ڪتاب جن جا نالا شاھ سائين جي بيت جي ڪنهن سٽ مان ورتل

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2016۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اهڙا ڪتاب جن جا نالا شاھ سائين جي بيت جي ڪنهن سٽ مان ورتل.
    دوستن کي ٻين ڪتابن جو علم هجي تہ ونڊ ڪن.

    01: وڄون وسڻ آئيون
    شيخ اياز
    (وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار)

    02: ڀونئر ڀري آڪاس
    شيخ اياز
    (ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونئر ڀري آڪاس)

    03: ڪلهي پاتم ڪينرو
    شيخ اياز

    04: ڪپر ٿو ڪن ڪري
    شيخ اياز
    (ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽي منجھ مهي)

    05: لڙيو سج لڪن ۾
    شيخ اياز
    (لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين)

    06: جهڙ نيڻئون نہ لهي
    شيخ اياز
    (ڪڪر منجھ ڪپار، جهڙ نيڻئون نہ لهي)

    07: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
    شيخ اياز
    (اجهي ٿا اچن، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي)

    08: سر لوهيڙا ڳڀيا
    شيخ اياز
    (سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا)

    09: تون ڇپر تون ڇانء
    شيخ اياز
    (ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوُڻئين، تُون ڇپر، تُون ڇانءَ)

    10: وڏا وڻ وڻڪار جا
    شيخ اياز
    (وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سجهن نيلا)

    11: اٿي اور الله سان
    شيخ اياز

    12: جي تند برابر توريان
    شيخ اياز
    (سئو سرن پائي، جي تند برابر توريان)

    13: جنب گذاريم جن سين
    جي-ايم سيد
    (ويئڙا سڀ وهي، جنب گذاريم جن سين)

    14: اڄ پڻ چڪيم چاڪ
    جي-ايم سيد

    15: ههڙا هاڃا ٿين
    جي-ايم سيد
    (ههڙا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾)

    16: آيو تڙ تماچي
    جي-ايم سيد

    17: حاصل جنين حال
    جي-ايم سيد

    18: سي ئي جوڀن ڏينهن
    الطاف شيخ
    (سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏھن سڄڻ سفر هليا)

    19: جت جر وهي ٿو جال
    الطاف شيخ
    (سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جر وهي ٿو جال)

    20: اوهريا جي عميق ڏي
    الطاف شيخ

    21: پڙاڏو سو سڏ
    سراج
    (پڙاڏو سو سڏ، ور وائي جي لهين)

    22: مرڻ مون سين آءُ
    سراج
    (مرڻ مون سين آءُ، تہ پٺي تو پنڌ ڪريان)

    23: ڏکيون جان نہ مڙن
    ناز سنائي

    24: ماءُ کاهوڙي هليا
    ناز سنائي

    25: تو پڄاڻا سپرين
    ناز سنائي
    (تو پڄاڻا سپرين، هينئڙي اچن هول)

    26: ڏُور بہ اوڏا سپرين
    تاجل بيوس
    (ڪي اوڏا ئي ڏُور، ڪي ڏُور بہ اوڏا سپرين)

    27: ڏوريان ڏوريان مَ لهان
    تاجل بيوس
    (ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت)

    28: ٽھڪي نڪتا ٽُوھ
    عبدالواحد آريسر
    (وُٺا مينهن ملير تي، ٽھڪي نڪتا ٽُوھ)

    29: ماڙين ماريس ڪينڪي
    عبدالواحد آريسر
    (مارن مونجھ مياس، ماڙين ماريس ڪينڪي)

    30: ديسي سيڻ ڪجن
    گوبند مالهي
    (ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين)

    31: عشق نہ آھي راند
    گوبند مالهي
    (عشق نہ آھي راند، جو کيڏنس ڳڀرو)

    32: آڏي ڍال مَ ڍار
    رشيد ڀٽي
    (هڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار)

    33: عاشق زهر پياڪ
    رشيد ڀٽي
    (عاشق زهر پياڪ، وه ڏسي وهسن گهڻو)

    34: اکيون ميگھ ملهار
    بردو سنڌي
    (اکيون ميگھ ملهار، صُورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو)

    35: بوندون بس نہ ڪن
    بردو سنڌي
    (ڳلن تان ڳوڙھن جون، بوندون بس نہ ڪن)

    36: رتيءَ جي رهاڻ
    ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
    (رتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جت سين)

    37: رُس مَ رُسڻ گهوريو
    ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

    38: رُس مَ رُسڻ گهوريو
    نور شاهين

    39: نيرانا ئي نيڻ
    مريم مجيدي

    40: نيرانا ئي نيڻ
    يونس همدم

    41: ڏکوئين اهڃاڻ
    ستايل سڪندر
    (ڏکوئين اهڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو)

    42: پرھ باکون ڪڍيون
    ڊاڪٽر خادم منگي
    (شمع ٻاريندي شب، پرھ باکون ڪڍيون)

    43: اندر رُوح رهيام
    قاضي خادم
    (اندر رُوح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري)

    44: ڏورينديون ڏسن
    محمد هنڱورجو
    (ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا)

    45: ووڙيم سڀ وٿاڻ
    اشتياق انصاري

    46: اجهاميو ٻرن
    ماڪن شاھ رضوي
    (اُجهاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين)

    47: مٿي سنڌ سڪار
    نجم عباسي
    (سانئيم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار)

    48: تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا
    جامي چانڊيو
    (تو جا ڀانئين اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا)

    49: اکين ۾ ٿي ويھ
    مقبول مارو
    (اکين ۾ ٿي ويھ، تہ واري ڇپر ڍڪيان)

    50: ڪاري ڪڪر هيٺ
    استاد بخاري
    (ڪاري ڪڪر هيٺ، جهيڙيندي ڇڏيام)

    51: پاڙي ناھ پروڙ
    بادل جمالي
    (پاڙي ناهي پروڙ، تہ رات رنجائي گذري)

    52: ڏک سکن جي سونهن
    گل ڪونڌر
    (ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري)

    53: سُمهي سک نہ ماڻيو
    سنڀو هميراڻي

    54: الا! ڏاهي مَ ٿيان
    عثمان علي انصاري
    (الله! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن)

    55: اڳي ايئن هياس
    فضل احمد بچاڻي
    (اڳي ايئن هياس، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا)

    56: پرديسي ڪهڙا پرين
    عنايت بلوچ
    (ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين)

    57: اندر جنين اُڃ
    مهتاب محبوب

    58: انڌا اونڌا ويڄ
    رسول بخش پليجو

    59: درد ونديءَ جو ديس
    حميد سنڌي
    (درد ونديءَ جو ديس وسي پيو، بوند برھ جي بهار لڳي)

    60: ساماڻي تہ سک ويا
    نيلوفر جويو
    (سرجيس تان سُور، ساماڻيس تہ سک ويا)

    61: سون برابر سڳڙا
    انور فگار هڪڙو
    (سون برابر سڳڙا، ٻانهن ٻڌائون)

    62: باهيون بيراڳين جون
    تاج جويو

    63: ڦريا پسي ڦيڻ
    خاڪي جويو
    (ڦريا پسي ڦيڻُ، کرين کير نہ چکيو)

    64: ويجها ٿيا وصال کي
    غلام محمد جنجهي

    65: آڇيندي لڄ مران
    نارائڻ شيام
    (پلئہ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران)

    66: پيهي جان پاڻ ۾
    بدر ابڙو
    (پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ)

    67: مر پيا مينهن وسن
    جمال ابڙو
    (سرهي سيج پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن)

    68: سحرا ستر جن
    تاجل بيوس

    69: پسي ڳاڙها گل

    70: جي تون چورين چنگ

    71: اڄ گُهرجين ھت
    ناشاد رحم علي
    ( اڄ گهرجين هت، بڊاماڻي پنرا!)

    72: سپڙ سڏ ڪيا.
    اولڊ بوائز ايسوسيئشن ڀٽ ڀائٽي پاران مشهور سماج سڌارڪ ۽ تعليم جي خدمتگار حاجي محمد عثمان مري جي زندگي تي ترتيب ڏنل.

    73: ڳچيءَ ڳانا لوه جا
    عبدالواحد آريسر
    ڳچيءَ ڳانا لوه جا زيرون ۽ زنجير، پيڪڙا پيرن ۾،
    ڪوٺين اندر ڪير، چاري چئوگانن ۾ واهيت ڪن وزير،
    ڇن نہ ڇڄي آھيان اهڙيءَ سٽ سرير، مارو ڄام ملير پڇج ڪي پنهوار کي

    74: وڏا وڻ وڻڪار جا
    تاجل بيوس ۽ شيخ اياز

    75: کامان پچان پڄران
    خيرمحمد خاص

    76: ڪي جو ٻيجل ٻوليو.
    شيخ اياز.
    ڪي جو ٻيجل ٻوليو ،ڀنيءَ ويھي ڀانَ .

    77: جڳ مڙيو ئي سپنو،
    شيخ اياز.
    ..
    78: ٿوري قوت قراريا.
    محمد ھنگورجو.

    79: ڪنڌي اڪ ڦلاريا.
    تاجل بيوس.

    80: سندي ذات ھنجن
    رسول بخش پليجو.

    81: پھڻن پير پٿون ڪيا.
    دلشاد ڀٽو سينئر

    82: ڏونگر جن ڏوريا.
    ناز سنائي.

    83: جھڙا گل گلاب جا
    غلام رباني آگرو.
    جھڙا گل گلاب جا ،تھڙا مٿن ويس.

    هي معلومات دوست نند لال جي فيس بُڪ پوسٽ ۽ ان تي آيل ڪمينٽس تان ورتل. اوهان به ان ۾ واڌارو ڪريو جيڪڏهن ممڪن هُجي.
     
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اوه يار.. زبردست
     
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    تمام زبردست ڄاڻ ادا
     
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    منهنجي خيال ۾ پسي ڳاڙھا گل رسول بخش پليجو صاحب جو آهي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الطاف شيخ جا هيٺيان سڀ ڪتاب به شاهه لطيف جي بيتن جي سٽ مان ورتل آهن

    وايون وڻجارن جون
    دنگي منجهه درياهه
    سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
    بندر ديسان ديس
    نه سي سڙه سکاڻ
    وسي وڏ ڦڙو
    موج نه سهي مڪڙي
    سمونڊ جن ساڻيهه
    بندر بازاريون
    سمونڊ جي سيوين
    سانڀاهو سمونڊ جو
    چنڊ چوانءِ سچ
     
    شاه محمد سڌايو هيء پسند ڪيو آهي.
  6. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    واھ ادا واھ... ھانءُ ٺاري ڇڏيوَ تمام سٺي ڪاوش اوھان کوڙ ساريون کيرون لھڻيون
     
  7. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    ماشاءَﷲ‌ اسان جي ڄاڻَ ۾ واڌارو ٿيو
    واھ واھ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو