وچولو طبقو يا مڊل ڪلاس، ڪنھن به قوم جو ھڪ متحرڪ ۽ باعمل طبقو ھوندو آھي، جيڪو سياسي سرگرمين، ثقافتي ھلچل ۽ معاشي ميدان ۾ نيون نيون راھون پيدا ڪرڻ ۽ جامد (بيٺل) معاشري کي سلوڻو بڻائڻ لاءِ سدائين متحرڪ رھندو آھي. ھن طبقي جي ھڪڙي خاص خصوصيت آھي ”نقالي ڪرڻ“ زندگيءَ جي ھر شعبي ۾، رھڻي ڪھڻيءَ يا کاڌي پيتي جي شين جي تعميرات جي سلسلي ۾ ھو سدائين مٿئين طبقي يا حاڪم قوت ڏانھن واجھائيندو آھي. پر ان سان گڏ اھو طبقو مٿئين طبقي يا حاڪم قوت جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي مايوسين ۽ محرومين جو شڪار وڌيڪ سمجھندو آھي ۽ اُھا مايوسي ۽ محرومي ئي ھوندي آھي، جيڪا کين سياسي شعور جي لَھر، سرگرمي ۽ نظرين ڏانھن ڇڪي کيس سماجي تبديليءَ واري عمل ۾ ھڪ حد تائين سرگرم بڻائيندي آھي ۽ اُھو عمل ممڪن آھي ته ”آزاديءَ“ جي حاصلات تي ختم ٿي وڃي. اسان دنيا جي تاريخ ۾ ھاڻوڪي دور جي آزاديءَ جي ھلچلن ۾، ھندوستان، ڪينيا، صوماليا، زمبابوي، مصر وغيره ۾ انھيءَ طبقي جي سرگرمين، جولانين ۽ سرفروشين جا داستان پڙھي ۽ ڏسي سگھون ٿا. ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جي وچولي طبقي جي قربانين ۽ ڪوششن جو داستان ڪو گھٽ رنگين ۽ مجاھداڻو نه آھي. اھوئي سبب آھي جو مھاتما گانڌيءَ کي چوڻو پيو ته ”آزاديءَ جي جنگ ۾ سنڌ انھن صوبن مان سر فھرست آھي، جن تي اعتماد ۽ ڀروسو ڪري سگھجي ٿو.“ سنڌ جو اھو وچولو طبقو مذھبي ھاڃيڪارين جو شڪار ٿي ويو ڇو ته اھو زياده تر سنڌي ھندن تي مشتمل ھو ۽ 1947ع جي ورھاڱي کان پوءِ مذھبي نفرت جو شڪار ٿي سنڌ مان ھليو ويو. ان جي لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي سرزمين ”متحرڪ وچولي سنڌي طبقي“ کان ذري گھٽ محروم رھجي وئي ۽ اُھو خال اڃان تائين ڀرجي نه سگھيو آھي. اڄ سنڌ جو وچولو طبقو ھِنن جُزن تي مشتمل آھي: پڙھيل لکيل نوڪرين وارا ڪلارڪ، انجنيئر، ڊاڪٽر، ليڪچرار، استاد، اديب، شاگرد، ننڍا دڪاندار ۽ سئو ايڪڙ کان گھٽ زمين جا مالڪ آبادگار- اُھو طبقو يا اُن طبقي ۾ شامل قوتن جو سنئون سڌو ٽَڪر ڌارين ماڻھن سان آھي. اھو ھِن ڪري جو اھو طبقو پڙھيل لکيل ھجڻ، يا معلومات جي وڌيڪ وسيلن ھئڻ ۽ ڌارين ماڻھن سان رات ڏينھن لھ وچڙ ۾ رھڻ ڪري، وڌيڪ مايوسين ۽ محرومين جو شڪار آھي، پر انھيءَ مايوسيءَ ۽ محروميءَ جي باوجود وٽس ڪا چِٽي ۽ واضح سياسي سوچ ۽ نظرياتي پڪي پختي سوچيل سمجھيل واٽ نه آھي. جنھن جو نتيجو اُھو آھي جو ھيءُ طبقو بلڪل منتشر ۽ ٽڙيل پکڙيل آھي. ھن طبقي ۾ موجود مختلف مذھبي گروھن ۾ مذھبي تعصب موجود آھي، جيڪو ڪڏھن ڪڏھن فسادن جي صورت ۾ ظاھر ٿيندو رھي ٿو. وچولي طبقي جو ھندو مذھب سان واسطو رکندڙ عنصر، حڪومتي ادارن جي جبر جي خوف ۾ مبتلا آھي ۽ کيس ڊپ آھي ته وري 1947ع جھڙيون حالتون نه پيدا ٿي پون ۽ کيس سنڌ جا وڻ نه ڇڏڻا پون. مسلمان مذھب سان واسطو رکندڙ، وچئين طبقي جي نقاليءَ واري عياشيءَ ۾ گرفتار، عوام ڏانھن حقارت وارو رويو رکندڙ ذھنيت جي ڪري عوام سان لاڳاپو پيدا ڪري نه سگھيا آھن. ھتي عوام سان لاڳاپن پيدا ڪرڻ ۾ وچولي طبقي جي خاص ”اَنا“ رڪاوٽ بڻيل آھي. ان ڪري اڄ ڏينھن تائين انھيءَ طبقي سماجي تبديليءَ لاءِ ڪا مجاھدانه واٽ وٺڻ بدران آسانيءَ واري آسان قومي خدمت جي واٽ ورتي آھي. ٻھراڙيءَ جو آبادگار، شھري دڪاندار ۽ پڙھيل لکيل حصي کان ڪَٽيل آھي. ھو پنھنجي زمين ٽڪري جي آڌر تي پاڻ کي ھارين ۽ عام پورھيتن کان مٿي سجھي ٿو. واھڻڪي ذھنيت سبب ”شھري بابو“ ۽ دڪاندار جي سامھون پاڻ کي گھٽ علم ۽ عقل جو مالڪ محسوس ڪري، ھنن سان رلي ملي نٿو سگھي. انھيءَ جو ٽَڪر وري گڙنگ زميندار سان پاڻيءَ جي مسئلي تي ھوندو آھي. سندس ھٿ ۾ گھڻو ڪري درخواست ھوندي آھي ۽ ڪورٽن جا چڪر سندس مقدر بڻيل ھوندا آھن. ڪورٽن، آفيسن ۽ دڪانن تي ساڻس ٿيندڙ ورتاءُ جي نتيجي ۾ سوچيندو آھي ته انھن جاين تي جيڪڏھن منھنجي ٻولي ڳالھائيندڙ ھجن ھا ته جيڪر منھنجا پئون ٻارھن ٿي پون ھا. ٻھراڙيءَ ۾ اھو حصو، پنھنجي اولاد کي پاڙھڻ ۽ پنھنجي پڙھندڙ اولاد جي آڌار تي خوبصورت خواب ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ پوءِ جڏھن سندس پڙھيل پُٽ آفيسر ٿي نه سگھندو آھي تڏھن سندس ”قومپرستي“ ھيڪاري وڌيڪ سخت ۽ جارحانه ٿي ويندي آھي. شاگردن وارو حصو اڄ جي سنڌي سماج ۾ وڌيڪ باشعور، باھمٿ، ڪنھن حد تائين صحيح سوچ يا صحيح واٽ تي آھي، پر اُھو به وچئين طبقي جي مخصوص بيماريءَ – آءٌ پڻي (انا) ۾ مبتلا آھي ۽ سمجھي ٿو ته سموري قومي مسئلي جو حل مون وٽ آھي. آءٌ اڪيلي سير پنھنجي بھادريءَ ۽ سرفروشي ۽، ڏاھپ ۽ دانائيءَ سان اُن کي حَل ڪري سگھان ٿو. اھا سندس بنيادي غلطي، عام ماڻھن، ٻين تنظيمن ۽ سموري سياسي ماحول ڏانھن سندس لاڙي ۽ رويي کي مقرر ڪري ٿي ته ھِن کي عوام تي ڀروسو نه آھي. کيس سياسي قوتن جي ساٿ تي اعتماد نه آھي ۽ سياسي ماحول کي ھِن سنجيدگيءَ سان نه سمجھيو آھي. ان ڪري ھن کي عام ماڻھن، ٻين تنظيمن ۽ سياسي ماحول ڏانھن پنھنجي لاڙي ۾ تبديلي پيدا ڪرڻي پوندي ڪتاب : سنڌي سماج جو جائزو مصنف : عبدالواحد آريسر