قريشي شبير احمد
سينيئر رڪن
ميمڻ ڳوٺ ۾ رهان ٿو، ظاهر آهي ميمڻن سان ئي واسطو پيو پوي. سٺا ۽ ڪامياب تاجر. ميمڻ بوهري هجن، گجراتي هجن، هالن جا هجن يا شڪارپوري پئسي جي معاملي ۾ اصل کرا.
ڳاله ٿا ڪن ته جهاز ۾ ميمڻ کي آئن اسٽائن جي ڀر ۾ سيٽ ملي. آئن اسٽائن ميمڻ کي هڪ گيم ڪرڻ جي پيش ڪش ڪئي. مان سوال ڪندس توکي جواب نه آيو ته پنج ڊالر ڏيندين پوء تون ڀلي ڪهڙو به سوال ڪر، جيڪڏهن مونکي جواب نه آيو ته مان پنج سو ڊالر ڏيندو مائن. (ظاهر آهي ته آئن اسٽائن کي پنهنجي ذهانت تي ڀروسو هئو).
آئن اسٽائن سوال ڪيو زمين ۽ سج جي درميان گهڻو فاصلو آهي؟....... ميمڻ کي جواب نه آيو. چپ چاپ ۾ 5 ڊالر ڪڍي سندس هٿ تي رکيائين آئن اسٽائن خوش ٿي ويو.
هاڻي وارو ميمڻ جو سوال ڪيائين ته اها ڪهڙي چيز آهي جا جبل تي ٽن ٽنگن سان چڙهي ٿي ۽ چئن ٽنگن تي لهي ٿي. آئن اسٽائن چڪرائجي ويو. ليپ ٽاپ ڪڍي سرفنگ ڪيائين ڪلاڪ مٿي خوري بعد به جواب نه مليس. آڻ مڃي 500 ڊالر ميمڻ جي هٿ تي رکيائين ۽ پنهنجي واري تي ميمڻ کان ساڳيو سوال ڪيائين. ميمڻ دير ئي نه ڪئي، کيسي مان پنج ڊالر جو نوٽ ڪڍي آئن اسٽائن جي تريءَ تي رکيو سر مونکي پاڻ خبر نه آهي. اهو ديده دانسته لقاءُ ڏسي آئن اسٽائن بي هوش ٿي ويو. تڏھن ته چوندا آهن ته توهان ڀلي آئن اسٽائن هجو پر جتي پئسي جو معاملو هجي ته please don't under estimate the power of Memons.