مان سياستدان نه آهيان. اديب آهيان، ليکڪ آهيان. سياست منهنجي وس جو روڳ ناهي. ڪجهه عرصي کان مخالف ڌر جا ملان ۽ سندن ڍنڍورچي مون کي سياست ۾ گهيلي رهيا آهن. مان گهڻو ئي پنهنجا پلئه آجا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، پر رجعت پرست ملان نه ٿا مڙن. ڪو هفتو اهڙو نه گذريو آهي، جو هنن منهنجي خلاف پنهنجي ڪنهن رسالي، يا اخبار ۾ ڇوهه نه ڇنڊيا هجن. هڪ دفعي منهنجو سڄو سمورو ڪالم پنهنجي رسالي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيائون. ڪالم سان گڏ پنهنجي طرفان هڪ وضاحتي بيان به شايع ڪيائون جنهن ۾ لکيائون ته، ڏسو ته سهي هلال پاڪستان جو ڪالمسٽ ڪيئن ته حڪومت تي تنقيدي ڪالم لکيو آهي! بيوقوفن اهو نه ڄاتو ته پنهنجي وضاحتي بيان ۾ هو اڻ سڌي طرح هلال پاڪستان جي جمهوري پاليسيءَ جو اعتراف ڪري رهيا هئا! آزاديءَ جي مفهوم مان سرحدن جي تصور کي ڌار ڪري نٿو سگهجي. انسان کي عمل جي آزادي آهي. پر، کيس ٻئي ڪنهن شخص جي آزاديءَ جي حدن کي لتاڙڻو ناهي. انسان کي گهمڻ ڦرڻ جي آزادي آهي، پر ٻئي جي گهر ۾ ڪاهي پوڻ جي آزادي ناهي. آزاديءَ لاءِ سرحدون ضروري آهن، ورنه آزاديءَ ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهبو. سرحدن جي اندر رهي، مون کي لکڻ جي مڪمل آزادي آهي. مون پارٽي اخبار هلال پاڪستان ۾ اهڙا اهڙا ڪالم به لکيا آهن، جي هوند ڪنهن مخالف ڌر جي پرچي لاءِ لکان ته جيڪر هرگز شايع نه ڪن. هلال پاڪستان مان منهنجو ڪو ڪالم کڻي پنهنجي مفاد خاطر شايع ڪرڻ مخالف جماعتن لاءِ ائين آهي، جيئن دانگيءَ سان پنهنجو منهن ڪارو ڪرڻ. منهنجو ڪالم هڪ اديب جي انفرادي آزاديءَ جو شاهد آهي. منهنجي ڪالم کي مخالفت لاءِ استعمال ڪرڻ رجعت پرستن لاءِ منهن ڀت ۾ هڻڻ جي برابر آهي. گذريل هفتي راولپنڊيءَ ۾ تقرير ڪندي مخالف جماعت جي جوڊو پهلوان ظهور الاهي چوڌري منهنجي خلاف ڇوهه ڇنڊيا. منهنجن هڪ ٻن افسانن مان به ٻه چار سٽون ڪڍي آيو هو. سي سٽون ماڻهن کي پڙهي ٻڌايائين - ۽ پوءِ چيائين نه ڏسو ته سهي، ملڪ ۾ ڪيڏو نه انڌير آهي، جو هڪ ملحد، ڪافر، باغي ۽ غدار اڃا تائين جيئرو آهي، ۽ جيئرو ان ڪري آهي جو سنڌي آهي. يعني اسين جڏهن اقتدار ۾ اينداسين تڏهن کيس چو واٽي تي لٽڪائينداسين ۽ سندس لاش ڪتن کان کارائينداسين- کيس جيئرو نه ڇڏينداسين. اولهه کان سج اڀرندو. ملن جي اقتدار جو دور ايندو. ڦاسي گهاٽ سينگاربا. اسين صليبن تي لٽڪنداسين! اديب لاءِ مرڻ مهڻو ناهي. پر ملن جي اقتدار جو خواب ديواني جو خواب آهي. ها، اها ٻي ڳالهه آهي ته جوڊو پهلوان چوڌري ظهور الاهي جا ڇاڙتا ۽ حواري مون کي اغوا ڪري کڻي وڃن ۽ پوءِ ماري ڇڏين! ان جو امڪان آهي. مان گذريل سورهن - سترهن سالن کان لکي رهيو آهيان. هر اديب کي پنهنجين تخليقن جي سلسلي ۾ هاءِ گهوڙا کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. مون به اهڙين هاءِ گهوڙائن کي منهن ڏنو آهي. پر منهنجي خلاف باقاعدي ۽ سياسي سطح تي مخالفت تڏهن کان شروع ٿي آهي، جڏهن کان مون هلال پاڪستان لاءِ لکڻ شروع ڪيو آهي. ائين ته ناهي، مان بڙڇي بڻجي ملن جي هانءَ ۾ لڳو آهيان، ۽ سندن اعصابن تي سوار ٿي ويو آهيان! 3 جنوري 1976ع ڪتاب: ادب ۽ سياسيات مصنف : امر جليل