هڪڙو ڪو غريب شخص هو، تنهن کي ٻنيءَ جو ٻارو پنهنجو هوئي ڪونه ۽ ٻيلپو هن کي ڪٿي مليو ئي ڪونه ٿي. انهيءَ ڪري هو سڄو ڏينهن گهر ۾ ڇنل کٽولي تي ڪرونڊڙو ٿيو ستو پيو هوندو هو. نيٺ زال جي اوڀالن کان تنگ ٿي، هڪڙي ڏينهن جيئن تيئن ڪري هو گهر کان ٻاهر نڪتو، ۽ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون پائي، ويلي مانيءَ ۽ ڪاسي ان جي وروتي هڪڙي مجيريءَ جي واڙي تي واهي ٿي وڃي بيٺو. ٻئي ڏينهن صبح جو زال کي چيائين ته ”ڀاڱن ڀري، مان ته وڃان ٿو مجيريءَ جي واڙيءَ جي واهپ ڪرڻ: منهنجو ڏينهن ته ويلو کائي گذري ويندو، تون به حالي ته پاڙي مان ڪا لپ اٽي جي وٺي. لولو ٿڦي. پيٽ ٻل ڪري ڇڏج. ايندڙ، مجيريءَ کان ورو جي ان مان ٽويو اڌ وٺيو ايندس. پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان.“ ائين چئي نيرانو ئي. منهن به ڌوتو نه ڌوتي جهڙو. هو وڃي مجيريءَ جي واڙيءَ تي نڪتو ۽ اتي ويهي واڙيءَ جي واهپ ڪرڻ لڳو. لڙيءَ منجهند جو مجيريءَ جي گهران هن لاءِ ماني آئي جوئر جا ٻه ڍوڍا بصر جي ڳنڍ، ٽڀو لسيءَ جو ۽ ڍڪڻيءَ تي لوڻ جي چپٽي. ماني کائي ڍو ڪيائين ۽ اوگرائي ڏيئي اتي ئي پيهيءَ جي ڇانو ۾ ٻني تي ڪنڌ رکي، گوڏا سوڙها ڪري پئجي رهيو. ۽ ائين اتي پئي پئي. مٿان اچي سانجهي ٿيس. جيئن ئي سج اولهه جي وڻن ۾ لڙيو، تيئن اٿي سڌو گهر جو منهن ڪيائين. ۽ اچڻ سان پنهنجي ڇنل کٽولي تي پاڻ کڻي ڇڏيائين ۽ زال سان به ڳالهايو نه ڳالهائي جهڙو، اتي ئي ننڊ ۾ آلوٽجي ويو. ڪا مهل نه گذري ته اوچتي هن جي اک کلي ويئي. ۽ ڪا ڳالهه ياد آيس. ۽ ڇرڪ کائي هو اٿي ويهي رهيو. زال کي چيائين ته ”ڳالهه ٻڌي اٿئي ٻيو ته سڀ ڪم ٿيو ڀلو. پر هڪڙي ڳالهه ڪسي ڪري آيو آهيان. مجيريءَ جي گهران جيڪا ماني آئي هئي، اها کائي، ٿانو اتي ئي اونڌا ڪري، پيهيءَ جي ٻاهران ڇڏي آيو آهيان انهن جو الائي ڇا ٿيندو؟“ زال چيس ته ”سڀ ڪم ڇا ڀلو ٿيو! نه آندئي ورو جو ان، نه موٽايئي مانيءَ جا ٿانو. اچڻ سان منهن سڄائي سمهي پئين، ڄڻ وڏي ڪا دس هڻي آيو هئين! مون کي ته ڊپ آهي ته ڪٿي اتان به نه مليئي جواب. تنهنجا حال ئي جي اهڙا ٿيا! اهي مجيرياڻيءَ جا ٿانو اتي جهنگ جا جانور لٻي ۽ وٽاري ڇڏيندا هاڻي وڃ، پر هينئر وڃ.، ۽ اهي اتان کڻي، مجيريءَ جي گهر پهچائي اچ، نه ته چوندا ته هي ته ڪو اورٿو ٻيلي بيهاريو اٿئون. ماني کايو ٿانو اتي ئي واڙيءَ ۾ اونڌا ڪيو اڇلايو ڇڏي ته ڀل جهنگ جا نجس مرون انهن کي لڪين ۽ چٽين. زال جون اهي سڌيون ٻڌي. انهيءَ ئي مهل هو اٿي مجيريءَ جي واڙيءَ ڏانهن ڀڳو ۽ اتي پهچندي پهچندي سمهياڻيءَ جي گهُگهه اونداهي ٿي ويٺو. هوڏانهن واڙيءَ جي پهرئين ٻنيءَ تي، اڃا پير ئي ڪين پيس ته ڪنهن جي هڪ ٻڌائين ”ڪير آهين؟“ ”اتي بيهه! متان اندر واڙيءَ ۾ پير وڌو اٿئي.“ ههڙي بيگاهه وقت ۾، پري کان هيءَ ڀُلڪار ٻڌي، همراهه جو حال ته ساهه ئي لڱن مان ڇڏائي ويو. سامهون کڻي جو ڏسي ته ڪنن کان مٿي ڊگهيءَ ڏانگهه سان هڪڙو اڇن ڪپڙن ۾ پيرمرد آهي. جيڪو سندس واٽ جهليو، آڏو بيٺو آهي! مجيريءَ جي واڙيءَ ۾ هيءُ اوپرو، اڇن ڪپڙن ۾، ڊگهي ڏانگهه سان آڏو بيٺل پير مرد ڏسي، هيڪر ته هيءُ سڄو ڏڪي ويو، پر دل جهلي، سڪل چپن تي زبان ڦيرائي، اڌ ساهو جواب ڏنائين ته ”اڙي سائين، مان ته مجيريءَ جو ٻيلي آهيان. اڄ ئي ڪم تي چڙهيو هوس، منجهند جو مانيءَ جا ٿانو ڀل کان هتي وسري ويا هئا، سي کڻي مجيريءَ جي گهر پهچائڻ آيو آهيان.“ لٺ تي ٻيئي مٺيون زور سان کپائيندي، پير مرد انهيءَ ئي ڪڙڪي سان چيس: ”ٿانو مجيريءَ جي گهر پهچي ويا، تون وڃي پنهنجي ڪر!“ هيءُ ويچارو هن غيبي مرد جا اهي اگرا اکر ٻڌي، جتي هو اتي بنڊ بڻجي بيهي رهيو. ساهه ئي نه پيو کڄيس. نيٺ گهٽجي گهٽجي. چيائين: ”اڙي سائين، مون کان ٿي! پر رڳو هيترو ٻڌائينم ته تون ڪير آهين، هتي ڪيئن آيو آهين؟“ پيرمرد جواب ڏنس ته ”آءٌ تنهنجي مجيريءَ جو ڀاڳ آهيان. لوڪ ستي هن جي کيت کري ۽ گهر وٿاڻ تي پهرو ڏيندو آهيان.“ پيرمرد جي هيءُ ڳالهه ٻڌي، هن شخص جون وايون بتال ٿي ويون. ڪجهه نه پيو سجهيس. نيٺ رکي رکي، ڪا مت آيس، سو همت ڪري، پيرمرد کان پڇيائين ته ”سائين، تون منهنجي مجيريءَ جو ڀاڳ آهين، هنڌين ماڳين پيو پسارا ڪرين. ڪٿي منهنجو ڀاڳ به ڪنهن واٽ پنڌ توکي گڏيو! ورهيه ٿيا جو هو مون کان رسي ويو آهي. ڪڏهن ڪو اهو مون کي وري ملندو ۽ آءٌ به ڀاڳ وارو سڏبس؟“ اتي پيرمرد کي به ڪا ڳالهه ياد آئي، ۽ هو ڪجهه ڪنئرو ٿيو، ۽ جواب ڏنائينس ته ”اڙي ميان، تون اهو روئڻو، منهن سوڻو، ڇنل کٽولي سمهڻو، ته ڪونه آهين، جنهن پنهنجي ڀاڳ کي لتون هڻي لوڌي ڇڏيو آهي! هائو، هائو، تنهنجو ڀاڳ کي منهنجو ڏٺل آهي. اهو هينئر به ستن سمنڊن جي وچ ۾ ستو پيو آهي. هجين ڪنهن ڳالهه ۾ ۽ اٿيئي ڪا ٿوم، ته ڳولي وڃي هٿ ڪرينس. ڀاڳ ورائڻ اهڙو ڪو ڏکيو آهي ڇا، جو ڪين ورندو! مڙد جو ڀاڳ هن جي هٿن ۾ ئي ته هوندو آهي!“ پيرمرد جي هيءُ للڪار ٻڌي، همراهه اتان واڙيءَ جي ٻاهران ئي ورائي پٺ ۽ سڌو آيو گهر، ۽ اچڻ سان زال کي چيائين ته ”ڀاڳن ڀري، هاڻي هيءَ اٿئي پنهنجي موڪلاڻي. کيت ۾ مجيريءَ جي ڀاڳ سان اوچتو تنهنجي ڀاڳين منهنجي ٿي ويئي ملاقات. تنهن ڏنو آهي مون کي منهنجي ڀاڳ جو ڏس. ستن سمنڊن جي وچ ۾ مڙس ستو پيو آهي. سو وڃان ٿو ان کي ڳولڻ، حياتي هوندي ته هن کي ورائي، پاڻ سان وٺي ٿو اچان. ۽ پاڻ به موٽي ملنداسين ۽ پوءِ ٿينديون پنهنجون عيدون! نه ته پرتينءَ ڌڻيءَ کي. مون کان وڌيڪ مڙداڻي تون پاڻ آهين. پوئتان دعا ڪندي رهج باقي يادگيري منهنجي هانءَ ۾ تنهنجي به ائين کتي رهندي. جيئن مڇي جي ڪلين ۾ ڪنڍي!“ ائين چئي، هٿ ڇنڊي انهن کي مهٽيندو، ڏسندو، انهن ئي پيرن تي گهران نڪري، هو اٿي پنڌ پيو. ۽ هلندي هلندي، اها رات سڄي ۽ ورندو ڏينهن سڄو پنڌ ڪندي ڪندي، اچي هڪڙي ڳوٺ کان مٽيو، ۽ ڏٺائين ته وڏي ڪا جُنگ دعوت آهي. اها اوسي پاسي جا سوين هزارين ماڻهو کايو، وچينءَ وچينءَ جي مهل واپس پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽيا پيا وڃن! هيءُ به هلندي هلندي هو ٿڪو، ۽ خالي پيٽ سان وڌيڪ هن لاءِ هلڻ به ڏکيو هو. سو ٻه ٽي زورائتيون وکون ڀري، وڃي دعوت جي خالي ڇني تائين پهتو، ۽ پهرين ته جيڪي ڪمي ڪاري اتي بيٺا هئا انهن کان پاڻيءَ جي گهر ڪيائين. هڪڙو همراهه، هن کي پري کان آيل ۽ ايڏو بيحال ڏسي، ڊوڙي مٽ جي تري مان ڪپڙو پاڻيءَ جو ڀري، هن وٽ آيو، چي، ”ادا دير سان آئين، ديڳيون سڀ اوڌجي ويون، ڏسين ٿو ته پاڻي به مٽن جي تري ۾ مس ڪو چڪو وڃي بچيو آهي.“ ڏاڍو ڪو مون وانگر ڀاڳ جو ڀلو ٿو ڏسجين! پر هيءَ پاڻيءَ ڍڪ پي ڪا نڙي ته سائي ڪري وٺ! تيسين وڏيري وڏ ڌڻيءَ کي ڏسون ٿا جنهن جي اڄ هيءَ دعوت هئي، ته من ڪا ڦيلهي ڀت جي اندر گهر ۾ ڪٿي بچي هجيس. ته اها به ٿا آڻي تنهنجي آڏو حاضر ڪيون دل سست نه ڪر، سڀ سڻائي ٿي پوندي!“ تنهن تي، خالي هٿن پنهنجن ڏانهن ڏسندي، ڇني جي ان چرچائي همراهه کي هن جواب ڏنو ته ”يار ڏوهه ڪنهن جو ڪونهي ، مون کان منهنجو ڀاڳ ويو آهي رسي، اهو جي ساڻ هجيم ها، ته نه ديڳيون اوڌجن ها ۽ نه مٽ پاڻيءَ جا سڪن ها. پر سالن کان پوءِ هاڻي مون کي ان جو ڏس مليو آهي همراهه ڪو ستن سمنڊن جي وچ ۾ ستو پيو آهي سو وڃانس ٿو ڳولڻ. جي ملي ٿو وڃيم ته ورائڻ کان آءٌ به ڪونه گهٽائيندوسانس پوءِ ته يار ڳالهه ئي ٻي ڏسندين! موٽندي، هتان اوهان وٽان ٿيندو ويندس ۽ ان پنهنجي رسڻي يار جي اوهان سان به ملاقات ڪرائيندو ويندس. نه ته تيسين ته، يار ڏسين ٿو ته پاڻ ڪجهه ناهيون!“ ايتري ۾ ڇا ٿيو، جو ڳوٺ جو وڏيرو. جو ٻاهر نڪتو، سو هنن کي ائين بيٺي ڏسي، رڙهي سندن ڀريان آيو. ۽ بيهي هن ڀاڳ وڃايل، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ۽ پگهر ۾ شل همراهه جي سڄي ساري ڳالهه ٻڌائين، ته ٻڌڻ کان پوءِ هن کي چيائين ته ”مسافر يار، ماني دعوت جي جهجهي. دل ملول نه ڪر، اندر سانئڻ کي تو واري سڄي ڳالهه ٻڌائي، پاٽوڙو ڀت جو اجهو ٿو ڀرايو اچان. پر يار، هڪڙي ڳالهه منهنجي به ٻڌي ڇڏ پوءِ پاڻ مرضيءَ جو مالڪ آهين، زور بار تو تي منهنجو ڪونهي. موٽندي هتان ته هونئن ئي لنگهندين، سو جي توکي تنهنجو ڀاڳ ايترن ڪشٽن ڪاٽڻ ۽ ڪشالن ڪڍڻ کان پوءِ ڪٿي ملي وڃي، ته ٻيو نه ته هڪڙو سوال منهنجو به ته هن کان پڇيو اچج! هي، جيڪي سڀ همراهه هتي بيٺل ڏسين ٿو ۽ ٻيا به اهڙا سوين منهنجا هاري آهن، ۽ زمين جو به مون وٽ ڪو ڪاٿو ڪونهي، هن تر جي سڄي خلق ڄاڻي ٿي ته آءُ ڪيتريون خير خيراتون ڪريان ٿو ۽ صدقا صلواتون ڪڍان ٿو، پر باهه آهي جا منهنجي جند نه ٿي ڇڏي اندر ۾ باهه ٻاهر باهه فصل سڙيو وڃيم،. کرن کي اچيو ڪڏهن ڪڏهن باهه لڳي ته مطلب ته باهه آهي جنهن ۾ رڳو پيو جيءُ پچيءَ لڇي جيئڻ جو مزو ته ڪي سال ٿيا آهن، جو موڪلائي ويو آهي. تون پنهنجي ڀاڳ کان اهو ته پڇيو اچج ته هيءَ مون سان باهه جي ويڌن ڪهڙي آهي ۽ ڇو آهي؟“ وڏيري جو اهو سوال ٻڌي، هن همراهه رکيو پنهنجي دل ۾، ۽ دعوت جو ڀت ڍو تي کائي، رات جا چار پهر اتي آرامي ٿي، صبح جو ڍڪيءَ ۾ ئي اٿي اتان پنڌ پيو. وري به سڄو ڏينهن واڪيندو ووڙيندو. پنڌ ئي پنڌ. هلندو ڪاهيندو. جڏهن سج لهڻ تي ٿيس. ته هڪڙي ٻير جي وڻ وٽ اچي پهتو. جنهن جي پاسي کان پاڻيءَ جي ندي پئي وهي: ٻير هئي ڪا صوفڻ ٻير. پر هڪڙو ڏار ان جو سڪو پيو هو. ۽ باقي ان جي ٻن ڏارن جون ٽاريون صوفن جيڏن پڪل ڳاڙهن رس ڀريل ٻيرن سان جهنجهيون پيون هيون. ۽ انهن جي بار کان اهي هيٺ نميون بيٺيون هيون. هن همراهه کي به هئي سڄي ڏينهن جي بک. سو ٻه ڍڪ پاڻيءَ جا پي. ڪجهه ويرم رکي. ڀانيائين ته ٻير ڇني ڪجهه پيٽ ٻالنڀ ڪيان. پر جيئن ئي هڪڙي سائي ڏار تي چڙهي. هن ٻيرن ڀريل هڪڙي ٽاريءَ ڏانهن هٿ وڌايو تيئن اها اڀي ٿي. هن جي هٿ کان پري ٿي ويئي. اهڙيءَ ريت جڏهن ڪابه ٽاري هن جي هٿ ۾ اچي نه سگهي تڏهن پنهنجي هٿن ۾ جُوهه وجهي هن ڏٺو ۽ ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين ته ”هنن ٽارين جو به ڪهڙو ڏوهه! جڏهن منهنجو ڀاڳ ئي مون کان رسي ويو. ته ٻي ڪهڙي شيءِ مون سان رس ۾ رهندي! پر وري به چڱو. جو سالن کان پوءِ ڳولڻ نڪتو آهيانس، ۽ جي ٿو مليم ۽ ورائي ٿو وجهانس. ته هٿ ڊگهيري اهي ساڳيا ٻير به ڇني وٺندس ۽ ٻيا به سک ٿي پوندا!“ اڃان هن جي وات مان اهي لفظ نڪتا ئي مس. ته هن جي ڪنن تي ڪو آواز آيو ”ٻير توکي ملندا. پر هڪڙي شرط سان!“ هيڏانهن هوڏانهن ڪَن ڏنائين. پر سمجهي ڪونه سگهيو ته آواز ڪٿان ٿي آيو. جڏهن کان هن مجيريءَ جي واڙيءَ ۾ ان غيبي مرد سان ملاقات ڪئي هئي. تڏهن کان هو اهڙن عجائب تي هري ويو هو. سو ان آواز تي هو ڊنو بنهه ڪونه. پاڻ پڪائيءَ سان اهڙو ئي آواز ڪري. جواب ڏنائين ته ”شڙط قبول، پر ٻير ملن!“ هن جو ائين چوڻ ۽ هوا جو زوردار جهوٽو آيو ۽ ٻيرن ڀريل هڪڙي ٽاري جهٽڪو کائي اچي هن جي هٿ سان لڳي. ۽ هن ان مان پڪا پڪا ڳاڙها صوفي ٻير پٽي، کڻي پنهنجي مٺ ڀري ۽ اهي کائي پيٽ قوت ڪيائين، ۽ وڌيڪ به پورو پنهنجو جهول ڀري. کڻي ساڻ ڪيائين. ايتري ۾ اهڙو ئي اڳي جهڙو ڳرو آواز وري هن جي ڪن تي پيو. ۽ هن ڀيري هن ڏٺو ته اهو آواز ان وڻ مان پئي آيو! جي: ”ڀاڳ جو ڳولو آهين ته ڀاڳ تنهنجي هٿن ۾ آهي. ڀاڳ تو کي ملندو! پر موٽندي، پنهنجي ڀاڳ کان هڪڙو جواب وٺيو اچج ۽ هتي ڏيندو وڃج. هي منهنجو هڪڙو ڏار. جو سُڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي ۽ ڇو؟ وڻ جو هيءُ سوال ٻڌي ۽ سمجهي. هُن پنهنجيءَ دل ۾ رکيو. ۽ رات جا چار پهر وڻ جي ڀر پاسي ۾ اتي ڪٿي آرامي ٿي، صبح جو سوير، پکي پکڻ جي اٿڻ کان اڳ سجاڳ ٿي. پاڻيءَ ڇنڊو منهن تي هنئين ته هنئين جهڙو. الهه توهار، اٿي پنڌ پيو. پر هن جي ڀاڳ جو رستو هو، سو کٽڻ جو ئي نه هو! جيئن اڳتي تيئن اوکو! هلڻ سان هن به پوريون ڪري ڇڏيون. جيڏو هو اڳي روڳي ۽ ڪم ڇڏڻو. اوڏوئي هاڻ هو کاهوڙي ٿي پيو هو. هل هلان. هل هلان... ۽ هلندي هلندي. ڏاڍا ڪي ڏاکڙا ڏٺائين ۽ ڪشالا ڪڍيائين. ۽ نيٺ هلندي هلندي هڪڙي ڏينهن هو هڪڙي وڏي سمونڊ جي ڪپ تي اچي بيٺو... ۽ کڻي جو سامهون ڏسي، ته مار! هن جو ته ڪو اٿو مٿو ئي ڪونهي! ۽ هڪدم ايڏو وڏو سمنڊ سامهون ڏسي، هيڪر ته هن جو هانءُ ئي ٻڏي ويو. اکين تي هٿ ڏيئي. جوهه وجهي، پاڻيءَ جي جهاجهه تي جا نگاهه ڪيائين ته پري پري ڪا ننڍي ٻيٽاري ڏٺائين ۽ دل ۾ چيائين ته ”ڇا به هجي، پر اڄ راتهڙو اتي انهيءَ ٻيٽاريءَ تي آهي! ڇا، جي مون وارو ڀاڳ اتي ئي ستل هجي!“ هو به مڙس پنڌ جو ماريل ۽ ٿڪل. پر ڀاڳ به اتي ئي ڪا هن کي ڏک ڏني هئي، سو ڪا جهل ئي نه پيو سهي، سنڊ ته بيو هڪيو ڪونه هوس، پر مڙس هو تارو هاڙهه ۽ ڀاڳ هوس سمنڊن جي وچ ۾ ستل، سو هڪڙي سيڻهه سا هلندي هلندي ڪٿان هٿ ڪري ساڻ ڪئي هئائين. بس، مولهاٽو مٿي سان ٻڌي، سيڻهه کي ڦوڪي. اڇلي کڻي پاڻ سمونڊ ۾ وڌائين. ترندو وڃي، ترندو وڃي ڪڏهن ڳجهڙ، ڪڏهن ٻانهڙ، ڪڏهن دڙها، ڪڏهن ساهه ڀر - مطلب ته ترڻ سان هائيون ڪري ڇڏيائين. ۽ ترندي ترندي، بنهه ساڻو ٿي پيو. ۽ ٻانهون ۽ ڄنگهون ست ڇڏي ويس. پوءِ ته ڪو وقت ترڻ بند ڪري، رڳو سمنڊ ۾ ڦيڦي ڪاٺ وانگر ٽلڪندو رهيو. ائين ڪجهه دير ساهه پٽي، وري ترڻ شروع ڪيائين. ۽ نيٺ تري تري منهن اونداهيءَ مهل وڃي ان ٻيٽاري تي رسيو، ۽ بنهه ڏيئي وٺي، نستي بيجان بنڊ جيان جتي هو اتي پئجي رهيو ۽ انهيءَ پل اتي ننڊ کڄي ويس. صبح جو سج جي پهرئين پهرئين سوجهري سان هن جي اک کلي ۽ پاڻ کي ائين اجهاڳ سمنڊ جي وچ ۾ اڪيلو اڪيلو ڏسي. دل تي هيبت طاري ٿي ويس. ايتري ۾ هن ڏٺو ته جنهن ٻيٽاريءَ تي هو سڄي رات پيو هو سا ڌڏي رهي هئي! هو اڃان انهيءَ ئي اچرج ۾ هو ته ڏٺائين ته اها ٽلي وانگر پاڻيءَ ۾ اڳتي ترندي پئي ويئي! مڄاڻ جنهن کي هن ٻيٽاري سمجهيو هو. سان ٻيٽاري نه پر ڪا اجگر مڇي هئي ۽ اها هاڻي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻي اندر وڃڻ جي تياري ڪري رهي هئي! هيءُ ويچارو ايڏي اجگر مڇيءَ ۽ ايڏي بي انت سمنڊ جي آڏو هڪڙي بنهه هڏن جي مٺ! ائين پنهنجا پويان ڏينهن ڏسي، ساهه هيٺ ساهه مٿي، بيهي اڳيان پويان پنهنجا ڏوهه ڳڻڻ لڳو ۽ پنهنجن ٻنهي هٿن جون مٺيون ڀيڙي. وٺي هڪڙي پوين پساهن واري ڏاريندڙ دانهن ڪيائين ”او منهنجا ڀاڄوڪڙ ڀاڳ! پاڻ کي اچي ستن سمنڊن جي وچ ۾ وڌئي. پر مون کي به پاڻ وٽ سڏي، بي ڪفنو ڪري ماريئي ۽ هت مڇين جو کاڄ بڻايئي!“ مڇي، جا هيءَ دل ڏاريندر رڙ ۽ ڪنهن جي ڀاڳ نڀاڳ جي دانهن ٻڌي، سو ٻي ڪا ڳالهه ته پاڻي جي لڙ ۽ گوڙ ۾ هن ڪانه سمجهي، پر ايترو سو ڄاتائين ته ڪو ماڻهو آهي. جو سندس پٺيءَ سان ڄڪيو ۽ چنبڙيو پيو آهي ۽ دانهون ڪري! پوءِ پنهنجين اکين کي هيڏي هوڏي مچڪائيندي ۽ پڇ کي هت هت وراڪا ڏيندي، پهريائين ته هن پنهنجي پٺيءَ پاڻي مان ڪجهه ٻاهر ڪڍي. ۽ پوءِ پڇيائينس ته ”اي ننڍڙا پتڪڙا، مس ڏسڻ ۾ اچڻ جهڙا، ماڻهو جا ٻچڙا، مان ته رات جا چار پهر هن سمنڊ جي ڏنگي تي هتي اچي پنهنجين ڪلين کي ٺارڻ لاءِ آرامي ٿي هيس. پر تون گاهه کي ڪچڙو مڇين جو کاڄ ماڻهو بنا سنڊ جي هن اير سمنڊ کي هٿن سان کيڙي، ڪيئن اچي هتي رسئين! ڪهڙي توکي لاچاري هئي؟ ڳالهه ڪر!“ تنهن تي مڇيءَ کي هن جواب ڏنو ته ”اي عقلوند سمنڊ جي سچي، دل جي اڇي مڇي، ڪهڙي ٿي ڳالهه پڇين! منهنجو ڀاڳ ويو آهي مون کان ڇڏائي، تنهن کي پيو ٿو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليان. ڏس مليم ته ستن سمنڊن جي وچ ۾ هتي ڪٿي هو اچي ستو آهي. تنهن کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ هي جهنگ جبل ووڙيندو ۽ هيءُ اجهاڳ سمنڊ جهاڳي هتي آيو آهيان. وڌيڪ تون ئي سمنڊن جي ساهه سڀاڳ کي ڄاڻين ٿي، تون ڪا منهنجي واهر ڪندينءَ ته مون کي منهنجو ڀاڳ ملي ويندو.“ ان تي مڇيءَ جواب ڏنس ته ”ستن سمنڊن جي وچ جي ته مون کي ڄاڻ آهي. اتي ته توکي مان ٿي وٺي هلان. وڌيڪ تون ۽ تنهنجو ڀاڳ ڄاڻو اتي آهي يا ناهي، تنهن جي مون کي ڪل ڪانهي. پر جي توکي اهو اتي ملي ٿو ته منهنجو به هڪڙو سوال آهي، سو هن کان پڇي مون کي جواب ضرور ڏج - توکي وري موٽڻو به ته آهي. آءٌ توکي پوءِ ائين ئي پٺيءَ تي کڻي، موٽائي آڻي جتي چوندين اتي ڇڏينديس! مون سان آزار هيءُ آهي ته سمنڊ ۾ اندر ٽٻي هڻي تران ٿي ته ٿوريءَ دير کان پوءِ منهنجون ڪليون تپي وڃن ٿيون ۽ انهن مان چڻنگيون نڪرڻ لڳن ٿيون. پوءِ جيسين ٻاهر نڪري. ڪلين کي ساهه نٿي کڻايان ۽ ٺاريان نٿي، تيسين وڌيڪ پاڻيءَ ۾ اندر تري نٿي سگهان!“ مڇيءَ جي هيءَ ڳالهه ٻڌي، هن جي ڪوماڻل دل جي مکڙي ٽڙي پيئي، ۽ کلي خوش ٿي مڇيءَ سان هڪدم هائو ڪري، هن جون مهربانيون مڃيائين ۽ ڏاڍا هن جا ٿورا ڳايائين ۽ پوءِ مڇي هئي، تنهن سمنڊ جي پاڻيءَ تي مٿان ئي مٿان، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، هڪڙي پاسي منهن ڪري، وٺي ترڻ شروع ڪيو. ۽ سچ پچ ته پاڻيءَ تي ترڻ آهي ئي مڇيءَ جو ترڻ! بس، سيڙهون ڪندي، اڳتي وڌندي ويئي هيءَ ميان هو. سو رڳو پنهنجو پاڻ سوگهو جهليو يهڻ ۾ ئي پورو هو. مڇيءَ جون ڪليون پاڻيءَ کان مٿي ته ڪوسيون ٿيڻيون ئي ڪين هيون. سو مڇي به چوي ته اڄ نه تران ته ڪڏهن تران! اصل ترڻ سان ڇيهه ڪري ڇڏيائين. ڪٿي به هن جي ڍري ٿيڻ يا بيهڻ جي ته ڳالهه ئي ڪانه هئي، نيٺ سانجهيءَ سانجهي ڌاري هن جو ڇوهه ڪجهه هلڪو ٿيو، ۽ هوءَ مزي مزي سان آهستي آهستي اڳتي وڌڻ لڳي. پري پري کان هڪڙو ٻيٽ هو، جو ڏسڻ ۾ پئي آيو مڇيءَ جو هو سڌو انهيءَ بيٽ ڏانهن منهن ۽ ائين پاڻيءَ کي پنهنجي ارهه جي زور تي چيريندي ۽ ٿيلهيندي. اڳتي وڌندي ويئي، تان جو ڪنهن مهل هوءَ اچي اچي ان ٻيٽ جي ڪناري سان لڳي.، ۽ هيءُ ويچارو، جنهن کي پنهنجو ته ڪو وس ڪو نه هو. سڄو ڏينهن هو مڇيءَ جي وس ٻيو هو هوا جي وس ۽ سمنڊ جي انڇر پاڻيءَ جي وس سو وائڙن وانگر مڇيءَ جي پٺيءَ تان ٽپ ڏيئي لهي پيو ۽ بيهي اتي هيڏي هوڏي لؤڻا هڻڻ لڳو. مڇيءَ ٻيٽ تائين پهچندي پهچندي ايترو سو ڀڻڪو ڪيو هو، جو هن سڻي ورتو هو، ته ”ستن سمنڊن جو وچ جيڪو مان ٿي ڄاڻان اتي هن کي لاهڻ منهنجو ڪم، وڌيڪ هٿ پير ۽ ڪن اکيون ۽ زبان ته هن کي به آهن هوندس ڀاڳ ملڻو ته ملڻ ۾ ديرڪانه لڳنديس من منهنجين ندورين ڪلين جي ڇوٽڪاري جو به ڪو بلو ٿي پوي!“ ۽ ٻيٽ تي لهڻ سان هن پنهنجي ڀاڳ لاءِ چئني پاسي لؤڻا ورائي نهارڻ شروع ڪيو، پر سج لهي سانجهي ٿي چڪي هئي. ۽ سڄو ٻيٽ اوندهه ۾ ويڙهجي ويو هو. ۽ هو سڄي ڏينهن جو هو به ٿڪل ۽ ماندو سو مڇيءَ جي ئي ڀرسان ڪنڊ وٺي سڪيءَ جي پاسي ٿورو جاءِ ڪري ليٽي پيو ۽ ننڊ کڄي ويس. رات جا ٻه پک گذريا ته اوچتو هن جي اک کلي پيئي، جڏهن کان ڀاڳ جي ڳولا ۾ نڪتو هو. تڏهن کان کاڌي تان به گهڻو موهه کڄي ويو هوس ۽ ننڊ به هن کي مڙيئي ڪجهه گهٽ ايندي هئي. سو، اک جا کلي پيس ته ڏسي ته چنڊ هو. جو چڙهي آيو هو. ۽ ٻيٽ تي چوڌاري چانڊوڪي جو نور هو. سو ڇانيو پيو هو. اهو ڏسي هو اٿي کڙو ٿيو ۽ اٿي پنهنجي ڀاڳ کي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو چي: ”هن جي پٺيان هلندي هلندي ستن سمنڊن جو وچ ته اچي ڪيو اٿم: باقي هن ٻيٽ تي مون کان لڪندو به ته ڪٿي لڪندو!“ اکيون هيس . تن هر شيءِ ۾ اهڙي جوهه سان ٿي نهاريو. جو سامهون ڪٿي ڪا ڪيولي ٿي چري ته اها به انهن کان لڪي نٿي سگهي. ۽ ائين نهاريندي نهاريندي ڳوليندي ڳوليندي ، ڏسندي ڏسندي، پري کان ٻيٽ جي پوري وچ تي هن جي نظر هڪڙي همراهه تي وڃي پيئي، جو اڇي چادر تاڻيو. سنئون نئون ٿيو ستو پيو هو....۽ سچ پچ اهوئي هن جو ڀاڳ هو. پر هاڻي ته هيءُ به ان تائين رسي چڪو هو. ۽ کائنس ڀڄڻ جي واٽ ان کي به ڪانه بچي هئي وڌي وڃي هيءُ ان جي ويجهو بيٺو ۽ اتان ئي ان کي سڃاڻي، لڳو ان کي سڏن ڪرڻ... سڏ مٿان سڏ، منٿن مٿان منٿون سيراندي کان سڏ، پيراندي کان سڏ، پاسن کان سڏ. سڏن تي سڏ، منٿن تي منٿون! پر همراهه جو ڀاڳ هو سو ڪو ننڊ ۾ الوٽ، يا مرڳوئي ڪا موت جي ننڊ هيس سو سڏن ۽ واڪن ۽ منٿن ۽ آزين نيزارين جو هن تي ڪو اثر ئي ڪونه ٿي پيو. هيءُ ويچارو جو هيڏا پنڌ ڪري، ڏک ڏسي ۽ جهٽ پٽي، مس مس اتي پهتو هو. تنهن، جو پنهنجي ڀاڳ جي يڪي هيءَ ننڊ ڏٺي، سو دل وسامي ويس ۽ اچي وسوسي ورايس ته سندس ڀاڳ ۾ سندس ڪو ڀاڳ شايد هوئي ڪونه ۽ گهڙي لاءِ من ۾ آيس ته ”بس، هتي ئي هن پنهنجي ستل ڀاڳ جي پاسي ۾ مان به اڳو پوءِ ليٽي ٿو پوان. ننڊ اچي وينديم ۽ جيئاپي جي سڀني جهنجهٽن کان مرڳوئي جند ڇٽي پونديم!“ ايتري ۾ هن کي پنهنجي مجيريءَ جي ڀاڳ جي هڪڙي ڳالهه ياد آئي چي، ”ڀاڳ ورائڻ اهڙو ڪو ڏکيو به آهي ڇا. مڙد جو ڀاڳ هن جي هٿن ۾ ئي ته هوندو آهي!“ اهو هن جو گفتو ياد ڪري، دل ۾ چيائين ته ”پهريائين ته هٿ آهن انهيءَ منهنجي ستل ڀاڳ ۾ جو منهنجو ڀيچي ٿي ڪري، سڏ ٻڌيو به، ائين دت هنيو ستو پيو آهي. ۽ جي مئل آهي. ته به هيڪر ته اٿاري ٿو بيهاريانس!“ بس پوءِ ته نه ڪيائين ڪا گهڙيءَ جي دير، وجهندي پنهنجي ان ستل ڀاڳ جي مٿان پيل چادر جي پلاند ۾ هٿ.، کڻي ڊوهه ڏنائينس ته همراهه جاڳي پيو. اکيون ڏسوس ته ڳاڙهيون جهڙيون رت اها ته هن جي اڃا ڪا ڪچي ننڊ هئي! ۽ پنهنجي هاڙهيءَ کي ڏسي، هو اٿي ڪيڏانهن ڀڄي ئي ڀڄي، تنهن کان اڳ هن کڻي ٻانهن جي ڪرائي کان جهليس ۽ ڇڪ ڏيئي اٿاري اڳيان کڻي بيهاريائينس چي: ”سوگهو آهين پٽ! هاڻي منهنجي هٿن مان تون به جيڪو ڀڳين سو ڀڳين!“ ان کان پوءِ هي ٻيئي، يعني هيءَ کاهوڙي ۽ ان جو ڀاڳ. اکيون اکين ۾ وجهي. ڪا دير ته هڪٻئي کي ڏسندا رهيا. ۽ ائين ڏسي ڏسي هڪدم ڀاڪرين پئجي ويا ورهين جا هئا وڇڙيل سو صبح جي باک ڦٽڻ تائين هڪٻئي سان اوريائون ڏاڍا ڪي پختا وچن هڪٻئي ۾ ڏنائون ورتائون. اسان جي هن همراهه پنهنجي ڀاڳ کان پوءِ دعوت واري وڏيري، صوفڻ ٻير ۽ سمنڊ جي اجگر مڇي جي پنهنجي پنهنجي آزار جا به جواب ورتا - آزار انهن ٽنهي جو هڪڙو ئي باهه جو آزار هو. ۽ اها انهن کي ائين سيڪاٽي ۽ ساڙي رهي هئي! ايتري ۾ ٻيٽ تي اوڀر کان سج به امارا ڪيا. ۽ هي ٻيئي گڏجي هڪ ٿي، ڏور پنهنجي وطن جي وڻن ڏانهن موٽڻ لاءِ تيار ٿي، ٻيٽ جي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳا. چي، سمنڊ جي اجگر مڇي هنن لاءِ تري بيٺي هئي ۽ تيتر سمنڊ جي ڪناري سان پاڻيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ترندي ۽ پسارون ڪندي ٿي رهي. اتي، اوچتي الائي ڪهڙي ڳالهه ٿي، سو همراهه جو ڀاڳ ٽپ ڏيئي هتي پوئتي ٿي بيهي رهيو چي: ”مان توسان ڪونه هلندس! تون اهوئي ساڳيو آهين نه جنهن مون کي لتون هڻي پاڻ وٽان لوڌي ڪڍيو هو!“ ڀاڳ جو هيءُ نئون راڳ ٻڌي، همراهه جون ٻه به ويون ڇهه به ويون چي: ”ادا ، ڪيترا درد دک سهي تو وٽ آءٌ پهتو آهيان ۽ توکي اچي پرچايو اٿم ۽ هاڻي ٿو چوين ته آءٌ اهو ساڳيو آهيان ۽ تون مون سان موٽي ڪين هلندين! ٻيلي ائين نه ڪر، ڳالهه جيڪا دل ۾ اٿيئي سا کولي ڪر. ڪو پاءُ پاڻيءَ مون ڏانهن اٿيئي ته اهو به ٻڌاءِ يا ڪو شرط شروط هجيئي ته اهو به ڪڍي اڳيان رک!“ ماڻهوءَ جو ڀاڳ به ٿئي ٿو انتريامي، دل جو حال پهريائين ڪو ڄاڻي ئي هو ٿو. سو هن به همراهه کي کتي ٻڌائي چي: ”هٿن واري ڳالهه مجيريءَ جي ڀاڳ جي توکي ياد اچي ويئي، جو چادر کي ڊوهي ۽ ٻانهن کان جهلي. اٿاري کڻي مون کي اڀو ڪيئي، پر هن جي ٻي ڳالهه توکي ياد ڪانه آئي! توکي هن ڇا چيو هو؟ ياد ڪر!“ روئڻو، منهن سوڻو. ڇنل کٽولي سمهڻو! ”سو ميان جيسين تون اهو هوندين تيسين توسان اسان جي ياراني ڪانه ٿيندي. اسين يار، هتي سمنڊن جي وچ تي ستل ئي ٺيڪ آهيون!“ همراهه کي پنهنجي ڀاڳ جي هيءَ ڳالهه اهڙي لڳي جو وڃي ٿيا خير. پر جيئن پنهنجي زال کان موڪلائي، هو ڀاڳ جي ڳولا ۾ نڪتو هو، تيئن هن کي ياد ڪونه هو ته هن ڪٿي ڪا رنجهه ڪنجهه، ڪروڌ يا ڪانئرائي ڪئي هجي، دل ۾ آيس ته ”اڳي ته برابر سدائين بت کان بيزار، منهن چاڙهيو مئن جيان منهن ويڙهيو پيو هوندو هوس. پر هاڻي ته آءٌ اهو ناهيان، ۽ اها ڳالهه منهنجي هن ڀاڳ سڀاڳ کان لڪل به ڪانهي. جو هو منهنجو سڄو حال ڄاڻي ٿو! پر ڇڱائيءَ جي ڳالهه تي اجائي ڪر ڪر به چڱي ڪانهي!“ اها سوچ ڪندي، پنهنجي ڀاڳ کي چيائين ته ”ادا، تون ٺيڪ ٿو چوين، پاڻ کي هاڻي نه روئندو ڏسندين،. نه رنجهندو ڪنجهندي ۽ نه جڳ کان رٺل ڏسندين، تنهنجي ڳولا ۾ پاڻ هاڻ بدلجي بلڪل نوان ٿي پيا آهيون. ان جي خبر هاڻي توکي به آهي. ۽ جتي منهنجا هٿ، منهنجو هوش ۽ همت ۽ منهنجو هيچ هوندو، اتي تون به ته مون سان هوندين، پوءِ ڳڻتي ڇا جي! هاڻ هل ته هلون. ڳالهيون گهڻيون ٿيون، ڪم گهرجي...۽ ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اڳيان کوڙ پيو آهي!“ ائين پنهنجي ڀاڳ کي پاڻ سان سڀ ڳالهه ۾ سهمت ڪري بلڪ هن کي پاڻ سان هڪو هڪ ڪري، ۽ هن سان پڪ پڪاڻي ڪري ته اڳتي جتي پاڻ هوندو اتي ساڻس سندس ڀاڳ به گڏ هوندو. هو وڌي ٻيٽ جي ڪپ تي انهيءَ جاءِ تي آيو. جتي پهريائين مڇيءَ کيس اچي لاٿو هو: ۽ اچڻ سان مڇيءَ کي سلام ورائي. پاڻ ڏانهن سڏيائين چيءَ ”هل ڙي مائي مڇي اتي جتي پهرين پاڻ مليا هئاسون. ڀاڳ منهنجو من کي ملي ويو ۽ هن کي پرچائي پوريءَ ريت پنهنجو ڪيو، پاڻ سان موٽائي ورتيون پيو وڃان. تنهنجي سوال جو جواب به هن کان مون ورتو آهي چوين ته هتي توکي اهو ڏيان. چوين ته جتي پاڻ کي هلي بندر ڪرڻو آهي. اڳوپوءِ اتي هلي توکي ڏيان.“ مڇي جواب ڏنس ته ”ڀاڳ ته پنهنجو لڌئي پر ڀروسو ڀلجي وئين ته جنهن تي هيءَ سڄي دنيا پيئي هلي، هتي مون کي جواب ڏيندين. هتي ڇو نه! پنهنجي سوارٿ لاءِ پل به ڳرو ٿي لڳئي. منهنجي جواب لاءِ هيءُ بندر ڪرڻ جو باب ڇو؟“ مڇيءَ جي ڳالهه ٻڌي، هو ڏاڍو ڦڪو ٿيو. چي: ”مون کان ٿي، هاڻ تون وٺ پنهنجي سوال جو جواب تنهنجي ڪلين ۾ آهن املهه ماڻڪ ڦاٿل اهي جڏهن گسن ٿا ته انهن مان چڻگون اٿن ٿيون ۽ تنهنجي ڪلين کي باهه ٿي لڳي، ۽ توکان وڌيڪ پاڻيءَ ۾ اندر تريو نٿو ٿئي!“ مڇي اهو جواب ٻڌي، وسميءَ ۾ پئجي ويئي چي: ”برابر، هڪ ڀيرو هٻڇ ۽ هوڙهه ۾ سمنڊ جي تري ۾ هيٺ سد ڳڻين سچلين سپين جي بستيءَ ۾ گهڙي ويئي هيس ۽ انهن کي وڃي ڀڳو ڀوريو هوم، مڄاڻ انهن جا املهه ماڻڪ ڪلين ۾ ڦاسي پيا اٿم،. هاڻي منهنجي ان آزار کي سڃاتو به تو آهي. ۽ اهي پراوا املهه ماڻڪ منهنجي ڪلين مان ڪڍي به تون ئي سگهدين. ۽ ڪم ۾ به انهن کي تون ئي آڻي ٿو سگهين، سو اهي هاڻي سڀ ٿيا تنهنجا. ”ائين هٿ وڌائي، چار املهه ماڻڪ مڇيءَ جي ڪلين مان هن ڪڍي ورتا. ۽ پوءِ هو مڇيءَ جي پٺيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ مڇي وٺي سيڙهه ڪئي، ۽ سج بيٺي ئي اچي اتي رسي. جتي هو پهريائين هن کي مليو هو. اتان ته ڪناري تي آڻي هن کي ڇڏڻ ۾ سانڀاري سمونڊ جي هن مڇيءَ مهوڙ کي پوريون ٻه گهڙيون به مس لڳيون! هن همراهه پوءِ ڪناري تي بيهي، موٽي ويندڙ ان اجگر مڇيءَ کي سلام ڪيو. ۽ ان کي ڏسندو رهيو. ۽ هوءَ به ڪي گهڙيون ته سمنڊ جي ڇولين کي چيريندي، مٿان ئي مٿان ڪاهيندي ۽ ڌوڪيندي، اڳتي ويندي رهي. ۽ پوءِ پري پري وڃي. ڦيرو کائي. هن ڏانهن پويون ڀيرو ڏٺائين. ۽ پوءِ ٽٻي هڻي، سمنڊ جي بي انت گجگاهه ۾ گم ٿي ويئي. اها رات پوءِ هو اتي سمنڊ ۾ اک وجهي، ڪناري تي ئي سمهي رهيو. ۽ صبح جو وڏي اسر ساڳيائي پيرا وٺي وري اٿي پنڌ پيو. ۽ تکو تکو، هلندو هلندو، ڊاٻا ڪندو ڪندو نيٺ نماشام مهل هڪڙي ڏينهن اچي ان ساڳئي صوفڻ ٻير جي وڻ وٽ پهتو. جنهن جي پاسي کان پاڻي جي نهر پئي وهي ۽ جتي ويندي ويندي، هو رات جا چار پهر ستو هو. ۽ جنهن هن کي پنهنجا پڪا پڪا، ڳاڙها ڳاڙها، رس ڀريل صوفي ٻير کارايا هئا. ۽ کائنس هڪڙو سوال به ڪيو هو. صوفڻ ٻير کي ڏسڻ سان هو وڏي هيج مان وڌي، ان جي هڪڙي ڏار هيٺان وڃي بيٺو، ۽ هٿ وڌائي هيٺ نميل ان جي هڪڙي ٽاري مان صوف پٽڻ لڳو. پر انهيءَ ئي گهڙيءَ هن کي ڪو ويچار آيو. ۽ اتي ئي هٿ رڪجي ويس. ۽ ٿڙ ڏانهن منهن ڪري، ٻير سان ڳالهائڻ لڳو ڇو ته ان سان ائين ته هو اڳي ئي هيمڙ هو! چي: ”ٻير ڙي ٻير اصيلڻ، مائي نماڻي صوفڻ ٻير! تنهنجي سوال جو جواب به مان پنهنجي ڀاڳ کان وٺي آيو آهيان، پهرين ته مون کان وٺ اهو جواب، تنهنجا ٻير مون کان ڪو کنيو ڪونه ٿو وڃي، تنهنجي پاڙ ۾، سڪيءَ جي پاسي، هن تر جي هڪڙي ڪنهن پاکنڊي پر مار ۽ حرصي حرامخور ماڻهن جي ڪمائيءَ مان سون جون سرون جوڙائي، وڏي هڪڙي انهن جي ديڳ ڀرائي، تنهنجي سرڄڻ کان اڳ هتي هيٺ زمين ۾ اها پورائي ڇڏي هئي، ۽ ائين هن سڄي تر جا ماڻهو ڦر جي فقير ٿي ويا ۽ نه رهين پيٽ جي تؤڻ پوري ۽ نه تن ڍڪڻ لاءِ سڄو ڪپڙو، تنهنجي پاڙن کي هاڻي اها ديڳ ڌرتيءَ مان هيٺان پورو پاڻي پيئڻ ئي نٿي ڏئي. انهيءَ ڪري تنهنجو هڪڙو ڏار سڪي ويو آهي ۽ ٻئي کي به اچي سو ڪهڙي روتو آهي. ۽ جي اهو حال رهيو ته پاسي کان انهيءَ سدا وهندڙ نرمل نديءَ هوندي به نه تو ۾ ٻير ٿيندا ۽ نه ڪو سائو پن ئي رهندو.“ اها هن جي ڳالهه ٻڌي، ٻير سڄي ڪنبي ويئي، ۽ ڏاڍيءَ هر ٻر ۾ پئجي ويئي چي: ”انهيءَ آزار کان آجائي به تنهنجي هٿان ٿيندي ۽ هيءُ سڄو پٽ وري سائو ۽ سٻر به تون ئي ڪندين.“ سدگن سچليءَ صوفڻ ٻير جي اها ڳالهه ٻڌي، هن ڇا ڪيو جو اهو سڄو ڏينهن اتي رهي پيو. ۽ تر جا سڀ ماڻهو، جيڪي ائين هيڻا ۽ هٿين خالي بڻيا پئي ڦريا ۽ ان ڏينهن تائين اتي ائين ئي ڦربا ۽ ماربا پئي رهيا. تن کي سڄي سربستي ڳالهه ٻڌائي، ٻير جي آڏو وٺي آيو ۽ انهن سان اتي بيهي، اها ديڳ سونين سرن جي کوٽائي ڪڍي ٻاهر ڪيائين. ۽ ائين ٻير جي پاڙن کي انهن جي برٿيءَ ۽ باهه کان آجو ڪيائين. ۽ سڀ سون ۽ انهن جا ٽڪر ذريائتا ڪري سڀني ۾ پوري طرح ورهائي ۽ پاڻ به پنهنجي ڀاڳ جو انهن مان هڪڙو ٽوٽو کڻي، ٻئي ڏينهن صبح جو سڀني کي پنهنجي سک سلابت ۾ ستل ڇڏي، وڏي وڏي اسر اٿي اتان پنڌ پيو جو ڀاڳ جي پرچاءَ کان پوءِ پوئتان جي الڪي ۽ اون ۾ واڻي هن کي هڪ گهڙي به اجايو ڪٿي ويهڻ ڪونه ٿي وڻيو. واٽ تي هن کي اڃا دعوت باز وڏيري سان مکاميل ٿيڻو هو، جو ان جي سوال جو جواب به هن پنهنجي ڀاڳ کان وٺي ڇڏيو هو. ۽ سچ پچ ته ان جواب جي ڳالهه ايڏي ته وڏي ۽ ڪم واري ڳالهه هئي، جو سندس پنهنجي ڀاڳ ۽ ٻين سندس سڀني هٿ پورهيت ۽ هرهاري ڀائرن جي ڀاڳ جو آڌار به ان ڳالهه تي هو. انهيءَ ڪري ان وڏيري وڏڌڻيءَ سان ملڻ لاءِ هو ڏاڍو آتو هو. ۽ سڄي ڏينهن جي پنڌ کان پوءِ سانجهيءَ ڌاري جڏهن هو ان ڳوٺ ۾ پهتو. ۽ وڏيري سان مليو تڏهن وڏيري کي چيائين ته ”وڏيرا، هاڻي رڳو تنهنجي جواب جو بار مون تي رهيو آهي. سو تون به پنهنجي سوال جو جواب مون کان وٺي ڇڏ، ته انهن سوالن جوابن کان آءٌ به ٿيان آجو. ۽ وڃي لڳان پنهنجي اصلي ڪم کي - منهنجو ڀاڳ سالن کان پوءِ آهي مون سان پرتو. ۽ پوئتي ڳوٺ ۾ ڪيئي ڪم آهن، جو ڪرڻ لاءِ پيا آهن. ۽ منهنجو من هاڻي سڄو انهن ڪمن ڏانهن تڻيو بيٺو آهي. صبح جو سوير، لوڪ ستي، پنهنجي هتان الهه واهي آهي. پر پهرين تون پنهنجا هاري ناري ۽ ٻيا ماڻهو گڏ ڪري وٺ ته تنهنجي سوال جو جواب انهن جي اڳيان مان توکي ڏيان ته مر اهي به ٻڌن، ڇو ته ان جواب سان انهن جو به لاڳاپو آهي ۽ سچ ته اهو گهڻو تڻو آهي ئي انهن جي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ.“ وڏيري کي هو پنهنجي سوال جي جواب ٻڌڻ جو شوق، سو ماڻهو ڊوڙايائين، جيڪي ويا ۽ جهٽ ۾ وڏيري جي هارين نارين ۽ ڳوٺ جي ڪمين ڪاسبين ۽ ٻين عام ماڻهن کي آڻي وڏيري جي اوطاق ۾ حاضر ڪيائون. ماڻهن جي ائين اچي گڏ ٿيڻ کان پوءِ وڏيرو وڌيڪ دير سهي نه سگهيو، ۽ هڪدم هن کان جواب جي گهر ڪيائين. هيڏانهن هيءُ همراهه تيار ئي انهيءَ گهڙيءَ لاءِ ٿيو ويٺو هو. سو وڏيري ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳو ته ”وڏيرا، تنهنجو سوال هو ته تون ڏاڍيون خير خيراتون ۽ صدقا صلواتون ڪڍين ٿو پر باهه آهي، جا تنهنجي جند ئي نٿي ڇڏي. اندر باهه ٻاهر باهه، ۽ رڳو باهه ئي باهه آ، جنهن ۾ تنهنجو جيءُ پيو ۽ لڇي، ۽ جيئڻ جو مزو ئي توکان ڇڏائي ويو آهي: سو سائين کي چوان، تنهنجي سوال جو جواب هيءُ آهي ته تون جين ٿو ٻين جي ڪمائيءَ تي، ۽ اوب ارين ٿو گهڻو پوءِ نه پيٽ ٿو ڀرجئي ۽ نه ان جي سدائين ان نموني ڀرجڻ جي پڪ ٿي بيهئي. ائين تنهنجي اندر ۾ هٻچ جي باهه ۽ ڊپ جو ٻارڻ آڻهي پيا ئي پيا آهن. ۽ باهه آهي، جا توکي ڏينهن رات پيئي ساڙي ۽ ٻاري، ان باهه کي وسائڻ لاءِ تون خير خيراتون ۽ صدقا دعوتون به گهڻيون ئي ڪرين ٿو. پر انهن سان ٻيا ته ٺهيو پر رڳو تنهنجو پنهنجو من به توسان ڪونه ٿو ريجهي ڇو ته اهي به ته تون ٻين جي ڪمائيءَ تي ڪرين ٿو، انهن ۾ به تنهنجي پنهنجي پورهئي جو پگهر جو ڦڙو به شامل ڪونهي!“ هن جي هيءَ سڌي سچي ڳالهه ٻڌي، وڏيرو ماٺ ۾ اچي ويو ۽ ڪيتري دير ته هن ۾ اکيون کپايو ويٺي هن کي ڏٺائين. ۽ ڏسندي ڏسندي، نيٺ جڏهن ڪجهه ڳالهائڻ جهڙو ٿيو، تڏهن هن کان پڇيائين ته ”انهيءَ ڳالهه جو ڀلا ڪو علاج؟“ هن جواب ڏنس ته ”هائو، ان جو علاج به آهي، ۽ اهو به مون کي منهنجي ڀاڳ ٻڌايو آهي. ۽ ائين ٿيڻو به اوس آهي ۽ اهوهيءُ آهي ته زمين، جيڪا هوا، پاڻي ۽ اس وانگر ڪنهن جي ڪانهي ۽ سڀني جي آهي، پر جنهن کي پنهنجي ٿو سمجهين ۽ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ويٺو آهين، تنهن جي دعوا ڇڏ. ۽ ان مان ٻين جي پورهئي سان اپايل ميوي تي نه، پر پاڻ اها کيڙ ۽ پاڻ ان مان ان اپاء تنهن تي گذارو ڪر. ۽ ان مان وڻنئي ته دل کولي خير خيراتون ۽ صدقا دعوتون به ڪر ته پوءِ تنهنجي اندر مان اهو باهه جو آزار لهندو ۽ تنهنجو من سانت ٿيندو...“ هن جواب جو وڏيري تي جيڪو اثر ٿيو. سو ٻڌائڻ جو نه آهي، سمجهڻ جو آهي بس ائين چئجي ته وڏيرو تمجي ويو ۽ اکيون ائين ڦري ويس ڄڻ مٿس تڪبير وهي ويئي هئي، پر ماڻهو هئا، جي ڳالهه جي ڳنڍ ائين کلندي ڏسي، جي جتي سي تتي گلن وانگر ٽڙي پيا ۽ چوڌاري منجهن چؤٻول مچي ويو... هيڏانهن هن همراهه تان، جو ائين جوابن جو بار لٿو هو، ۽ ويتر جو وڏيري کي ٻڌائي هئائين کتي، سو ڏاڍو سرهو ٿي لڳو، ۽ وڏيري کي اهڙو بنهه حال کان نڪتل ڏسي چوڻ لڳو ته ”وڏيرا، جيڪڏهن سوال جو جواب بنهه ايڏو ڏکيو هو، ته اهو مون کان ڪري نه ڀائنج، حقي واجبي جواب ڪنهن جا منهن ڪونه ٿا ڏسن. مون کي جيڪو جواب مليو هو اهو مون توکي جيئن جو تئين پهچايو هاڻي تون ڄاڻي تنهنجا هي ماڻهو ڄاڻن، هوندن ڀاڳ سجاڳ ته پنهنجي پنهنجي ڌرتيءَ جو ٽڪر تو کان وٺي وجهندا ڇو ته ماڻهو آهي ئي ڌرتيءَ سان ۽ ڌرتي بنا ماڻهو جو ڀاڳ ڪهڙو؟“ جڏهن ڳالهه جو اتي وڃي ڇيهه ٿيو، ته سڀ ماڻهو دنبهو هڻي، اٿي کڙا ٿيا. ۽ هيءٌ همراهه به وڏيري جي اوطاق ڇڏي، راتو واهه اٿي پنڌ پيو. ۽ سڌو رخ رکيائين پنهنجي ڳوٺ ڏانهن. رات جي پوئين پک جو چنڊ به اڀري مٿي آيو هو. ۽ هيءُ ان کي اکئين ڪيو اڳتي وڌندو رهيو،. تان جو اوڀر کان سج به پنهنجون باکون ڪڍيون، ۽ هو ان پنهنجي سدوري صبح جا پهريان ديدار ڪندو. هلندو، پنڌ ڪندو، اڳتي ۽ تيئن اڳتي وڌندو رهيو. ۽ هلندي هلندي، پوئين پهر جڏهن ڏينهن ٺرندو آهي ۽ ماڻهن جو مال ۽ اڀ جا پرندا سڄي ڏينهن جي پٽ کوهه کان پوءِ پنهنجي پنهنجي وٿاڻ ۽ وانهيري ڏانهن ورڻ جي ڪندا آهن، تڏهن پري پري کان هن کي به پنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا، ۽ انهن کي ڏسي، هن جي دل خوشيءَ ۾ ٽمٽار ٿي ويئي، ۽ گهڻي گهڻيءَ دير اتي ان جاءِ تي ويهي، هو انهن کي اتان ڏسڻ ۽ پنهنجين آسائتين ابوريل اکين کي ٺارڻ لڳو، پوءِ جڏهن ويٺي ويٺي اتي هن کي دير ٿي ۽ سج لهڻ تي آيو. تڏهن هو اتان اٿي، تکيون تکيون وکون کڻندو، منهن سوجهري ۾ ئي اچي پنهنجي گهر جي کڙهه تي پهتو، ۽ پري کان پنهنجي ڀاڳ ڀري زال کي ڏسي، اتان ئي هن کي سڏ ڪيائين. ”او سوڳڻي سڀاڳڻ، منهنجي ساهه جي سانئڻ! ائين سمجهه ته ڀاڳ مان به پنهنجو ورايو پيو اچان!“ اتي هن جي زال به هن کي ڏٺو، ۽ وٺي ڏانهس ڊوڙ پاتائين، ۽ هو گهر جي اڱڻ ۾ جتي سندن ٻڪري ٻڌل هئي، پاڻ ۾ اچي گڏيا ۽ ڀاڪرين پئجي ويا. ۽ نئين سر ڄڻ منجهن سڪ ۽ سنيهه جا ساهه اپجي ويا، پهريائين ته زال کي هن پنهنجي پٽڪي جي ڳنڍ مان پڪا مٺا ڳاڙها صوفي ٻير ڇوڙي کارايا. ۽ هن ڀاڳ ڀريءَ وري پنهنجيءَ ٻڪريءَ کي ڏهي، ان جي ڪوسي ڪوسي سڄر کير جو وٽو هن کي پياريو، ۽ پوءِ هو ٻيئي ويٺا حال احوال ڪرڻ ۽ اڳتي لاءِ پنهنجي ڪم ۽ ڪرت جون صلاحون بيهارڻ ۽ رٿون رٿڻ. ۽ ائين ڳالهين ڪندي ڪندي، چار املهه ماڻڪ، جيڪي هن سمنڊ جي اجگر مڇيءَ جي ڪلين مان ڪڍيا هئا. ۽ سون جو ٽوٽو جيڪو هن صوفڻ ٻير جي پاڙن ۾ پوريل سونين سرن واريءَ ديڳ مان پنهنجي ڀاڳ جو ڀاڳ ڪري کنيو هو، سي هن ڀاڳن ڀريءَ پنهنجي زال کي هٿيڪا ڪري رکڻ لاءِ ڏنا، ۽ ائين گهڻيءَ گهڻيءَ رات تائين هو هڪٻئي سان من اندر جون ڳاليهون ڪندا، ۽ دل جا حال ونڊيندا ۽ ورهائيندا رهيا، تان جو ليٽئي ليٽئي ٻيئي پنهنجي خير خوشيءَ، پنهنجي سائي ستابي ٻني ٻاري، پنهنجن ڀاڳن سدورن پٽن کيرن، پنهنجي ڀلان ڀلي وهٽ هلٽ ـ پت سپت جا خواب ڏسندي ڏسندي، سمهي رهيا ۽ ٻنهي کي اسر اسر جو ٿڌيءَ مٺي هير تي، پهر اڌ لاءِ ننڊ کڻي ويئي. ڪتاب . ماڻهوءَ جو ڀاڳ مصنف. محمد ابراهيم جويو