽي فوجين جي معاشي مفادن توڙي معاشي جنگ جي باري ۾ زبردست مواد ملي ٿو.

    وڏي وٿ هئام : (ڪالم /خاڪا)

    سوڀي گيانچنداڻيءَ جو هي ٽيون ڪتاب آهي جيڪو ڪالمن ۽ خاڪن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب 1997ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر خاڪا عبرت اخبار ۾ شايع ٿيل آهن. جيڪي مختلف وقتن تي ڇپبا رهيا آهن. اهي خاڪا عبيد ڪٽپر گڏ ڪري عبدالستار پيرزادي جي حوالي ڪيا جنهن ڪتاب ڇپائي عوام آڏو آندو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 31 خاڪا شامل آهن. جن ۾ سڀ کان پهريون خاڪو سوڀي پنهنجي امڙ پدما تي لکيو آهي سوڀي جي شخصيت ٺاهڻ ۾ سندس امڙ جو تمام اهم ڪردار آهي، سوڀو، پنهنجي امڙ سان بي حد پيار ڪري ٿو، سڄي ڄمار ماءُ جي پيار کي ياد ڪندي گذاري ٿو. ايتري قد جو جڏهن سوڀي کان ننڊ پري ٿي ويندي آهي ته تڏهن به پنهنجي امڙ کي ياد ڪري، ننڊ ڪري ٿو.
    جڏهن ته سوڀي پنهنجي سياسي استادن ۽ رفيقن محمد امين کوسي، محمد ابراهيم جوئي، ڪرشن کٽواڻي شوائي جو جوش ۽ جذبي سان ذڪر ڪيو آهي، خاص طور تي امين کوسي کي پنهنجي بنيادي سياسي استادن طور تي پيش ڪري ٿو. جڏهن ته ڪجهه سماجي طور تي گمنام ڪردارن مائي ڏياڻي، خالقو، ارباب فقير، برداشتي، علي محمد عباسي، عبدالڪريم بجلي، عبدالفتاح ميمڻ، حاجي عبدالستار، ارباب شاهه، سلطان ڊرائيور، لالا بشير، پيڪر نقوي، گل سدا بنگاڻي وغيره اچي وڃن ٿا. جڏهن ته معروف شخصيتن ۾ ف.م لاشاري، عزيز سلام بخاري، غلام مصطفى ڀرڳڙي، محمد ملوڪ عباسي جو ذڪر پڻ اچي وڃي ٿو. انهن ۾ سوڀي پنهنجي ويجهو رکندڙ انهن سڀني ڪردارن کي ياد ڪيو آهي جن سوڀي سان ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي پنهنجو رشتو جوڙيو آهي جن سان سوڀي سان پنهنجائپ وارو ورتاءُ رهيو آهي.

    ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون)

    جڏهن 1944ع ۾ ترقي پسند ادبي انجمن جي نالي سان ترقي پسند اديبن جي جماعت ٺهي. ان وقت ان جماعت جي پلئٽ فارم تان گڏيل افسانن جو مجموعو ”ريگستاني ڦول شايع ٿيو.“ جنهن ۾ سوڀي جون ٻه ڪهاڻيون ڪڏهن بهار ايندو ۽ رحيمان شايع ٿيون. 1993ع ۾ سوڀي جي ڪهاڻين کي گڏي ڪري ڪڏهن بهار ايندو ”نالي ڪتاب شايع ڪيو ويو. هن مجموعي ۾ ڪل نَوَ ڪهاڻيون شامل آهن. جنهن ۾ خودڪشي، ڀاڄوڪڙ، ڪجهه هيئن به پيار ڪن ٿا، آکيري جو ٽٽڻ، رحيما، پرديسي، پريتم، بچاءُ بند، ڪڏهن بهار ايندو ۽ انقلابيءَ جو موت شامل آهن.
    سوڀي جي هي ڪتاب کي اردو ۾ اسلم رحيل مرزا ”انقلابي ڪي موت“ نالي سان شايع ڪرايو آهي. سوڀي جي هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ اياز قادري لکي ٿو ته:
    ڪامريڊ جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن جي زندگيءَ ۾ مسئلن جي تصوير پيش ڪيل آهي. هن هروڀرو عام ڪهاڻيڪارن وانگر پنهنجي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جو طلسم، رنگيني، تشبيهن ۽ اسنعارن جو سهارو نه ورتو آهي پر جيڪا هو ٻڌائڻ چاهي ٿو سا بلڪل سادن سودن ۽ عام فهم لفظن ۾، سولي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ اثرائتي نموني بيان ڪري ٿو.
    حقيقت ۾ سوڀي جا ڪردار اسان جي سماج جا ڪردار آهن. جيڪي نه صرف سماجي حالتن /مئلن جو عڪس پيش ڪن ٿا پر سماجي تبديليءَ جو درس پڻ ڏين ٿا. سوڀي گيانچنداڻيءَ جو هي ڪتاب سنڌي نثر ۾ جديد ڪهاڻينءَ جي صف اول ۾ شامل ٿئي ٿو.

    (روشنيءَ جي پنڌ ۾ - آتم ڪهاڻي)

    سوڀي گيانچنداڻي 2002 کان 2005 تائين سنڌي ٻوليءَ جي ادبي رسالي ”ماهوار سوجهرو“ ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي قسطوار 36 قسطن ۾ شايع ٿي. جنهن کي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ”روشنيءَ جي پنڌ ۾“ ماءِ پبليڪشن سکر پاران 2013ع ۾ چپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب به نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ سوڀي جي يادگيرين کي رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ تحريري صورت ڏني آهي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي هيءَ پهرين آتم ڪهاڻيءَ آهي جيڪا ڪتابي صورت ۾آئي آهي. سوڀي جي هن آتم ڪهاڻي ۾ نه صرف سوڀي جي زندگيءَ جو سربستو احوال ملي ٿو، پر ان دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو پڻ ذڪر ملي ٿو. هن آتم ڪهاڻيءَ متعلق لکندي محمد علي پٺاڻ مهاڳ ۾ چوي ٿو ته:
    ”ان ۾ اوهان کي سوڀو گيانچنداڻي هڪ معصوم ٻار به نظر ايندو ته هڪ وڏو ويڙهاڪ ٻلوان به ۽ هن جي شخصيت جا اهي ٻئي روپ اوهان کي جا بجه اڀريل سج وانگر ڏسڻ ۾ ايندا“.
    هيءَ آتم ڪهاڻي هڪ معياري تاريخي دستاويز آهي. جنهن ۾ سوڀي، پنهنجي ذات، صفات ۽ پنهنجي خانداني پس منظر جون سچايون صاف صاف انداز ۾ بيان ڪيون آهن. سنڌي ادب ۾ جتي ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي جي آتم ڪهاڻي“ منهنجي مختصر ڪهاڻي“ جي ايم سيد جي ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني.“ محمد صدبق ميمڻ جي ”تان ڪي ڏونگر ڏوريان“ عبدالجبار جوڻيجو جي ديپڪ ۽ ملهار ”شيخ اياز جي ڪٿي ته ڀڃيوٿڪ مسافر“ سنڌ جي سواني ادب ۾ پنهنجي حيثيت رکن ٿيون اتي هيءَ آتم ڪهاڻي پڻ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ جاءِ رکي ٿي.
     
    اي جي شيخ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو