
ونڊوز وستا سٽارٽ مينو جي گرافڪ ڏاڍي ڀلي آهي۔۔۔۔۔ پهرين دفعو ڏسندي ئي خوبصورت لڳندو آهي۔۔۔ ونڊوز ايڪس پي لاءِ هوئن ته وستا ٿيم به ٺاهيو ويو آهي پر گهڻي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن توهان ونڊوز ايڪس پي ۾ صرف ونڊوز وستا جهڙو سٽارٽ مينو رکڻ چاهيو ٿا ته هن لڳ ڀڳ هڪ ميگا بائيٽ جي سافٽويئر کي انسٽال ڪريو۔۔۔۔۔ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود ونڊوز ايڪس پي جو سٽارٽ مينو بلڪل ونڊوز وستا وانگر ٿي ويندو۔۔۔
انسٽال ٿيڻ کان پوءِ ٽاسڪ بار تي پڻ هن جو آئڪان اچي ويندو آهي جيڪڏهن توهان ڪنهن سبب جي ڪري واپس ايڪس جو سٽارٽ مينو چاهيو ته انهي آئڪان تي مائوس جي مدد سان ساڄي پاسي کان ڪلڪ ڪري Exit تي ڪلڪ ڪريو جنهن سان سٽارٽ مينو واپس ساڳي صورت اختيار ڪري وٺندو۔۔۔