بلاول جي سياست ۾ ايندڙ رڪاوٽون....!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    هڪ طرف ڀارت پاڪستان جو امن امان خراب ڪرڻ تي چاهي ته ٻئي پاسي اهائي ڀارت پاڪستان جون سرحدي ڀڃڪڙيون به ڪري رهي آهي جنهن جو تازو ثبوب اهو آهي ته ڀارت گذريل رات بنا جواز پاڪستاني سرحد جي ڀڃڪڙي ڪندي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ست پاڪستاني فوجي جوان شهيد ٿي ويا.ڀارت اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪري رهي ڇالاءِ ڪري رهي آهي.ڀارت جو سڀ ڪجهه انهي لاءِ ڪري رهي آهي ته ڀارت پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو ناڪام ٿي.. ڇو ته ڀارت اهو ڪڏهن به نه ٿو چاهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري ڪامياب ٿي،ان ڪري انهي معاهدي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ڀارت ڏينهن رات رڌل آهي،ڪڏهن ڪراچي جو امن خراب ڪري ته ڪڏهن ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سان ملي ڪري دهشتگردي ڪندو رهي ٿو ته ڪڏهن بلوچستان اندر پنهنجي دهشتگردي ايجنسي را کي موڪلي خدڪش حملا ڪندو رهي ٿو، انڊيا جي خفيه ايجنسي “را“ جنهن پنهنجو بلوچستان اندر هڪ وڏو ۽ وسيع ڄار وڇائي ڇڏيو آهي،جنهن جو صرف ۽ صرف اهو ئي مقصد آهي ته پاڪستان جي عوام دهشتگردن جي وڙ چڙهي وڃي ۽ ڪنهن به صورت ۾ پاڪ چين اققصادي راهداري ڪامياب نه ٿي،، پر پاڪستان ۽ چين ڪهڙي به صورت اندر انهي منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ جو وچن ڪري چڪا آهن.جنهن منصوبي جي شروعات ڪالهه کان ٿي چڪي آهي.ميان نواز شريف ۽ جنرل راحيل شريف جي اڳواڻي ۾ ڪالهه سي پيڪ منصوبي جي پهريون جهاز چين موڪلي ڇڏيو آهي.جڏهن ته انڊيا شروع کان وٺي پاڪستان جو مخالف رهيو آهي، پاڪستان سان هن جو ٺاهه ۽ ميسڙو لهجو انهي لاءِ هوندي آهي جنهن اندر صرف ۽ صرف سندس مقصد هوندو آهي، پر هن پاڪستان جي عوام ۽ انهي جي امن لاءِ نه ڪڏهن سنجيدا ويهي سوچيو آهي ۽ نه ئي ان مان اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي، ،پاڪ چين اقتصادي راهداري پاڪستان پنهنجي ڪاميابي جي منزلن ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ڀارت کي اها ڳالهه اکين ۾ مرچ جيان لڳي رهي آهي،انهي ڪري هو ڏسي ٿو ته ڪنهن نه طريقي سان هو انهي منصوبي کي ناڪام ڪري سگهي،انهي لاءِ ڀارت اندورني طريقين سان ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون آهن،پوءِ چاهي ڪراچي اندر دهشتگردي ڪري يا وري پشاور اندر معصوم ٻارڙن کي رت سان ونجهاري ڪري يا وري بلوچستان ۾ بم ڦاڙهي ڪري پر کيس هر بار انهي ڪريل سوچ اندر ناڪا مي ڏسڻي پئي آهي،ڇو ته پاڪستاني عوام ۽ پاڪستاني فوج پنهنجي ملڪ جي بقا لاءِ پنهنجي جان جو نظرانو ڏيندي به پوئتي ناهي هٽندي،،ڀارت شايد اها ڳالهه وساري چڪو آهي ته پاڪستان فوج کيس پنهنجي مقصدن ۾ ناڪام ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي،،ڀلي پاڪ چين اقتصادي راهداري کي ناڪام ڪرڻ لاءِ بين اقوامي سازشن جو ڄار وڇائي رهيو هجي،! پر آئون نه ٿو سمجهان ته ڀارت پنهنجي انهي سوچ ۾ ڪامياب ويندو،هن وقت پاڪ اقتصادي راهداري کي ناڪام ڪرڻ لاءِ بين اقوامي ڪوششون ڪيون پيون وڃن.جڏهن ته چين پنهنجي دوستي ۽ وفاداري تي قائم آهي چين جي سربراه جو چوڻ آهي ته پاڪستان اندر حالات ڀلي ڪهڙا به هجن پر کين پاڪستان فوج ۽ عوام تي يقين آهي ۽ رهندو،چين جو چوڻ آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان نه رڳو چين پر پاڪستان کي به تمام گهڻو فائدو پهچندو،پر اهڙيون دنيا قووتون جيڪي پاڪستان ۽ چين کي انهي اقتصادي راهداري کي ناڪام ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيون آهن،جيڪي نه ٿيون چاهين ته انهي اقتصادي راهداري سان پاڪستان کي فائدو پهچي، پاڪ چين اقتصادي راهداري هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن منصوبي اندر پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تيل ۽ گئس جي فراهمي ڪئي ويندي جنهن جي ڪري بلوچستان جي بندرگاه کان ويندي چين جي شهر جيانگ تائين تيل ۽ گئس جي رسائي ڪندي،جنهن جو ڪم تيزي سان هلي هريو آهي،هن منصوني جي تحت چين ۽ مشرقي ملڪن ۽ آفريڪي ملڪن سان ٿيڻ واري تجارت پاڪستان جي رستي ٿيڻ لڳندي،۽ اڪنامڪ ڪوريڊرو ۽ ان ملڪن جي لاءِ هي منصوبو هڪ دروازي جي شڪل اختيار ڪري وٺيندو.خاص طور تي مڊل ايسٽ مان برامد ٿيڻ وارو تيل گوادر بندر گاهه تي تي هلندو،ڇو ته گوادر بندر گاه خيلج فارس تي واقع آهي جتان پاڪستان کان تيل چين پهچي سگهندو، جڏهن ته مڊل ايسٽ کان چين ڏانهن موڪيل تيل12000ڪلوپيٽر جو مفاصلو طعي ڪري پاڪستان جي بندرگاهه گوادر پهچندو ته چين کي 12000ڪلوميٽر جي مفاصلي جي بچت ٿيندي،انهي ڪري انهي تيل جي رسائي ۾ چين کي فائدو رسندو ۽ پاڪستان جي معيشت مطبوط ٿيندي،انهي ڪري ڀارت کي اها ڳالهه تڪليف ڏئي رهي آهي ته پاڪستان جي معيشت ڇو بحال ٿي رهي آهي،انهي ڪري پاڪستان کي اها وسارڻ نه گهرجي ته ان کان پهرين به چيني آفيسرن تي پاڪستان اندر حملا ٿي چڪا آهن ۽ اها ڳالهه سچي آهي ته انهي حملن ۾ به ڀارتي ايجنسي “را“جو ئي هٿ هوندو..!“را“ پاڪستان جي قبائلي علائقن اندر پنهنجو پاڻ کي مظبوط ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، جيڪا چيني ماهرين جي جاني توڙي مالي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي،انهي ڪري هو چيني ماهرين کي اغوا ۽ انهن کي جاني نقصان پهچائن جون ڪوششون ڪري سگهي ٿو..انهي ڪري وزير داخلا سڀني صوبن جي وزيرن جي اهي هدايتون جاري ڪيون آهن ته مختلف پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ وارن چيني ماهرين جي سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي جڏهن ته صرف ڀارت نه پر دنيا جا ٻيا ملڪ جن ۾ آمريڪا، ۽ ٻيا ملڪ جيڪي معاشي ترقي جي پروگرامن کي ناڪام ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن،اهي پنهجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي نه وڃن، ڇو ته انهي منصوبي تحت پاڪستان جي چين ۽ سينٽر ايشيا تائين رسائي حاصل آهي،۽ انهي منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ تي پاڪستان اربين ڊالرن جي ٽرانزٽ فيس انهي منصوبي تحت ملندي ۽ گوار بندگاهه تي اربن رپين جي سرمايه ڪاري ٿيندي،

    غلام مصطفيٰ جمالي کڏهرو موري ضلع بدين

    0333.3737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو