جڏهن سڪندر مري ويو، تڏهن ارسطا طاليس چوڻ لڳو ته اي بادشاه، جيستائين تون دنيا ۾ جيئرو هئين تيستائين تون ماڻهن کي نصيحت ڪندو رهئين، مگر اڄ ڏينهن جي نصيحت انهن لاءِ نهايت ڪافي ۽ سبق سيکاريندڙ آهي، ڇالاءِ جو حال جي نصيحت قال جي نصيحت کان هميشه ياده موثر هوندي آهي. اي دل، مون پکين (عاشقن، عارفن) جون سڀ زبانون توکي کولي ٻڌايون. هاڻي تون غفلت ڇڏي فهم ۽ فراست کان ڪو ڪم وٺ. سيمرغ جي اڳيان انهيءَ شخص، واقعي اڪسير بنايو (ڪامياب ٿيو) جنهن سڀني پکين جي ٻوليءَ کي سمجهي ورتو. اي عزيز، يوناني فلسفي اندر تون روحاني دولت ڪٿي سڃاڻي سگهندين؟ جيستائين تون انهيءَ فلسفي کان پاڻ کي الڳ نه ڪندين تيستائين تون دين جي فلسفي کان واقف ٿي نه سگهندين. مان (پنهنجي معرفت جو) قسم کڻي ٿو چوان ته منهنجي نزديڪ ڪفر جو ”ڪاف“، فلسفي جي ”ف“ کان وڌيڪ محبوب ۽ پسنديده آهي. مديني جي فلسفي، يوناني فلسفي کي شڪست فاش ڏيئي ڇڏي آهي. تون انهيءَ فلسفي کي ڌوڙ ۾ ملائي، وڃي دين جي راهه اختيار ڪر جا صحيح ۽ سالم آهي.