جيون ڪوئي، جھوٽو آھي، پوءِ به حياتي، اڻکٽ ۽ بي انت مسافر، پنڌ جو ڪوئي ڇيھه نه ڇيڙو، پوءِ به زماني جي راھن تي، ڪيئي ڄمارن جي ھيءَ گاڏي، اڄ به رھي ٿي اڳتي ھلندي، مٽيءَ جي ھي ماڳ اڃا ڀِي سُر ۽ سازَ جي من موھيندڙ آلاپن سان گونجي پيو. ڪڏھن ھن جي ”اڄ“ جي ڪائي سُھڻي سُھڻي ”ڪالھه“ به ھئي، حال جي ھر ھڪ ڳِڙکِي پويان، ماضيءَ جي ڪا سندر صورت، سوچ لوچ جا ڳھڻا پائي، پاڻ لُڀائي، ويٺي ٻھه ٻھه ٻَھڪي چَھڪي. ڪنھن جي آس ۽ پياس جو تحفو، ڪنھن جي سوچ جو گوشو گوشو، پنھنجي سڃاڻپ جي نشاني ھر ڪو ڇڏي ويو. مٽيءَ جي ھن ماڳ اندر، ڀاڳ سَڀاڳَ جي اُھڃاڻن جو انت نه آھي قبن ۾ مدفون محبت، عظمت واريون ڪيئي ڪھاڻيون، گذريل گھڙين جي راھن تان، گذري ويندڙ پانڌيئڙن جون ڪيئي نشانيون، جھور پراڻيون: اڻکٽ ھسوارن جي گھوڙن جا ٽاپولين جا پڳ ۽ پيرا، فتحمندن جا دڳ ۽ ديرا. مٽيءِ جو ھي ماڳ اڃا ڀِي سُر ۽ سازَ جي من موھيندڙن آلاپ سان گونجي پيو، پوءِ به رڳو خاموشيءَ جا بيجوڙ پڙاڏا ٻڌجن ٿا، ڪڏھين ھن جي ”اڄ“ جي ڪائي سُھڻي سُھڻي ”ڪالھه“ به ھئي. حال جي ھر ھڪ ڳڙکيءَ پويان، ماضيءَ جي ڪا سندر صورت، سوچ ۽ لوچ جا ڳھڻا پائي، پاڻ لڀائي، ويٺي ٻھه ٻھه ٻھڪي چھڪي. ھنِ ئي ھنڌن تي ڪڏھن وساريل وقتن پنھنجو اوج ڏٺو ھو، ھن ئي ھنڌن تي ڪڏھن گلن تي بلبل پنھنجو رقص ڪيو ھو، ڪنھن جي آس ۽ پياس جو تحفو، ڪنھن جي سوچ جو گوشو گوشو، پنھنجي سڃاڻپ جي نيشاني ھر ڪو ڇڏي ويو. ھن ئي ھنڌن تي ھنرمندن جي ھٿن عجب شھڪار سنواريا، اھڙا اھڙا وکر وھايا، پئي پئي جي ڪڏھن نه ھرگز ٿين پراڻا. اھڙا وينجھرَ، جيڪي ڏات جا ڏيئا ٻاري، رات کي ڏينھن جو روپ ڏئي ويا، ھاڻي سڀ ڪجھه مٽيءَ جي سيني ۾ آھي، پوءِ به ھت ئي، گذريل ڏينھن جي سا جڳمڳ جوت جلي ٿي، جِھرمِر جِھرمِر، جَڳمڳ جوت جلي ٿي، ڪِرڻو ڪِرڻو ذرڙن کي چمڪائي، چوڏس چنڊ ڪري ٿو، ڪين منجھاران ڪُل ڪري ٿو.