ڪاش جِي ڪُک آڪاش جیڏِي، اڻ ڳڻیُون جنهن ۾ اُمنگُون، ٿیُون پَلن ڪنهن ٻار وانگي! جِت سِتارن وانگیان ڪئِي، چاهتُون ٿیُون چِلوِلائن، مَن جي محرابن مٿان ٿیُون، وِڄ جِیان جرڪائجن، ساھ جُون ڪي سِیسراٽیُون، سار جو ٿیُون ساز بڻجن، گُونج بڻجن، گاج بڻجن. بیوَسِيءَ جِي باھ ۾ ٿیُون، خُودڪشِيءَ جو کاج بڻجن. خُودڪشِيءَ ڄڻ ڪو سهارو، خُودڪشِيءَ آڌار وانگي! قید ڪیئِي گُل چمن ۾، پیاس ڪیڏِي پوپٽن ۾، جِن جِي واٽن منجھ وِڇوٽا، پر ٻِنهِيءَ جو پار ساڳیو، فِراق ۾ جي، ڦٿڪِي مرن ٿا. آسرن جِي اُس ۾ تڙپِي، طواف خاطر، واس خاطر، ڀونئر ڪئِي ڀٽڪِي مرن ٿا، گُل ڇِڄِي، جِیوَن وِڃائي، ٽِڙیَل، کِڙیَل جوڀن وِڃائي، لاش جو ٿا هار بڻجن، لاش سان لٽڪِي مرن ٿا، لاش ڀِي ڪنهن دار وانگي! مِير ھيمراج