• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سمورا رنگ سمائي ...

سنڌ سمورا رنگ سمائي
_______________________

سنڌ سمورا رنگ سمائي هوءَ کڙي آ عشق ۾ اوڏڻ
جنهن جو روپ ۽ رنگ نرالو جنهن جو واه وڻيو هي اوڍڻ
سارو ٿر ٻاٻيهو ٻولي اهڙو ٿي هو گهور ۾ ڳولي
سانت به هن جي جوت جيئان آ منهنجي جيءَ کي آئي ڌوڏڻ
آج جا زيور جن ٻانهن تي يار حسي آ جنهن جي سيني
پير ڪڙا ٿي پائي جهومي واه وڻي پيو هن جو لوڏڻ
مونکي مست بنائي وئي هو ڪاريهر جيئن لحرون لڏندي
آءُ هلي پيم تنهن ڏي ڪڏندي جوڳ ڪئي جنسار جو جوڳڻ
سنڌ جي مٽي سنڌ جي سونهن ملڪان ملڪ نرالي اهڙي
منهنجو من هي پياس پياڪ جيءُ جهومي پيو جيئن ڪو جهوٽڻ

لبستم دائودپوٽه

dBYXc3B.jpg
 
Back
Top