مولوي معنوي ارتقائي صوفي ۽ حڪيم هجڻ ڪري سڀني مسلمان حڪيمن ۽ صوفين ۾ هڪ امتيازي خصوصيت ٿا رکن. مثنويءَ ۾ پنهنجي ارتقا جي نظرئي کي پاڻ ڪيترين جاين تي مختلف انداز ۾ بيان ڪيو آهي. فرمائن ٿا ته تون پنهنجي هستيءَ جي شروعات ۾ انهن ئي چئن عنصرن باهه- پاڻي- مٽي ۽ هوا جي منزل ۾ هئين. جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ترقيءَ جو ميلان نه هجي ها ته ان کان اڳتي قدم نه هلي سگهي ها. خدا تعاليٰ صرف وجودن جو خالق ئي نه بلڪ تبديل ڪندڙ هستي به آهي انهيءَ جي ربوبيت جي تقاضا سان زندگي بهتر کان بهتر صورتن ۾ بدلجندي رهندي آهي. پيدائش جي شروعات کان هن حالت تائين روح هزارها صورتون اختيار ڪيون آهن ۽ هميشه بعد ۾ اچڻ واري صورت پهرين صورت کان بهترين هئي. سڄي ڪائنات ۾ فنا ۽ بقا جو قانون جاري آهي. هڪڙي صورت مان فنا ٿيڻ کان پوءِ ئي ٻي صورت ظاهر ٿي سگهي ٿي. موجوده دور جا ارتقائي حڪيم جن جي نظر مادي عالم کان اڳتي نه ٿي ڏسجي چون ٿا ته ارتقاءِ حيات انسان تائين اچي رڪجي پيو آهي. هاڻي هن ۾ عقلي ترقي ٿي سگهي ٿي. عملن ۽ فنن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. معاشرت جو اصلاح ٿي سگهي ٿو. صحت ۽ عمر ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو. اخلاقي حالت بهتر ٿي سگهي ٿي ليڪن انسان جو ڪنهن ٻي خلوق ۾ تبديل ٿيڻ ممڪن نه آهي. مگر ان جو ڪو ثبوت انهن وٽ ڪونهي. زندگي جي ڊگهي تاريخ انهن جي ڪوتاهه نظريءَ جي ترديد ٿي ڪري. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هن ماديت جو سبب اهو آهي ته جماد کان نبات ۽ نباتات کان حيوانات ۾ انسان تائين جيڪي منزلون زندگيءَ طئي ڪيون آهن اهي ته هنن کي نظر اچن ٿيون جهڙي طرح انسان خشڪيءَ جي سفر ۾ جن شهرن ۽ ڳوٺن کان لنگهندو آهي. اهي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. خسڪيءَ ۾ ته منزلون هونديون آهن. ليڪن اڳتي جيڪڏهن سمنڊ اچي وڃي ته ان ۾ منزلون ڪٿي هونديون! انسان کي هاڻي وڌيڪ جنهن جهان ڏي وڌڻو آهي اهو روحاني جهان آهي. جسمان ٻنهين حالتن ۾ نه ڪو اڱڻ آهي ۽ نه ڪا ڇت. سمنڊ جي مرحلن ۾ نه ڪو مينار آهي نه ڪا جاءِ ۽ انهن منزلن جو نه ڪو نالو آهي نه نشان. ليڪن اڃان اڳتي به منزلون آهن. جن جي اصليت بيان ڪرڻ مشڪل آهي. هنن منزلن جي وچ ۾ مفاصلا وڏا طويل آهن. نباتات کان وٺي روح تائين جيڪو رستو زندگيءَ طئي ڪيو آهي. ان کان هزار دفعا وڌيڪ مفاصلا اڳي جي منزلن جي وچ ۾ آهي. مطلب ته ارتقا ۽ حيات (زندگيءَ جي ترقي) هڪ نه کٽڻ وارو سفر آهي. رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته جنهن ماڻهو جا ٻه ڏينهن هڪ جهڙا گذريا اهو نقصان ۾ آهي ”من استوا يوماه فهومغبون“ زندگيءَ جو مقصد اهوئي آهي ته رڪجڻ کي مسلسل ترڪ ڪري تازه تازه صورتون اختيار ڪجن. فرمائن ٿا ته ڏسو رڪجڻ کي قربان ڪرڻ ۾ کجور جو وڻ به تنهنجي لاءِ سبق آموز آهي. هو پراڻا پن ڪيرائي ٿو ته هن کي وري تازا پن ملندا رهن ٿا. هڪ گندو ۽ بخيل شخص ڦاٽل پراڻن ڪپڙن کي ڇڏڻ نه ٿو گهري. چتين ۽ پراڻن ڪپڙن جو ڍير پنهنجي بدن تي يا پاڻ وٽ لڳائيندو ٿو رهي. اهڙا گندا ۽ ڦاٽل ڪپڙا ته ڪو انڌوئي ان کان تحفي ۾ وٺندو. ارتقا ۽ حالتن جي تبديليءَ جي منڪر جو حال انهيءَ حبشيءَ جهڙو آهي. جيڪو سمجهي ٿو ته مان اصل فطرت ۾ ڪارو آهيان ۽ منهنجي منهن جي ڪارنهن جو ڪو علاج ڪونهي. ليڪن هڪ سفيد خوبصورت انسان جي منهن تي جڏهن ڪارنهن لڳي وڃي ته هو فورا ان کي دور ڪرڻ لاءِ سوچيندو. جنهن انسان کي هي يقين ٿي وڃي ته مان اصل ۾ لاهوتي پکي آهيان. اهو جيڪڏهن زمين تي ڪري پوي ته سخت بيقرار ٿيندو ليڪن زمين تي ئي گهمڻ واري ڪڪڙ کي پرواز کان محروم هجڻ جو ڪو صدمو ڪونهي. مقصد هي آهي ته زندگيءَ جو اصل ميلان ارتقائي آهي. هڪ ئي حالت تي قائم رهجي وڃن ۽ تبديليءَ جي تمنا نه ڪرڻ موت جي برابر آهي. رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ٽن قسمن جا ماڻهو قابل رحم هوندا آهن. هڪڙو اهو جيڪو پنهنجي قوم ۾ سرداري ۽ اقتداري رکندو هو. ليڪن ڏينهن ڦري وڃڻ سبب هو ذليل ٿي ويو هجي. ٻيو اهو جيڪو ڪڏهن امير هو هاڻي مفلسيءَ ۾ گرفتار آهي ۽ ٽيون اهو عالم جيڪو جاهلن جي وچ ۾ گهيرجي وڃي ۽ علم جا ناشناس ان جي مذاق اڏائين. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته عام طرح انسانن جي به اهائي حالت آهي. ابن آدم احسن تقويم مان اسفل السافلين ۾ ذڪر ڪيو آهي. مگر گهڻا بصيرت جا صاحب اهڙا آهن، جن کي پنهنجو مقام وسريو نه آهي. اهي بيتاب ۽ پنهنجي اصل ڏي هلڻ ۾ ڪو شان آهي. انهن کي پنهنجي مسجود ملائڪ هجڻ جي حيثيت ياد آهي. آدم عليه السلام پنهنجي اصلي حيثيت ۽ حقيقت ۾ الله تعاليٰ جي نائب جي حيثيت ۾ جهان جو سردار به هو غني به هو. ”علم آدم الاسماءَ“ جي بدولت عالم به هئو. هاڻي اهو ٽنهين حيثيتن ۾ ڪري پيو آهي. جن کي پنهنجي اصليت ياد آهي انهن جي متعلق هي درست آهي ته (کل شيءِ يرجع الا اصله) پنهنجي ماهيت ۾ انسان ذات الاهيءَ سان اهڙي طرح وابسته هئو جيئن شاخ وڻ جي ٿڙ ۽ پاڙن سان وابسته هوندي آهي. يا هڪ زندهه عضوو زندهه جسم سان رابطو رکندو آهي. عضوو جيڪڏهن ڪٽجي وڃي ته اهو مري ويندو آهي يا ڪجهه دير تائين ان ۾ حرڪت ۽ تڙپ محسوس ٿيندي آهي. جيڪي ماڻهو براين ۾ خوش ٿي ويا آهن انهن جي حالت انهن ڪتن جهڙي آهي جن کي ڍونڍ به لذيذ طعام معلوم ٿيندو آهي. (الدنيا جيفته و طالبها کلاب) مؤمن جو مثال ائين سمجهو جيئن ڍڳن ۽ گڏهن جي وچ ۾ هرڻ ويچارو حيران پريشان ڌڪا کائيندو ٿو وتي اهو مظلوم اجنبي آهي. جنهن جي غذا ۽ فضا ٻي هئي. رسول ڪريم ﷺ جن اسلام جي نسبت فرمايو ته هو دنيا ۾ آيو ته اجنبي هو ۽ آخر اجنبي ٿي پوندو. هرڻ ڍڳن ۽ گڏهن کان هيڏي هوڏي پاسيرو ٿو رهي ۽ گهٻرائي ٿو ته هو وري پاڻ ۾ ائين ٿا چون ته هي حضرت ائين ٿو بنجي ڄڻ ته اصل ڪو شهزادو آهي. ڪو مسخري ڪندي چوي ٿو ته هن کي وارو نه بلڪ شاهي تخت گهرجي. هرڻ نه انهن جي غذا ڏي رغبت ٿو ڪري ۽ نه وري هو ڪجهه ڏيڻ ٿا چاهين. مگر هڪڙو گڏهه هڪ ڏينهن بيمار ٿي ٿو پوي ۽ وقتي طرح ان جي بک ختم ٿي وڃي ٿي هن چيو ته اڄ هن مٿي ڦريل اجنبيءَ کي دعوت ڏجي. گڏهه هرڻ کي چيو ته وٺ هي شوق سان کاءُ مگر هرڻ چيو ته منهنجي به طبيعت خرا ب آهي ۽ مون کي به بک ڪانهي. ان تي گڏهه چيو ته نه تون پاڻ کي معزز ۽ اسان کي ذليل ٿو سمجهين ان ڪري اسان جي دعوت کي رد ٿو ڪرين. هرڻ دل ۾ پيو چوي توکي هيءَ دعوت ٿي معلوم ٿئي. مگر منهنجي به طبعيت خراب آهي ۽ مون کي به بک ڪانهي. ان ڪري اسان جي دعوت کي رد ٿو ڪرين. هرڻ دل ۾ پيو چوي توکي هيءَ دعوت ٿي معلوم ٿئي. مگر منهنجي لاءِ آفت آهي ڇو ته هي منهنجو کاڌو نه آهي مان ته چراگاهن ۾ سنبل ۽ لاله کي کائيندي به ناز ۽ نخرا ڪندو هئس. گڏهن چيو ته اها اڃان ٻٽاڪون هڻ. ٻئي ملڪ ۾ وڃي مسافر ائين ٻٽاڪون هڻندو آهي. مؤمن ٻانهو جڏهن روحانيت جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته هن ظاهري بي خوراڪيءَ جي باوجود اسان کي خدا جي دستر خوان تان بهتر رزق ملندو آهي. جنهن جي لذت توهان جي خيال ۾ به نه ٿي اچي سگهي ته تنگ نظر ۽ بي بصيرت دنيادار سمجهي ٿو ته هي صرف ٻٽاڪ آهي. مؤمن جي حالت اهائي حديث نبويءَ جي مطبق آهي ته دانا جي نادان مذاق ٿا اڏائين. مولانا رومي