نــــظــــم مِير ھيمراج سِنڌِيءَ تَن ۾ تُنهنجِي تات آ، چپن کي تُنهنجِي پياس آ. اکيُون اُڃاريُون آهن، اڃا مِلڻ جِي آس آ. اَڻ لکيُون ڪي اَڻ ڪٿيُون، ٿيُون سانوَڻيُون سَکر وَسن. رکِي رکِي، سکِي سنديُون ٿيُون ساروڻيُون اندر وَڍَن. رڳن ۾ راڳ آ ٻُريو، ٿيُون راڳڻيُون مَڌَر نَچن. چڳن سان چِلوِلائِيندي، ٿيُون چاندنيُون چندر ڏَسن. هوا ۾ تُنهنجو هوڏ آ، وَطن ۾ تُنهنجِي واس آ. اکيُون اُڃاريُون آهن، اڃا مِلڻ جِي آس آ. بي رُخيَن جِي باھ ۾، سڙِي ويُون ڪي ساعتُون. لُڇُون پيا، پُڇُون پيا، رُٺَل اسان کان راهتُون. اوهان جي ناز کان نِمِي، اسان پِنيُون عِنايتُون. اسان جِي آھ ڏي اوهِين، ڌَريو ته ها سماعتُون. سائل جِي ڪا صدا سُڻِي، ڪيو ذرو سو ڪِياس ها. اکيُون اُڃاريُون آهن، اڃا مِلڻ جِي آس آ. رفِيق ٿِيو، شفِيق ٿِيو، ڪيو اسان تي شفقتُون. سخا ڪيو، عطا ڪيو، اسان کي پنهنجُون صُحبتُون. اچو مَنڊيُون ڪي محفلُون، اچو وَنڊيُون ڪي مُحبتُون. ڳنڍيُون ڳنڍِير وانگيان، هُڻ نِينهن جُون ڪي نُسبتُون. مِير لئه مُضَر پِرِينءَ، برھ سندو بنواس آ. اکيُون اُڃاريُون آهن، اڃا مِلڻ جِي آس آ.