سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ۽ آڪاش ملاح ڪيس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ۽ آڪاش ملاح ڪيس
    ستارزنگيجو

    سنڌ جو نوجوان سياسي ڪارڪن قومي اڳواڻ آڪاش ملاح کي 2 نومبر 2009 تي ڳجھن ادان کڻي گم ڪيوويو جنهن جو هيل تائين به ڪو ڏس پتو نه آهي. سندس مائٽ ۽ دوست ۽ سياسي ڪارڪن سندس زندگي بچائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۾آهن. احتجاجي مظاهرن هڙتالن کي وٺي هاءِ ڪورٽ جي انڪوائري ڪميشنن ،سپريم ڪورٽ، انٽرنيشنل ميڊيا ۾ آڪاش جي ڪيس کي سٺي ريت کنيو آهي تازو بي بي سي سائوٿ ايشيا پڻ وڏي پيماني تي رپورٽ ڪيو آهي. ورلڊسنڌي ڪانگريس آڪاش جي ڪيس کي ايمنيسٽي انٽرنيشنل ، اقوامِ متحده جي انساني حقن واري ڪائونسل آڏو پڻ رکيو آهي. تازو سپريم ڪورٽ هن جي ڪيس کي ڀرپور انداز ۾ کنيو آهي. جنهن ۾ روايتي طرح اميد جا ڪرڻا نظر اچن پيا ته جيڪڏهن آڪاش حال حيات آهي ته کيس ظاهر ڪيو وڃي. پر نه ڄاڻ ته آڪاش هيترن مهينن کان گمشدگي واري حالت ۾ ڪئين هوندو. آڪاش کي انکان پهرين به ڳجھن ادارن کڻي گم ڪيو هو. آڪاش ان کان اڳ 18 مهينا ڳجهن ادارن جي تحويل ۾ هو18 مئي 2006ع تي اغوا ڪري گم ڪيو ويو هو. هن جي پهرين گمشدگي ۽ آزادي کانپوءِ جڏهن هن سان ڪراچي ۾ ورلڊ ٽارچر ڊي تي ملاقات ٿي هئي ته هن ٻڌايو هو ته هن تشدد ايترو اثر ڪيو آهي جو هو دوستن کي صحيح طريقي سان سڃاڻي به نه ٿو سگھي. پر هاڻي جيڪڏهن آڪاش موٽي آيو ته سندس حالت ڪهڙي هوندي ان جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. آڪاش تي سڀ کان وڏو الزام اهورهيو آهي ته هو مسقتل سرگرم رهندو آهي. هي تمام گهڻو ايڪٽو ۽ انيرجيٽڪ بهادر سياسي ڪارڪن هو. هن ۾ اسٽيمنا ۽ تک تمام گھڻي هئي سنڌ جو نوجوان طبقو کيس تمام گھڻو چاهيندو هو ان لاءِ ته لاڳيتو ٻه ڀيراکيس جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي ۾ وائيس چيئرمين جي عهدي تي سوڀ ملي. سندس آزادي جو نه رڳو هن جا دوست ۽ سياسي ڪارڪن پر هاڻ سموري سنڌ هن جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿي. هن خيرت جي ڳڻتي سنڌ جي هر باشعور فرد کي آهي. افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ هن سميت ٻين گم ٿيل سياسي ورڪرن جي گمشدگي تي اسان جي سنڌ اسيمبلي مڪمل طريقي سان خاموش ۽ لاتعلق آهي. ڇو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو کڻڻ سان سنڌ ۽ پاڪستان جمهوريت ۽ بنيادي انساني حقن تي تمام گھڻا سوال اٿن ٿا. گذريل مهيني جي 22 مئي تي نيشنل ڪرائسز مينجمينٽ سيل جي انچارج فريد خان صحافين کي ٻڌايو هو ته سنڌ مان 19 کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن ۽ بلوچستان مان 112 تعداد ٻڌايو پيو وڃي . جڏهن به بلوچن موجب اهو تعداد هزارن ۾ آهي. ڪرائيسز ميمجمينٽ سيل موجب اهو ڪونه چيو ته گم ٿيل ماڻهو ڪي رياستي ادارن جي تحويل ۾ آهن.جڏهن ته انهي سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءِ جي حڪم تي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ هڪ ڪميشن جوڙيو ويو آهي. جنهن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي مائٽن کي انهي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. انهي ڪميشن کي 25 آڪسٽ 2010 تائين گم ٿيل ماڻهن بابت پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻي آهي. اهو ڪميشن پنهنجا اجلاس ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪندو. سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ڪوسٽ گارڊ ۽ ڳجها ادار مختلف ڪارڻن جي ڪري کڻي گم ڪن ٿا. اندازو اهو آهي آهي ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کان وڌيڪ سنڌي سامونڊي ماهيگيرن کي گم ڪيو ويندو. تازو ئي ٺٺي ضلعي جي جاتي تعلقي جي وچ شهر مان محمد حسن ٻورهيو نالي ماهيگير کي 21 مئي 2010 تي ذبردستي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. مقامي صحافي ۽ سندس مائيٽ انساني حقن جي تنطيمن سان ڀرپور طريقي سان رابطي ۾آهن. مقامي صحافين موجب محمد ٻورهيو کي ان لاءِ اغوا ڪيو ويو ته آهي هن تي دٻاءَ هو ته هو ڳجهن ادارن لاءِ ڪم ڪري. ٺٺي، بدين ۽ڪراچي جي لکين ماهيگرين کي مختلف طريقين سان دٻاءِ ۽ تشدد ۽ گم ڪري هيسايو وڃي ٿو يا کين دشمن ملڪ جي ايجنٽ هجڻ جي شڪ ۾ اغوا ڪيو وڃي ٿو. اهي ماڻهو جڏهن جبري ٽارچر سيلن جا عذاب سهي موٽي ماڳن ڏانهن اچن ٿا هڪ ته تشدد ڪارڻ اهي جسماني طور جڏا ٿي پون ٿا ۽ ذهني طور معزور ۽ چريا پڻ ٿي پون ٿا. پوءِ رياست جو ڪوبه ادارو انهن جو واءُ سواءَ ڪونه ٿو لهي. متاصر ٿيلن انهن فردن پويان ڪيترائي ڪٽنب فاڪاڪشي جو شڪار ٿي وڃن ۽ انهن لاءِ زندگي مستقل عذاب بڻجي وڃي ٿي. دنيا ۾ ڳجھا ادار ڪٿي به رياستي قانونن کان مٿاهان نه ٿا ٿين پر هن ملڪ قانون ۽ انسان حقن جي لتاڙ عام شي آهي. اڪثر رياستي ادارن جي اها نفسيات ٿئي ٿي ته اهي ڪنهن به فردکي گم ڪري حب الوطني جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. عام طور تي ڏٺو اهو ويو آهي ته سرڪار مذهبي دهشت گردن کي جلد ڪورٽن حوالي ڪري پنهنجي جند آجي ڪرائين ٿا. پر عام طور قومي سياسي ورڪرن آڪاش ملاح نور محمد خاصخيلي جهڙن ورڪرن کي ملڪ دشمن سمجهي مسلسل روايتي ڏاڍ جو نشانو بڻائيندي رهي ٿي. آڪاش ملاح ان کان اڳ به هڪڙي عذاب مان گذري آيو آهي. کيس 18 مهينن کان پوءِ ظاهر ڪيو ويو. بي بي سي سائوٿ ايشيا نيوز موجب رياستي ادارا جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کي ملڪ دشمن سمجهي جبري اغوا ڪن ۽ پوءِ سندن مائيٽ پنهنجي ڪوششن ذريعي هاءِ ڪورٽن تائين پهچن ٿا. پر اڪثر ڪري جبري گم ٿيل ماڻهن خلاف ڪابه چارج (ڏوهه) نه ٿو هجي.
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ۽ آڪاش ملاح ڪيس

    سائين تمام ڏک جي ڳالهه آهي الله تعالى کان دعا آهي ته شال انهن ظالمن کي هدايت ڏئي ۽‌ جيڪي به دوست ناحق انهن جي قبضي ۾ آهن انهن کي آزادي نصيب ڪري۔
     
  3. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ۽ آڪاش ملاح ڪيس

    سائين ان ڳالهه تي اسان کي به تمام گهڻو افسوس آهي، مالڪ سائين انهن کي ظالمن جي قبضي مان آزاد ڪرائيندو۔
     
  4. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: سنڌ ۾ جبري گمشدگيون ۽ آڪاش ملاح ڪيس

    ادا سائين اها وڏي افسوس جي ڳاله آهي جو هڪ سنڌجي نمائنده پارٽي جي حڪومت دوران اسان جا سنڌ ي ڀائر لا پتا آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو