فياض منصور
سينيئر رڪن
غزل
آس جا گل هزارين کڙي ٿا پون
لفظ سورج مکي جيان ٽڙي ٿا پون
درد جاڳي پوي ننڊ مان ٿو تڏهن،
سار جا ساز جڏهين ڇڙي ٿا پون
در خيالن جا ٽوڙي اچن ٿا ء پو،
گيت ڪاغظ اڱڻ ۾ گهڙي ٿا پون
وار کولي اڱڻ تي سمهين ٿي جڏهن،
چنڊ تارا مٿان تو مڙي ٿا پون
قيد ڇو ٿو رکين ڏينهن سارو فياض؟
لڙڪ منهجا ئي مونسان چڙي ٿا پون
آس جا گل هزارين کڙي ٿا پون
لفظ سورج مکي جيان ٽڙي ٿا پون
درد جاڳي پوي ننڊ مان ٿو تڏهن،
سار جا ساز جڏهين ڇڙي ٿا پون
در خيالن جا ٽوڙي اچن ٿا ء پو،
گيت ڪاغظ اڱڻ ۾ گهڙي ٿا پون
وار کولي اڱڻ تي سمهين ٿي جڏهن،
چنڊ تارا مٿان تو مڙي ٿا پون
قيد ڇو ٿو رکين ڏينهن سارو فياض؟
لڙڪ منهجا ئي مونسان چڙي ٿا پون